Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_ef5fchn17tgjjbjuthfsglgso6, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
انساني مسيحا ۽ سماجي رويا - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar انساني مسيحا ۽ سماجي رويا - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

انساني مسيحا ۽ سماجي رويا

هن وقت جڏهن ڪورونا جهڙي عالمي وبا دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي ماڻهن کي وڪوڙي چڪي آهي، لکين انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ هن وبا سڄي دنيا ۾ معيشت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، هونئن به هڻ وٺ واري سماج ۾ هاڻي انسانيت ۽ اخلاقيات رڳو ڪتابي ڳالهيون لڳن ٿيون، عملي طور انهن جو مظاهرو ڪندي شايد ئي ڪو ماڻهو نظر ايندو هوندو ۽ پوءِ اهڙو ڪو انسان ملي وڃي ته پوءِ يقينن اھو انساني مسيحا ئي ٿي سگھي ٿو.
جھڙي ريت ، ذاتي ڪردار جو تعلق پيشي سان ڳنڍيل ناهي هوندو، ائين ئي استاد والدين طور ليکيا وڃن ٿا پر پرائمري اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين استادن جي روپ ۾ ڪيترائي اهڙا وحشي به موجود آهن، جيڪي اولاد جي حيثيت رکندڙ پنهنجي معصوم شاگردن توڙي شاگردياڻين کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻائين ٿا. سندن ان قسم جي عمل جو مطلب اهو ناهي ته سمورا استاد خراب آهن، ساڳي ريت سرڪاري تو ڙي خانگي اسپتالن ۾ مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل ماڻهن جو علاج ڪندڙ مسيحائن ۾ يقينن سڀئي فرشتا صفت نه هوندا پر سڀئي مسيحا به ڪاروباري سوچ جا نه هوندا ۽ انهن جي لاءِ مريض گراهڪ نه پر مريض ئي هوندو. اهي مرض جي خاتمي لاءِ نيڪ نيتي سان به ڪم ڪندا هوندا، پر اسان وٽ جيڪڏهن ڪو اسپتال ۾ مريض مري وڃي ٿو ته انهي تي فوتي جي وارثن جو نه رڳو رويو منفي هجي ٿو پر اهي ته ڊاڪٽرن تي تشدد ڪري، جاني دشمن بڻجيو وڃن ٿا، جڏهن ته ڪو به ڊاڪٽر پنهنجي وس آهر اهو نه چاهيندو ته مريض سندس آڏو مري وڃي پر هو حياتي بچائڻ جي ڪوشش نه ڪري اهو ناممڪن آهي، ڪردار ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪي ڊاڪٽر لالچي هجن يا بدڪردار هجن پر انهي جو اهو مطلب ناهي ته سمورن ڊاڪٽرن تي آڱريون کنيون وڃن ۽ سندن ڪردارڪشي ڪجي، اهڙي عمل سان اسين پنهنجي مسيحائن جو وڏو انگ وڃائي ويهنداسين، انهي ڪري سماجي روين جي تبديلي وقت جي انتهائي اهم ضرورت آهي، خاص طور هن وقت جڏهن ڪنهن به ڪورونا متاثر کي سندس گهر وارا پنهنجي ڀر ۾ به نٿا ويهارين، هڪڙي الڳ ڪمري ۾ آئيسوليٽ ڪن ٿا تڏهن انهن ئي مريضن جو ڊاڪٽر، نرسنگ اسٽاف يا پيرا ميڊيڪل اسٽاف وارا علاج ڪن ٿا، سندن سار لهن ٿا،جيتوڻيڪ انهي جي عيوض کين سرڪار يا خانگي اسپتال اهو معاوضو ادا ڪري ٿي، پر انهن جي خدمت انهي معاوضي کان الاهي وڏو جذبو آهي، انهن مسيحائن تي هن وقت سوشل ميڊيا توڙي عام زندگي ۾ ملندڙ ماڻهن جي واتان تهمتون ٻڌي ڏک ٿئي ٿو.
اسانکي ڪيترائي ماڻهو ملن ٿا جيڪي ڪورونا کي مرض طور اڃا تائين تسليم ئي نٿا ڪن ته اهي احتياطي تدبيرو ڪٿي ٿا ڪن. وري جيڪي ڪورونا کي وائرس طور خطرناڪ سمجهن ٿا اهي چون ٿا ته اسپتالن ۾ ڪورونا ۾ مبتلا ماڻهن کي هٿن سان ماريو ٿو وڃي، هاڻي ان قسم جي سوچ تي نه رڳو افسوس ڪري سگهجي ٿو پر اهڙي سوچ خلاف مزاحمت ڪرڻ ۽ پنهنجي ماڻهن کي درست دڳ تي وٺي هلڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي، ته ساڳي وقت انهن مسيحائن کي به اهو احساس ڏيارڻ جي ضرورت آهي ته اهي ئي اسانجو سرمايو آهن، کين سلام پيش ڪرڻ سان گڏ سندن سلامتي جا ذميوار به اسين ئي آهيون ۽ اسين انهن جي حفاظت لاءِ هٿيار کڻڻ کانسواءِ ئي ميدان۾ لهنداسين ۽ اهو شعور اجاگر ڪنداسين ته هي مسيحا مرض سان وڙهي مريض کي بچائين ٿا، انهن مسيحائن سان ئي صحتمند سماج جڙيل آهي.
اسان وٽ نه رڳو ايس آءِ يو ٽي جو بنياد رکندڙ ڊاڪٽر اديب رضوي، اين آءِ سي وي ڊي جو بنياد رکندڙ ڊاڪٽر نديم قمر شاهه ۽ گمبٽ ۾ جگر جي پيوندڪاري جو انسٽيٽيوٽ قائم ڪندڙ ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ۽ محمد خان ٻٻر جهڙا ڪردار آهن، پر اسان وٽ ڪيترائي ٻيا اهڙا ڊاڪٽر به آهن، جيڪي ڪنهن ٽي وي چينل جي ڪيمرا کان پري پنهنجو ڪم ڪن ٿا، جيتوڻيڪ مٿي ڄاڻايل مسيحا به اسان جي سنڌ جي ٻهراڙين مان سرڪاري اسڪولن مان پڙهي ۽ پوءِ اڄ دنيا ۾ سنڌ سميت پوري ملڪ جي سڃاڻپ بڻيا آهن، جنھن تي سڄي سنڌ جيترو به ناز ڪري اھو گھٽ آھي ڇو ته ھنن سنڌ کي نه صرف پنھنجي ڌرتي ماءُ ڪري ڄاتو پر ماروئڙن جا سور سھي بھادر سپوت ھئڻ جو ثبوت ڏنو آھي.
هن وقت سنڌ ۾ ڪورونا جي خلاف جهاد واري جنگ ۾ جيڪي به هن ڌرتي جا سپوت مسيحا ميدان ۾ لٿل آهن، اچو ته انهن جو احساس ڪريون ۽ سلام پيش ڪرڻ سان گڏ سندن قدر ڪريون، ڪنهن هڪ ڊاڪٽر جي شڪايت کي جواز بڻائي هن مسيحائي پيشي جي مالڪن جي حوصلا شڪني جو سبب نه بڻجون ۽ پنهنجي ميسحائن جي مالڪي ڪريون، جيڪي انسان ذات جي خدمت کي ئي پنهنجو دين ۽ ڌرم سمجهندا آهن، انهن لاءِ ئي شاهه صاحب چيو آهي ته:
روزا نــــمـــــازون پـــــڻ چـــڱا ڪـم،
اهو ٻيو فهم، جنهن سان پسين پرين کي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *