تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

اميد جو انت

ھو ملڪ جو وزير اعظم آھي؟
ھو ته اميد جو انت آھي. سرڪاري ميخاني جي ڪنڊ ۾ پيل. خالي بوتل جھڙو. ڪڏھن ھن ۾ ڪيڏو نشو ھو؟ ڪيڏي مستي ھئي ھن ۾! ھن ماڻھو نچايا. انھن ماڻھن گيت ڳايا. اڄ ھن جا سمورا سياسي رند ھينگ اوور ۾ آھن. انھن جو مٿو سرڪاري سور سبب ڦاٽي ٿو. ڪاڏي ويا اھي ھجوم؟ جن جي منھن تي مٽي ھئي. جن جي جھول ۾ گل ھئا. اڄ انھن جو حشر اھڙو آھي، جھڙو اردوءَ جو اھو شعر:
”ڪبھي لوٽ آئين تو پوڇنا نھين، ديکنا انھين غور سي
جنھين راستي مين خبر ھوئي، ڪه يه راسته ڪوئي اور ھي“
جيالن سان به جٺ ٿي ھئي. پر جيڪو ڪجھه عمران خان ڪيو، اھو ڪجھه ڪنھن به نه ڪيو. ھو ھڪ پائپر ھو. ڪائو بواءِ ھيٽ وارو. جنھن کي چپن تي ھڪ فليوٽ ھئي. ھن ملڪ جي سمورن ٻارن کي مايوسيءَ جي غار حوالي ڪيو. ھاڻي اھي ٻار ٻاھر نڪري آيا آھن. انھن کان نه پڇو سياسي دوکي جو مطلب! عمران خان ھڪ ليڊر نه ھو. ھو ته سپنن جو سوداگر ھو. ھن ڪھڙا ڪھڙا خواب ڏيکاريا عوام کي! نئين جھان جا خواب، نئين ڌرتي ۽ نئين آسمان جا خواب، ڀرپور بھار جا خواب، ھاڻي اھي خواب سرءُ جي پنن وانگر اڏامي رھيا آھن. سياسي عشق ۾ دوکو کاڌل اھي ڇوڪرا ۽ اھي ڇوڪريون، ھاڻي ڪٿي آھن؟ ھو جيڪي پراڻي جينز پائي ايندا ھئا. ھو جيڪي بريانيءَ جي ٿيلھيءَ جا بکيا نه ھئا. انھن جي ھٿ ۾ منرل واٽر جي بوتل ڪافي ھئي. ھو ان ۾ ووڊڪا وجھي نه ايندا ھئا. انھن کي ته اڻ پيتيءَ جا نشا ھئا. ھو جيڪي بنگلن مان نڪرندا ھئا. ھو جيڪي اڌ رات تائين فٽ پاٿ تي فقيرن وانگر ويٺا ھوندا ھئا. ھو جيڪي پوئين پھر گھر موٽندا ھئا. ھو جيڪي گھر وارن جا طعنا سھندا ھئا. ھو اھڙا ھوندا ھئا، جھڙا برسات جي پاڻيءَ ۾ پسيل ڪبوتر! مھانگن آکيرن وارا اھي ڪبوتر اڄ ڪٿي آھن؟ ھاڻي ته انھن جي مقدر ۾ فقط مھڻا آھن. ھو جيڪي ڪالھه ڀٽائيءَ جي ان بيت وانگر سوچيندا ھئا ته:
”آئون طعني سوڌي تنھنجي، تون طعنو ئي مون
سو ڪجھه سريوسون، سرتين جيڪو نه سريو“
ھو جيڪو معراج محمد خان جھڙو مقرر نه ھو. ھو جيڪو رسول بخش پليجي جھڙو چارمنگ ۽ ڳالھين جو ڳھير نه ھو. ھو ھڪ دوست جھڙو ھو. ھن ھزارن دوستن سان دوکو ڪيو. ھن لکن ماڻھن جو من دکايو. ھن اڻ ڏٺل عاشقن کي بي وفائيءَ جو ذائقو چکايو. ھاڻي ماڻھن کي ھن جا ٻول ۽ قول ڪوڙڪين وانگر محسوس ٿين ٿا.ھن ايئن ڇو ڪيو؟ اھو سوال انھن نوجوانن جي سينن تي سپ وانگر سري ٿو. وڇونءَ وانگر ڏنگي ٿو. هو هن جي باري ۾ گهڻو غور به نه ٿا ڪن. انهن کي محسوس ٿئي ٿو ته جيڪڏهن انهن پاڻ سان ٿيل سياسي دوکي جي سلسلي ۾ سنجيدگيءَ سان سوچيو ته انهن کي نفسياتي ماهر جي مدد وٺڻي پوندي. ان ڪري هو پنهنجي زندگيءَ جي ان پيرڊ کي وسارڻ چاهين ٿا. هو پاڻ کي اهو محسوس ڪرائڻ چاهين ته انهن جي سياسي ديوانگي هڪ خواب هو. پر اڄ به اها هر هر حقيقت جو روپ وٺي انهن جي آڏو اچي ٿي. هو جن هاڻي ٽاڪ شوز ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن. پر سوشل ميڊيا تي اهي جڏهن پنهنجي پراڻي ليڊر جون نيون ترڪ تاليون ڏسن ٿا، تڏهن هو تمام گهڻي تلخي محسوس ڪن ٿا. هو اڄ به ڪنهن پور ۾ پيهي سوچين ٿا ته جيڪڏهن هو سچو هجي ها ته “نئون پاڪستان” ٺاهڻ مشڪل نه هو. هو ستارن تي ڪمند اڇلڻ وارا نوجوان هئا. انهن جي صرف ڪلهن کي استعمال ڪيو ويو.عمران خان جي لاءِ ته اها سياست هئي پر انهن نوجوانن جي لاءِ اهو زندگيءَ جو پهريون پيار هو. هو پنهنجن دوستن کي پارٽيءَ ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪيترا نه جتن ڪندا هئا. هو انهن کي ڪيئن نه مطمئن ڪرڻ ۽ انهن جي خوفن توڙي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي دل ۽ دماغ مان ڪيترا نه نوان دليل آڻيندا هئا. جڏهن انهن کي انهن جون گرل فرينڊس يا انهن کي انهن جا بواءِ فرينڊس سندن سياسي سمجهه ۽ صلاحيت جو داد ڏيندا هئا ته انهن جي مک تي عجيب لڄ ۽ اعتماد واري لالاڻ پکڙجي ويندي هئي. هو ڪڏهن ڪڏهن خود ڪلامي ڪندي پاڻ کي “نئين پاڪستان” جو معمار سمجهندا هئا. هو بنا پروٽوڪول واري اهڙي حڪومت جوڙڻ هليا هئا، جهڙيون حڪومتون يورپ ۾ هونديون آهن. هو ايشيا جي هڪ ماڊل حڪومت ٺاهڻ واري عظيم ڪم ۾ مشغول هئا. هو جيڪي انگريزيءَ ۾ سوچيندا هئا ۽ پنهنجن خيالن کي آهستي آهستي اردوءَ ۾ ٽرانسليٽ ڪندا هئا. هو سوچيندا هئا ته انهن کان قدرت تمام وڏو ڪم وٺڻ چاهي ٿي. انهن جو خيال هو ته هو تاريخ ساز قوت آهن. انهن کي فخر هو ته هو امير خاندانن مان هجڻ جي باوجود به ملڪ جي غريبن لاءِ اهو ملڪ تعمير ڪري رهيا آهن، جنهن جو خواب قائد اعظم ڏٺو هو.هو پاڻ کي پارٽي نه پر هڪ ٽيم سمجهندا هئا. انهن کي پنهنجي ڪپتان تي ناز هو. هو لطيف جي لفظن ۾ نئين نينهن سبب ڳرندا به هئا ۽ ڳالهيون به ڪندا هئا. انهن کي عمران خان جي بي پرواهي تمام گهڻي پسند هئي. هو ڪٿي ويهي ٿو. هو ڪٿي ليٽي آرام ڪري ٿو. هو ڪهڙي گلاس ۾ پاڻي پيئي ٿو. هو عام ڍاڀا هوٽل تي ويهي دال ۽ نان کائي ٿو. هن جون اهي ادائون انهن کي هن جو اسير ڪري ويون. هو ڪپتان جي شخصيت مان مڪمل طرح سان موهجي ويا هئا. پر جڏهن عمران خان اقتدار ۾ آيو تڏهن انهن نوجوانن جو سحر ٽٽو. تڏهن ٻارن جي ڪهاڻيءَ وانگر “نه اهو محل هو، نه اها پري هئي، نه پاڻيءَ جا چشما هئا، نه اهو چمن هو، نه وڻ، نه پکي، نه گل، ڪجهه به نه هو.” ان ڪڙي ڪيفيت مان نڪرڻ لاءِ ڪنهن گهڻي پرسينٽ وارو بيئر پيئڻ شروع ڪيو. ڪنهن پراڻي ڪمپني ڇڏي، نئين ڪمپنيءَ کي جوائن ڪيو. ڪو ٻاهر هليو هو. ڪوئي ڏاڙهي رکي مذهبي ٿي ويو. انهن سان اهو ئي ڪجهه ٿيو، جيڪو “آخري شب جي همسفرن” سان ٿيندو آهي.
هو هاڻي به تمام گهڻي تلخي ۽ تڪليف سان سوچيندا آهن ته “انهن کي کڻي ٻيا به سهارا آهن. انهن وٽ وڏو گهر، گهڻي دولت، نيون گاڏيون، ڌيان مٽائڻ جي لاءِ تمام گهڻا رستا ۽ راهون آهن. جيڪڏهن اهي اوزار ڪم نه اچن ته هو گهٽ ۾ گهٽ شهر جي سڀ کان ماهر سائڪياٽرسٽ سان سيشن ڪري سگهن ٿا. انهن کي ٿراپي حاصل ٿي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن ٻيو ڪجهه به نه ته گهٽ ۾ گهٽ هو شام جو ستين وڳي کان پوءِ پنهنجي دل جو پورو دک بوتل ۾ لاهي سگهن ٿا. پر اهو سوچين ٿا ته پوري پاڪستان جو اهو عوام جيڪو عمران خان کي پنهنجي ملڪ جي آخري اميد سمجهندو هو. اهو عوام جيڪو نه رڳو پاڻ پر پنهنجن ٻارن ٻچن کي تحريڪ انصاف جي جلسن ۾ وٺي ويندو هو. لوئر مڊل ڪلاس جون اهي ڇوڪريون، جيڪي پنهنجن ڳلن تي پي ٽي آءِ جي جهنڊي جي پينٽنگ ڪرائينديون هيون. جيڪي هٿ هٿ ۾ ڏئي سارين جي سنگن وانگر لهرائينديون هيون. جيڪي ڳائينديون هيون:
”جب آئي گا عمران، سب ڪي جان،
بڙهي گي اس قوم ڪي شان، بني گا تيرا پاڪستان“
اهو شان ڪٿي آهي؟ هاڻي ان شان جو تذڪرو به شرمندگيءَ جو سبب بڻجي پيو آهي. هاڻي انهن سمورن گيتن جا گلا گهٽيا ويا آهن، جيڪي ڊي جي بٽ وڏي مهارت سان وڄائيندو هو.هن وقت هن جا حامي ته ڇا پر هن جا پراڻا مخالف به اهو اعتراف ڪرڻ کان نه ٿا ڪيٻائين ته “بلاشڪ هو پاڪستان جي هر سياسي پارٽيءَ کان وڏي اميد هو. هن جي حڪومت اميدن جو انت آهي“اميد جو انت ڪيترو نه ڪٺن هوندو آهي؟ جڏهن اميد باقي نه بچندي آهي ته وقت واڳونءَ جو وات بڻجي ويندو آهي ۽ زندگي ان ۾ تمام گهڻي تڪليف محسوس ڪندي آهي.هن ملڪ جا ماڻهو بينظير ڀٽو تي به چڙندا هئا. پر پوءِ به هن جي ڀت تان لاٿل تصوير کي ٻي ڪيفيت ۾ ڀت تي ٽنگي ڇڏيندا هئا. پر عمران جي ڦاٽل پوسٽر کي ته هن جو هاڻي ڪو حامي به رستي تان کڻڻ لاءِ تيار ناهي. اهو محبت جو موت آهي. اهو ڪمال جو زوال آهي. اهو اڀريل سج جو غروب آهي. اها سياسي ناڪاميءَ جي انتها کان اڳتي جي ڳالهه آهي. ان ڪيفيت جي لاءِ نون لفطن جي ضرورت درپيش آهي. في الحال ته ان احساس کي “اميد جي انت” ۾ سمائي سگهجي ٿو

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *