Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_31sug3ouo2uiofn5m93co6osd2, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
انصاف جو قبائلي تصور - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar انصاف جو قبائلي تصور - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

انصاف جو قبائلي تصور

سماج ۾ ڪي واقعا ايترا ته دل ۽ دماغ کي دونڌاڙيندڙ هوندا آهن جو انساني احساس بيوس ٿي پوندا آهن، ۽ انهن جي پيڙا ايتري ته شديد هوندي آهي، جو ان وقت ڪا به منطق ۽ دليل ڪم نه ايندو آهي.
جڏهن ملڪ ۾ انصاف ۽ قانون جو نظام ناڪام ۽ بيوس بڻجي چڪو هوندو آهي، ته اهڙن موقعن تي لاقانونيت سان ٿيندڙ حل جي به ڀرپور آجيان ٿيندي آهي. اها اسان جهڙن سماجن جي انساني نفسيات جي اڻ ٽر حقيقت آهي. اهڙن موقعن تي پاپولر سينٽيمينٽ (عام انبوه وٽ مڃتا ماڻيندڙ احساس/رويو) ايتري ته شدت سان ڇانئجي ويندو آهي، جون ان بابت ٻي راءِ رکندڙ به سنگسار ڪرڻ جي قابل سمجهيو ويندو آهي. قبائلي ۽ جاگيرداراڻن روين تي ٻڌل سماج ۾ هتي رياست ۽ ان جا ادارا انصاف جي نظام کي لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا هوندا آهن، اتي اهو انبوهي رويو عوامي مڃتا ماڻي وٺندو آهي، جنهن کانپوءِ لاقانونيت قانون بڻجي ويندي آهي. ظلم جو انت به جوابي ظلم سان آڻڻ کي ئي حتمي حل سمجهيو ويندو آهي، نتيجو اهو نڪرندو آهي جو هر طاقتور پاڻ قانون بڻجي ويندو آهي. ڪٿي ڌاڙيل قانون بڻجي پوندو آهي. ڪٿي وڏيري جي اوطاق عدالت جو درجو حاصل ڪري وٺندي آهي. ڪٿي ڪو سگهارو قبائلي سردار جج جو مقام ماڻي وٺندو آهي، ۽ ڪٿي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بندوق سمورن قانونن کان مٿانهين ٿي ويندي آهي. پاڪستان جو رياستي نظام ۽ ڍانچو به ان ئي روش وٽ يرغمال ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ قانون ۽ انصاف جو نظام ساک ۽ حيثيت وڃائي چڪو آهي. نتيجو اهو آهي هيجاني هجوم توهين توڙي دڪان تان چوري جي الزام هيٺ آيل ماڻهن کي بنا ٻڌڻ يا بيگناهي ثابت ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي سرعام ڳڀا ڳڀا ڪري ٿو ڇڏي ۽ هزارين ماڻهو ان عمل کي عوامي انصاف قرار ڏين ٿا.
تر جا وڏيرا جرڳا ڪوٺائن ٿا. جن ۾ مرد ن هٿان ٿيل ناحق خون جي بها ۾ سندن گهر جي عورتن کي معاوضي طور ٻي ڌر حوالي ڪري، کين موت جي منهن ۾ اڇلين ٿا، ۽ انبوهه ان کي ترت انصاف قرار ڏئي ٿو. رياست جا ادارا پاڻ ڌاڙيل ۽ دهشتگرد پالين ٿا ۽ پوءِ وقت اچڻ تي پاڻ ئي ماري عوام کان گلن جا هار وصول ڪن ٿا. ان وقت ڪو به اهو نٿو ڏسي ته انهن ادارن هنن قوتن کي پيدا ڪيو، استعمال ڪيو ۽ پوءِ جڏهن اهي سندن ڪم جون نه رهيون ته کين ختم ڪري ڇڏيو.
پاڪستان جي ويجهي ماضيءِ جي تاريخ جا اهڙ ٻه حوالا طالبان ۽ ايم ڪيو ايم آهن. انهن ٻنهي ڌرين کي ڪيئن مڪمل سرڪاري سرپرستي هيٺ تيار ڪيو ويو، کين هر قسم جي دهشتگردي لاءِ کليل ڇوٽ ڏني وئي. ڪيئن هنن هٿان هزارين بيڏوهي ماڻهن کي ماريو ويو، ۽ پوءِ جڏهن ملڪ ڌڻين جا ساڻن معاملا خراب ٿيا، ته وري انهن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو ۽ ان عمل جو داد به وصول ڪيو ويو. ائين پوليس ۽ وڏيري جي گڏيل سرپرستي ۾ سڃي سنڌ ۾ ڏوهارين جو ڄار پکيڙيو ويو، جن کي هر طرح جي آزادي حاصل هئي، نه قانون کين ڏوهه ڪرڻ کان روڪيو ۽ نه ڏوهه ڪرڻ کان پوءِ جهليو. سندن ظلم اهڙي انتها تي پهچي ويو جو، جڏهن کين ٺاهيندڙ/پاليندڙ پنهنجي مفادن خاطر کين مارڻ شروع ڪيو، ته ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جا ستايل ماڻهو سرڪاري عملدارن کي نجات ڏياريندڙ مسيحا قرار ڏئي، کين داد ڏيڻ تي مجبور هئا. ان واهه واهه ۽ شاباسين واري مرحلي تي ڪنهن به اهو سوال نه اٿاريو ته اوهان پاڻ ڪهڙي قانون تحت انهن کي ڏهاڪن تائين سرپرستي فراهم ڪندا رهيا ۽ هاڻي ڪهڙي قانون هيٺ کين ماري رهيا آهيو.
اهو وڏيري وارو ماڊل آهي، جنهن ۾ وڏيرو پهرين ڏوهارين کي پاليندو آهي، کين قانون کان تحفظ ۾ رکندو آهي ۽ وقت اچڻ تي کين ٿاڻي جي حوالي ڪري وري پاڻ ئي ڇڏرائيندو آهي. ائين وڏيرو سماج تي راڄ ڪندو آهي. بدقسمتي سان اسان جو رياستي نظام به هڪ وڏي وڏيري جيان هلايو وڃي ٿو. قاتلن ۽ ڏوهارين کي ڏوهه جي کليل ڇوٽ هجي ٿي، انهن سان ڏيتي ليتي حساب ڪتاب هلندو رهي ٿو، پر جڏهن پاليسي بدلجي ٿي ته کين قبر ڀيڙو ڪري داد به وصول ڪيو وڃي ٿو. ان سڄي عمل دوران ڪٿي به جاچ جو نظام کي سگهاري ڪرڻ، جديد ٽيڪنالاجي ۽ طريقا استعمال ڪري اصل ڏوهارين تائين پچهڻ، عدالت وٽ مضبوط شاهديون پيش ڪرڻ، ۽ عدالتي نظام کي اثرائتو بڻائڻ جي ڪابه ڳالهه نٿي ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو روزاني دي نيوز جي رپورٽ مطابق گذريل پنجن سالن اندر زوري زنا جا 22 هزارن کان وڌيڪ واقعا ٿيا، جن مان رڳو 0.3 سيڪڙو يعني 77 ڪيسن ۾ ملزمن کي سزا اچي سگهي. هاڻي ٻڌايو ته ڇا باقي 22 هزار ڪيسن (جيڪي اصل واقعن جو مس 51 سيڪڙو ٻڌايا وڃن ٿا.) جنهن ملزمن کي مارڻ جو حق پوليس کي ڏئي ڇڏجي ته اها بنا ڪنهن عدالتي ڪارروائي، صفائي جي حق ۽ ثابتين جي انهن ماڻهن کي پاڻ ئي گوليون هڻي، انصاف جي نالي تي ڪارروائي ڪري ڇڏي يا ان ساڳي پوليس کان اهو سوال ڪجي ته هنن ايتري هزارين ريپ ڪيسز جي معياري جاچ ڪري اهو مضبوط ڪيس ڇو نه ٺاهيو. جنهن سان قانون هيٺ انهن سڀني ملزمن کي سزا اچي سگهي ها. خود اهو سوال به ٿيڻ گهرجي ته ايترن سان ڪيس جي جاچ عمل وسيلي اهو ڇو نه ٻڌايو ويو ته آخر اسان جي قانون جي نظام ۾ اهي ڪهڙيون ڪمزوريون آهن، جو ملزم بناڊرپ ڊاءُ جي هر سال زوري زنا جون هزارين ڪارروايون ڪري وڃن ٿا، اها ساڳي ڳالهه قتل ۽ اغوا جي ڪيسن تي به لاڳو ٿي سگهي ٿي.
اسان هڪ ٻن مجرمن کي قتل ڪرڻ تي ايترا سرها ٿي وڃون ٿا. جو اهو سوال وساري ٿا ويهون ته ان ساڳئي ڏوهه ۾ ملوث ٻين هزارين مجرمن جو حساب ڪيئن ٿيندو ۽ ان ڏوهه جو انت ڪيئن ايندو. پوليس به نهايت سياڻپ سان هاءِ پروفائيل ڪيسز جي ملزمن کي مقابلن ۾ ماري تاڙيون وڄرائي وٺي ٿي. ۽ ساڳي شدت جي ٻين هزارين ڪيسز جي پڇاڻي کان آجي ٿي وڃي ٿي.
ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته جڏهن ڪنهن هڪ معاملي تي قانون ۽ انصاف جي دائري کان ٻاهر پوليس کي مجرم کي ماري ڇڏڻ جو حق ملي ٿو وڃي ته پوءِ اڻ ڳڻيا مقابلا به جائز قرار ٿي وڃن ٿا، جن ۾ بي ڏوهه عام شهري رسول بخش بروهي جهڙا پورهيت ۽ اهي درجنين سياسي ڪارڪن به جائز قتل قرار ٿي وڃن ٿا، جن کي بنا عدالتي ڪارروائي، ثابتي ۽ ٻڌڻي جي گولين جو کاج بڻايو ويندو آهي. ان لاءِ به ساڳيو دليل ڏنو ويندو آهي ته عدالت کين آزاد ڪري ڇڏيندي تنهن ڪري کين ملڪي مفاد ۾ ماري ڇڏڻ جائز آهي.
پوليس هٿان ترت انصاف جي ان ماڊل جي حمايت ڪرڻ ائين آهي ڄڻ شوٽ ٽو ڪل جو لائنسس جاري ڪرڻ. ماڻهن جي اڪثريت جنهن کي مجرم قرار ڏئي، ڊگهي عدالتي سلسلي بجاءِ پوليس کي يا ماڻهن کي اختيار هجي ته ان کي موت جي يا ٻي سزا ڏئي ڇڏين. اڄ هڪ ريپ ڪيس جو ڄاتل سڃاتل ملزم قتل ڪيو ويو. سڀاڻي ساڳئي لائسنس هيٺ ٻين سياسي ڪارڪنن کي به ملڪ دشمني يا دشتگردي ۾ هٿ هجڻ جو الزام هڻي، ساڳي طرح مارڻ به جائز ٿيندو، ان لاءِ به عدالتي نظام اثرائتو نه هجڻ جو دليل ڏنو ويندو. هتي ته ڪو ڏينهن خالي ناهي جنهن ڏينهن ڪٿي ريپ جو واقعو نه ٿئي. ڪير قتل يا اغوا نه ٿئي، يا ڪنهن بي ڏوهه سان ڪو ظلم نه ٿئي. پوءِ اهڙي معاشري ۾ ڪير طئي ڪندو ته انهن مان ڪيترن ۽ ڪهڙن کي سيني ۾، ٽنگ يا پير ۾ گولي هڻجي، ڪنهن کي ڇڏي ڏجي، ڪنهن کي اونڌو ٽنگجي ۽ ڪنهن کي جيل ۾ بسترو مهيا ڪري ڏجي. ڇا هر ٿاڻو پنهنجي الڳ عدالت قائم ڪري طالبان جي قاضي عدالتن جيان روز پاڻ ئي اهڙا فيصلو ڪندو رهي يا ڪو مناسب نظام قائم ٿيڻ گهرجي؟
بدقمستي سان ڪيترائي پڙهيل لکيل ماڻهو به قانون جي حڪمراني هيٺ معاملا نبيرڻ واري ڳالهه کي مجرم جي حمايت قرار ڏين ٿا. جيڪڏهن معاشري کي طاقت جي بنياد تي هلائڻو آهي ته پوءِ جنهن وٽ جتي، جيتري طاقت هوندي، اتي ان جو ئي قانون هلندو. اهو ئي سبب آهي جو پوليس جي صوبائي سربراهه کي کائنس وڌيڪ طاقت رکندڙ ڪجهه جذباتي آفيسر گهران کڻي ويا ته پوءِ اهو عمل به غيرقانوني نه چئجي؟
معاملو هڪ مجرم جو ناهي، هتي روز هزارين بي ڏوهه ماڻهو قتل، اغوا يا ريپ جو شڪار بنجن ٿا. جيڪڏهن انصاف جي نظام کي ٺيڪ ناهي ٿيڻو/ڪرڻو ته پوءِ ته روز پوليس کي (يا پاڻ عوام کي) گهرجي ته ٻه ٽي درجن ماڻهو ماريندي، ان طريقي ۾ جيڪڏهن پنج ست بي گناهه به روز مارجي وڃن ته خير آهي. آخر قانون ڪم نه ٿو ڪري ته پوءِ ٻه چار غلط قتل پوليس کي به معاف ڪرڻا پوندا.
اصل مسئلو انصاف جي خراب ٿيل نظام ۾ آهي، سرڪار ۾ ڏوهن جي جاچ جا جديد طريقا استعمال نه ٿا ڪيا وڃن. ريپ جي ڪيسن ۾ مجرمن تائين پهچڻ ۽ کين سزا ملڻ جي شرح دنيا جي اسريل ملڪن ۾ به گهٽ آهي، جنهن جا مختلف ملڪن ۾ مختلف ڪارڻ آهن. اتي جاچ ۽ فيصلي جي نظام کي بهتر ڪرڻ جا مطالبا ڪيا وڃن ٿا، نه ڪي پوليس هٿان ماڻهو ماري انصاف ڪرڻ جا. برطانيه ۾ قتل ڪيس ۾ لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو ملزمن کي سزا اچي ٿي. ان جو ڪارڻ جاچ جا جديد طريقا آهن. جنهن ۾ ڪو به غير عدالتي قتل ڪرڻ ته پري ٽارچر به شامل ناهي هوندو. سڄو ڪمال اتي جي جاچ جي سائنسي طريقن جو آهي. جڏهن اسان جي صحت ۽ تنظيم جي نظام ۾ اسريل ملڪن جهڙي نظام جو مطالبو ڪندا آهيون، ته پوءِ ساڳيو مطالبو انصاف جو نظام لاءِ به ڪرڻ گهرجي، جيڪو اڻ ڌري جاچ جديد سائنسي طريقن ۽ شفافيت تي ٻڌل هجڻ گهرجي.
سماج مان ڏوهه جو انت آڻڻ يا انهن تي ضابطو آڻڻ ڪو معمولي ڪم ناهي، صدين کان انساني سماج ۾ ڏوهه ۽ انصاف جو معاملو مختلف شڪليون اختيار ڪندو رهيو آهي. اسريل سماجن ۾ انصاف جي معاملي کي بنيادي ۽ انساني حق تصور ڪري جاچ ۽ سزا جي نظام کي ايترو سخت بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته جيئن ڪنهن بي ڏوهي کي سزا اچڻ جو امڪان نه هجي، ۽ ڪو به ڏوهاري سزا کان بچي نه سگهي. ساڳي وقت انهن سماجن ۾ ڏوهن جا بنيادي ڪارڻ ختم ڪرڻ عوامي حفاظت جي نظام کي بهتر ڪرڻ، متاثر ٿيل ماڻهن جي نفسياتي ۽ سماجي بحالي ۽ ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جي تربيت وارا پاسابه مد نظر رکيا وڃن ٿا. ڏوهه هڪ سماجي لقاءُ آهي جيڪو، سماج جي ئي ڪنهن ڪنڊ مان جنم وٺندو آهي، اهو آسمان مان ناهي ايندو. جيڪڏهن ڏوهه ختم ڪرڻو آهي يا گهٽائڻو آهي ته ان جا طريقا ڳولڻ جي ڳالهه ڪرڻي پوندي. باقي رڳو هاءِ پروفائيل ڪيسن ۾ ۾ ملزم کي ماري ڇڏڻ سان نه ڏوهه ختم ٿيندا ۽ نه ڏوهاري کٽندا. انصاف جو اهو قبائلي تصور جٽادار ۽ مهذب سماج کي قائم نه ڪري سگهندو، انصاف جي نظام کي ادارن کي سگهارو ۽ اثرائتو بنائڻ ۾ ئي انهن مسئلن جو جٽادار حل سمايل آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *