Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_i1sevo9e2ldmbfef9pnrgsq7np, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
امن جو خواب ۽ ڪنگري تعلقو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar امن جو خواب ۽ ڪنگري تعلقو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

امن جو خواب ۽ ڪنگري تعلقو

سمورا سنڌ واسي پنهنجي ڌرتي تي امن ۽ محبت جو خواب ڏسندا آهن ،اهڙي طرح خيرپور ضلعي جي تعلقي ڪنگري واسي به پنهنجي علائقي ۾ امن ۽ محبت جو خواب ڏسن پيا ڪنگري تعلقو زراعت، روزگار ۽ واپار سان مالا مال آهي پر گذريل ڪيتري عرصي کان هن تعلقي ۾ قبائلي تڪرارن سبب خوشيون ۽ خواب کسجي ويا آهن، ڪنگري تعلقي ۾ هلندڙ ڪيترن ئي قبائلي جهيڙن نه صرف هتي انساني جانيون ڳڙڪايون آهن پر هن تعلقي جو معاشي قتل عام پڻ ڪيو آهي. ڪنگري جي ڪچي ۾ اوڍا، الرا، ناريجا، ڀٽا، جتوئي، ڪلهوڙا ،سميت مختلف برادرين ۾ تازو ئي خوني جهيڙن جي باهه ڀڙڪي اٿي آهي ۽ سمورو تعلقو هڪ اهڙي خوف ۾ وڪوڙجي ويو آهي ڄڻ ڪنهن ملڪ ۾ جنگ واري حالت هجي ۽ هر ماڻهو پاڻ بچائڻ ۾ پورو هجي. هن تعلقي ۾ به ان جنگ واري صورتحال کان ڪا گهٽ صورتحال نظر ئي نٿي اچي ڏينهن هجي يا رات هر ماڻهو جي هٿ ۾ هٿيار آهي ڪجھه ڏينهن اڳ ڪنگري جي ڪچي ۾ پوليس پاران ڌاڙيل اقبال ناريجو ، پٺاڻ ناريجو ، زاهد ناريجو ،ملڻ شيخ ، عباس ناريجو ، مولا بخش ڪلهوڙو  مارڻ جي دعوا ڪئي وئي هئي ته ٻئي پاسي بدنام زمانا ڌاڙيل نظرو ناريجو جي پٽ ۽ پٺاڻ ناريجو جي ڀائيٽي رب رکيو هڪ وڊيو بيان ۾ پوليس جي اهڙي مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏيندي الزام هنيو ته اسان جا ماڻهو ڪلهوڙا برادري ۽ پڻيا برادري جي سوين ماڻهن جي ڪاهه ڪري حملي دوران مارجي ويا آهن جنهن مان ان جو چوڻ هيو ته ڪلهوڙا برادري پاران پراڻي دشمني تان اسان جا ماڻهو جهيڙي ۾ مارجي ويا.
پوليس ته سرڪاري مدعيت هيٺ کڻي ڪيس داخل ڪري پنهنجي جان آجي ڪري ڇڏي پر ان مسئلي مان ڪلهوڙا، ناريجا تڪرار جي تلوار لٽڪي رهي آهي ۽ علائقي واسين ۾ بي چيني ۽ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ته تازو ڪنگري تعلقي ۾ اوڍا، ناريجا تڪرار ڪر کنيو آهي جنهن سبب فيض محمد ٻنڊو واري علائقي ۾ ناريجا ۽ اوڍا برادري جي ماڻھن هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پندرنهن سالن جو شاگرد سڄڻ ناريجو موقعي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته پلاند ۾ اوڍا برادري جو مزدور ٽريڪٽر ڊائيور رب ڏنو اوڍو پڻ قتل ٿي ويو، جتي به خيرپور پوليس روايتي ڪردار ادا ڪندي مارجي ويل شاگرد سڄڻ ناريجو کي ڌاڙيل ڄاڻائي مبينا مقابلي جي دعوا ڪئي ته ٻئي پاسي ناريجا برادري جي ماڻهن قتل ٿيل ٻنهي ڄڻن کي قبائلي تڪرار جو نتيجو ڄاڻايو پر پوليس مارجي ويل شاگرد سڄڻ ناريجو کي به ڌاڙيل احمد ناريجو جي گينگ جو ساٿي ڄاڻائي قتل ٿي ويل شاگرد سميت احمد ناريجو ، راحب ناريجو، دادن ناريجو سائين ڏنو ناريجو ، مينهون ناريجو، رشيد ناريجو سميت 50  کان وڌيڪ ماڻهن مٿان به سرڪاري مدعيت ۾ پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ڌاڙيل ڄاڻايل پندرنهن سالن جي عبدالرشيد ناريجو به هڪ وڊيو ۾ بيان ڏيندي پوليس جي اهڙي ڪارروائي کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته اوڍا، ڀٽا ، جتوئي، برادري جي سوين ماڻهن ڳوٺ تي حملو ڪيو جنهن ۾ سندس سئوٽ سڄڻ ناريجو قتل ٿي ويو آهي.
ڪنگري تعلقي ۾ هلندڙ قبائلي تڪرارن کي روڪڻ لاءِ مختلف وقتن تي سياسي،  سماجي ، مذهبي ڌرين سميت قومپرست جماعتون پڻ ڪوششون ڪنديون رهيون آهن. تازو ئي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ امجد مهيسر ،هاشم راهوجو سميت سوين ڪارڪن ساڻ ڪري علائقي جي نيڪ مرد سان گڏ نياڻيون ۽ پاڪ ڪتاب کڻي جهيڙندڙ ڌرين ڏانهن پهتا ۽ قبائلي جهيڙن جي خاتمي جي اپيل ڪئي  ۽ جي يو آءِ پاران مولانا ثناالله به پنهنجي ڪارڪنن سان جهيڙندڙ ڌرين ڏانهن ميڙ منٿ قافلا به وٺي ويو ۽ ڌرين پاران ڳالهين ذريعي جهيڙن جي حل لاءِ راضپو به ڏيکاريو ويو ته اوچت تازو ٿيل جهيڙي ۾ ٻن ماڻهن جي قيمتي جانين جي نقصان انهن ڪوششن کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏيو آهي. ڪنگري تعلقي ۾ اوڍا ، الرا ، ناريجا ، ڀٽا، جتوئي جي هلندڙ قبائلي تڪرارن سبب نه صرف انساني جانيون ضايع پيون ٿين پر اتي هزارين ايڪڙ سر سبز زمينون پڻ برباد ٿين پيون. ڪچي جو سرسبز علائقو جهيڙن سبب پنهنجي منفرد ۽ فطري حسن کان پڻ محروم ٿيندو پيو وڃي ۽ زرعي آمد ۽ واپار ۾ پڻ ڏينهون ڏينهن گهٽتائي اچڻ ڪري نه صرف ڪنگري تعلقي پر ضلعي کي وڏي معاشي نقصان کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. زرعي زمينن جي غير آبادي سبب هن علائقي جا ماڻهو روزگار کان به محروم بڻيل آهن، ڪچي جي علائقن ۾ جهيڙندڙ برادرين جي وڏن کان ويندي ننڍي عمر جي ٻارن جي هٿن ۾ پنهنجي دفاع لاءِ جديد هٿيار کڻڻ مجبوري بڻجي وئي آهي جنهن ڪري نه صرف انساني زندگيون داءُ تي لڳل آهن پر ان سان گڏوگڏ هتي وڏو معاشي قتل عام ٿي رهيو آهي ۽ بدامني کي هٿي ملي رهي آهي ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته حڪومت ۽ پوليس امن بحال ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي جيڪو ڪنگري واسين جو خواب بڻيل آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *