تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

انسان ، انا ۽ فنا

ماڻھو ۾ طاقت جڏھن ايندي آھي ته هو تڪبر ۾ ڪاهي پوندو آھي، تاريخ انساني تڪبرن سان ڀري پيئي آھي ، اڄ کان ڪيئي صديون اڳ جي تاريخ تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته بادشاهن اميرن ۽ وزيرن مظلوم انسانن سان جيڪو ورتاءَ ڪيو آھي ان ورتاءَ تي اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون، جيتوڻيڪ انساني ارتقا جو سفر مشڪل حالتن مان گذرندو اڳيان وڌندو ترقي جي منزلن تي پهچندو رهيو آھي. خادم مان بادشاهه ۽ بادشاهه مان فقير ٿيڻ به تقدير جا فيصلا مڃيا وڃن ٿا، اهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، ليڪن انسان کي انسان ٿي زندگي جي ڪارج سان نڀائڻو آھي، پر الائي ڇو هن وقت جو آدم اهو سڀ وساري ڪروڌ ۾ اچي ڪلور ڪري ٿو، تخت ۽ تاج ڏسي هو اهو وساري ويهي ٿو ته هڪ ڏينهن هن جي پڄاڻي به ٿيڻي آھي.
 ھڪ علي الصبح شھر خموشان ۾ وڃڻ ٿئي ٿو ، اڃان آسمان ۾ ستارن جي جهر مر موجود آھي  ، سامهون ڊگهن وڻن ۾ ڦلاريل گلن مان ماڪ ڦڙا ڪنهن اداس ماڻھو جي اکين مان ڳڙندڙ ڳوڙھن  جيان ٽمن ٿا،  پکين جون لاتيون ۽ ٿڌي هوا جا  لڳندڙ  جهونڪا،  جيئڻ جو وڌيڪ اتساهه بخشين ٿا ۽ زندگي  جي  سرور  جو  واهڙ  وجود ۾  ڊوڙي ٿو ، هونئن ته  اهو يقين آھي ته زندگي  هڪ  ويرم ۾ زنده رهڻ جي، احساس کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نه آھي پر پوءِ  به  اهو احساس  ايترو ته شدت سان اڀري ٿو،  جو ان ۾  ڪنهن به اٻاڻڪائي ، درد ، دک جو احساس ،ڀوڳيندي به  زندگي سان پيار ۽ موت کان خوف رهي ٿو ،
زندگي سان پيار ڪندڙن کي اهو به يقين آھي  ته وقت ۽ جاءِ ٻئي فنا ٿي وڃن ٿا ۽ ھر گذرندڙ ڏينهن ڪالھه ۾  تبديل ٿيندو رهي ٿو، زندگي خوبصورت ته آھي ، پر ان کي ڪو به  جٽاءَ ڪونهي.
زندگي هڪ گيت آھي
پل کن جي جيت جيان
جو گيت ڳائجي
حواسن ۾سمائجي ٿو وڃي
گهڙي پل ۾ سڀ ڪجھه وڃائجي ٿو وڃي.
مون کي اهو نظم ان وقت ذهن تي بار بار تري ايندو آھي ، جڏھن ڪنهن قبرستان ڀرسان گذرڻ يا ان ۾ وڃڻ ٿيندو آھي ۽ پوءِ سوچيندو آھيان ته قبرستانن ۾  ڪجھه اهڙيون به قبرون هونديون آھن ، جن ۾ مدفون ماڻھو  پنهنجي وقت جا وڏا ۽ اهم ماڻھو هئا ، ليڪن ٿوري ئي وقت ۾  اهي ماڻھو ماضي جي يادن جو  معمولي قصو بڻجي  رهجي ويا.
 عام ۽ خاص ماڻھو سڀ مٽي جي ڍيرن هيٺان سمهي ٿا رهن،باقي  قبرستانن ۾ مشڪل سان ڪا هڪ اهڙي قبر به ملندي ،جنهن تي ڪنهن خاص ڏينهن تي ڪجھه ماڻھن جو انبوهه ايندو ھجي ۽ اتي باسون باسي پڙن ۾ ڳنڍيون وجهي هليو ويندو هجي ، اهڙن ڪيترن ئي قبرن ۾  ستل  ماڻھو،  جن  سندن زندگي ۾  ولولي انگيز محبتون ، محنتون ۽ ڪارناما سر انجام ڏنا هوندا ۽ لهندڙ  سج جي لامن  جي نظارن ۾ ۽ روشنين جي تجلين ۾  ٿيندڙ دعوتن ۾  پاڻ کي هڪ الڳ دنيا ۾ گم ڪيو هوندو ۽ وڏي ٺٺ۽ ٺانگر سان سندن رعب تاب ڄمايو هوندو، ليڪن ان وقت انهن نه ٿي ڄاتو ته ايندڙ ھر گهڙي ڪميت جيان ٽاپ ٽاپ ڪندي پيئي ايندي آھي .
يحييٰ چانڊيو ته جواني ۾ ئي مري ويو ، جيڪو زندگي کي اڻ ڳاتل گيت جھڙو سمجهندو هو ،  هو جيڪڏھن جواني ۾ نه مري ها ته هيستائين ڪيترائي لوڪ ڪردار ڇڏي چڪو هجي ها، پاڪستان جي اڳوڻي صدر اسڪندر مرزا کي اهو خواب خيال ۾ به نه هو ته کيس مرڻ کان پوءِ سندس خاڪي جسم کي سندس ئي ملڪ پاڪستان ۾ دفن ٿيڻ جي سعادت حاصل نه ٿيندي، اسڪندر مرزا جو جنم بنگال ۾، تخت پاڪستان ۾، قبر ايران ۾ .
بحر ڪيف آئون زندگي جي تلخ حقيقتن کي وڌيڪ ڦلورڻ کي ڇڏي ٿو ڏيان، زندگي رنگين به آھي ته ڪڏھن ايتري ته ڦڪي رهجي ٿي وڃي ، جنهن جو تصور به ڀوائتو هوندو آھي .
مون کي ياد آيو،هن شادي جي رات ۽ بعد جي زندگي جي خوبصورت پهلوئن تي خوب ڳالهايو هو ، جيستائين  باک جا آثار اچي چٽا ٿيا هئا ، پوءِ ڳلي ڳلي ، چوڪ چوڪ  ۽ گهاٽ  گهاٽ تي بيٺل ڊگهن وڻن ۾ پکين لاتيون لنوڻ شروع ڪيون هيون ، ان رات مون هن جي اکين ۾ ڪتين جون چانڊوڪيون ڏٺيون هيون ، شايد اهو پريم  جي واٽ ۾ ٻن پانڌيئڙن جو سفر شروع ٿي رهيو هو ، هونئن به پريم هن ڌرتي جو سڀ کان آڳاٽو ڌرم آھي پريم بنا هي جيون  پاپ آھي ،هن ڌرتي تي جو ڪجھه آھي، اهو سڀ پريم جو ڪرشمو آھي. 
ٿوري ئي عرصي ۾ ھن جي زندگي ۾ ڏکڻ ھير جا سمورا جهونڪا نه موڪلائيندڙ مند جيان مڪمل ترسي پيا هئا ۽ زندگي جا سڀ ئي رنگ هيڊا ،ساوا ، ڀورا ، ناسي ، ڳاڙها ، ڪرمچي ، ڪنوار جي ڳهڻن جيان هن جي تن جو زيب بڻيا هئا ، پوءِ هڪ ڏينهن اهو به آيو ، جو هن جي وڌيڪ جيون گهارڻ جا سپنا ، هڪ ٻئي تان گهور وڃڻ جا سپنا ، وڌيڪ آسن ۽ مرادن جا سپنا چڪنا چور ٿي ويا ۽ سوين ماڻھن جي روڄ جي پڙاڏي ۾ ھن جو لاش  شمشان ڀومي ڏانهن نيو ويو ۽ ھڪ پوڄارڻ زندگي جي پڄاڻي ٿي ، پر دنيا جو ڪار وهنوار هڪ سيڪنڊ لاءِ به نه بيٺو ۽ نه  بيهڻو آھي  ، ڌرتي ۽ آڪاس جي ڦاڪ مان سج ، چنڊ ، تارا ۽ ڪتيون  معمول مطابق اڀرندا ۽ لهندا رهيا.
ها، زندگي ايئن ئي مختصر عرصي ۾ ھلي وڃي  ٿي، ان کي ڪوئي جٽاءَ نه آھي ، اهو فطرت جو خودڪار نظام آھي ، جنهن ۾  زندگي سميت موسمون ، برساتون ، ۽ ٻيون شيون اچن ٿيون ۽ وڃن ٿيون ، ليڪن انسان کي پاڻ سنڀالڻو آھي ۽ دنيا جي گهڻن جنجهٽن کان پاڻ بچائڻو آھي ، تڏھن ئي زندگي کي ڪنهن گيت جهڙو پائي سگهبو. ليڪن ڪجھه ماڻھو جيڪي مايا  ۽ اقتدار جاپوڄاري آھن ، تخت ۽ تاج کي حاصل ڪرڻ لاء خون خرابو ڪن ٿا ، معاشري ۾  بد امني ڦھلائي زندگي جي حقيقي ميٺاج کي ڪڙو ڪن ٿا ، هو اڻ ٿيڻي کي ٿيڻي بنائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا ، هو دل کي دماغ جي چاڪري  ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا ، جيڪو نا ممڪن امر آھي ، اهڙن ماڻھن جي دل جي ولوڙ زندگي جي سمورين روشنين ۾ ٻاٽ اونداهي پيدا ڪري ٿي ، جنهن سان زندگي ۾  نوان نوان الميا جنم وٺن ٿا ، زندگي ڪروڌ سان ڀرجي وڃي ٿي ، جيئن برسات وسڻ پڄاڻان کڏون کوٻا  پاڻي سان ڀرجي ويندا آھن ۽ ماڻھو لا شعور ۾  لڙھڻ  لڳندو آھي.
پپيهو به  ايئن ئي لا شعوري ۾  پنهنجي زندگي جو پاڻ انت  ڪري ويو ، ايئن هڪ ٻئي پريمي به زندگي جي  رنگن جو ٿالھه پنهنجي هٿن مان ايئن هاري ڇڏيو هو جيئن ضدي وينگس ڇڄ ڇڙيندي چانور هاريندي آھي ، هن سنڌو گهاٽ جي اتانهين ڪناري تان هڪ آرهڙ  شام  جڏھن سنڌو جا ڪنارا  هارن سان جنجهيل سهڻي گائڪا جيان لڳي رهيا هئا ، ۽ ڇولين جو آواز دنبورن ۽ کڙتالن جي آواز جيان لڳي رهيو هو ، ان ويلي سوچن ۾  وهلور ۽ موڳاڻي ماڻھو هڪ وڏي رڙ ڪري پاڻ کي سنڌو جي سير حوالي ڪيو ، پاڻ کي لهرن حوالي ڪرڻ کان پهرين  هن هوڙھن ۽ سج کي پاڻي ۾  آخري ڀيرو ڏٺو ، هن جون آخري نظرون ستاڙي جي چنڊ جي عڪس جهڙيون لڳيون هيون  ، جنهن مان زندگي جي خوبصورتي جا  اهڃاڻ  بکيا پئي ، انهن ٻنهي هاڃي هاڻين زندگي جي واٽھڙوئن جون قبرون هن اجاڙ قبرستان ۾ موجود  آھن ،  مون ان صبح قبرستان ڇڏڻ کان اڳيان ايئن سوچيو هو ، زندگي ته هڪ خوبصورت گيت آھي ، پر ان کي اهڙن ئي سرن سان ڳائجي جو ان زندگي جي پڄاڻان به ان جو پڙاڏو وڏي عرصي تائين زنده دنيا جي سماعتن ۾ گونجندو رهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *