تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

انساني حياتي ۽ پوليس جو ڪردار

پوليس خلاف شڪايتون ختم ٿيڻ اسان جهڙن معاشرن ۾ تقريبن ناممڪن نظر اچي رهيو آهي ،اها پنجاب پوليس هجي يا سنڌ پوليس پر جيڪڏهن انهن جو عمل ڏسبو ته ٿوري گهڻي فرق کانسواءِ انهن جو ڪردار هڪجهڙو ئي نظر ايندو. ڏوهارين جي سرپرستي کان وٺي عام ماڻهن کي بلاجواز تنگ ڪرڻ تائين ڪهڙو معاملو آهي جيڪو پوليس نه ڪندي هجي.منشيات فروشن جي سرپرستي هجي يا گينگ جي صورت اختيار ڪري ويل ڏوهارين سان واسطا،ڌاڙيلن جي نيٽ ورڪ سان دوستي هجي يا عادي مجرمن کي پنهنجي مخصوص مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ اهو سڀ اها پوليس ڪري رهي آهي جن جي فرضن ۾ انهن سڀني شين کان معاشري کي پاڪ ڪري صاف سٿرو بڻائڻو شامل آهي هتي ته قصو ئي اونڌو آهي پوليس ڏوهن جي خاتمي بدران انهن کي وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
ڪراچي ۾ پوليس جو هڪ اهڙو ئي “ڪارنامو” پوليس خلاف شاهدي ڏئي رهيو آهي ته ڪيئن بيگناهه ماڻهن کي پنهنجو شڪار ڪري اصل جوابدارن يا ڏوهارين کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪي جوابدار اصل ۾ پوليس لاءِ ڪمائي جو ذريعو آهن.ڪراچي جي انڊسٽريل ايريا جي پوليس لاڙڪاڻي واسي هڪ نوجوان کي بدنام منشيات فروش تاجو ابڙو ڄاڻائي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو ۽ دعويٰ ڪئي ته مارجي ويل خلاف 12 ڪيس داخل ٿيل آهن ۽ گهر واري سان گڏجي منشيات جو ڪاروبار ڪندو هو ،جڏهن ته پوليس دعويٰ موجب تاجو ابڙو جي ٽن ڀائرن عامر ،خان محمد۽ عبدالغفار تي به ڪيترائي ڪيس داخل آهن.هوڏانهن مارجي ويل نوجوان جي وارثن پوليس دعويٰ کي رد ڪندي چيوآهي ته مارجي ويل نوجوان تاجو ابڙو نه پر فيصل آهي جنهن جي سڃاڻپ فنگر پرنٽس ذريعي ڪئي وئي آهي، پوليس کيس مسجد مان گرفتار ڪري وٺي وئي ۽ ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو،فيصل ڪجهه مهينا اڳ شادي ڪئي هئي ۽ هفتو پهرين گهر واري کي گهمائڻ لاءِ ڪراچي وٺي آيو هو.فيصل جي وارثن موجب پوليس جن ٻين ٽن کي مارجي ويل نوجوان جو ڀاءُ ڄاڻائي رهي آهي اهڙن نالن سان ڪو به فيصل جو ڀاءُ نه آهي،پوليس فيصل کي تاجو ابڙو ڄاڻائي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو آهي،هنن مطالبو ڪيو ته نوجوانن کي مقابلي ۾ ماريندڙ پوليس اهلڪارن تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.
مارجي ويل نوجوان جي وارثن طرفان بيان ڪيل وارتا کانپوءِ پوليس جي دعويٰ ۾ ڪيترا ئي جهول نظر اچي رهيا آهن، سڀ کان وڏي ڳالهه ته پوليس جن ماڻهن کي مارجي ويل نوجوان جا ڀائر ڄاڻائي رهي آهي مائٽن موجب انهي نالي سان مارجي ويل فيصل جا ڪي به ڀائر ناهن. ڪنهن به انسان جي زندگي جو ڪو به ملهه ناهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن به پوليس پارٽي جي لاپرواهي ،غفلت ،دشمني يا ڪنهن ٻئي کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ ڪنهن بيگناهه جي حياتي وڃائجي وڃي ٿي ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ڏوهه ٿي ئي نه ٿو سگهي. اهو به انهن هٿان جن جي فرضن ۾ ئي ماڻهن جي حياتين جي حفاظت ڪرڻ آهي.
اسان سمجهون ٿا ته مارجي ويل نوجوان جي حياتي ته واپس ورائي نه ٿي سگهجي پر پوليس جي اعليٰ ڪماني جو اهو فرض ٿو بڻجي ته معاملي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي اصل حقيقت ظاهر ڪئي وڃي ۽ متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.جيڪڏهن پوليس اهلڪارن جي انهي ۾ ڪا غفلت ، لاپرواهي ۽ لالچ ظاهر ٿئي ٿي ته انهن کي قانون مطابق اهڙي سزا ڏني وڃي جيئن ٻيو ڪو نوجوان اهڙي رهزني جي شڪار نه ٿئي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *