تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

اها ڪاوڙ توکي ماريندي!

جيڪو اسان جي رسڻ ۽ پرچڻ جي نفسيات سمجهي ويندو اهو اسان جي دل آزاري کان اڳ معافي جو هڪ پنو لکي رکندو. پنهنجي ڳالهه ڪري ڪڍي پڙهي ڇڏيندو! اهڙي طرح مندن ماڻهن لاءِ اسان جي دل آزاري به آسان، پرچائڻ به سولو!!اسين ڪجهه ڪمزور رڳون رکون ٿا، اهي ڇهڻ سان روئڻ ۾ شروع ٿي وڃون ٿا، بي خيالي ۾ جيڪو ڇهي ٿو سچيءَ دل سان معذرت ڪري ٿو پر جيڪو دل ۾ غير رکي ٿو اهو اسان جي ان ڪمزوري جو وڏو مزو وٺي ٿو. دل تي رئاري پوءِ هٿ اگهي پرچائي ٿو. موڊ ٿيڻ تي رنجائي ٿو، پور پوڻ تي پرچائي ٿو. اسين ڄڻ ٻن سالن جا ٻار، ٻسڪي ٻسڪي پرچي ٿا پئون!
ان حساب سان ڏاڍا عجيب آهيون، رانديڪي وانگر استعمال ٿيون ٿا، ٽاڪوڻا ٿي ڀڄي ٿا پئون، ڳالهين ۾ اچي وري ڳنڍجي ٿا پئون. ماڻهو اسان کي تنگ ڪرڻ ۾ خوش، اسين هٿ گهمائڻ ۾ خوش!! ايئن روز غم آهي، ڏهاڙي خوشي آهي. جذباتيت اسان جي طبعيت ۾ شامل آهي، اها ئي مصروفيت اهو ئي اسان جو معمول آهي. اسان جا ڪي قومي عقيدا آهن رات ڏينهن پهرو ٿا ڏيون، هر وقت حفاظت ۾ هون، ڪاڏهن ڏسون ٿا، ڪجهه پڙهون ٿا ته اهو ذهن ۾ رکون ٿا ته ڪنهن اسان جي عقيدي جي خلاف ته ڪجهه نه ڪيو آ، ڪنايون ٿا ته ڪو اسان جي مقدس خيال جي خلاف ته نٿو ڳالهائي!
ڪجهه اڻ وڻندڙ ڪن پوي ٿو ته ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي. ڪنهن اختلاف ظاهر ڪيو، ڪنهن ٻي ڳالهه ڪئي، مختلف راءِ رکي ته اسان جو احتجاج شروع! ڪي مظاهرن تي هليا ويندا، ڪي سوشل ميڊيا تي هليا ايندا، ٻيا ڪم وسري ويندا، مذمتون شروع، اختلاف ڪرڻ واري جو نڪ ۾ دم ڪنداسين، اظهار ۾ ڪو احتياط نه رهندو، جيڪو ٺهي آيو ٺاهي لکنداسين به چونداسين به، معافي جا مطالبا ڪنداسين، اهو ماڻهو اهڙو دشمن لڳندو جو اڄ هيسايونس ته سڀاڻ ٻيو ڏينهن ٿئي! نارمل ماڻهو هوندو ته جلدي معافي وٺندو پر جي من جو ميرو هوندو ته ڍو تي ستائيندو ۽ پوءِ وضاحت ڪري ڇڏيندو، ڪو ان ڳالهه کي خاطر ۾ نه آڻيندو ۽ چند ڏينهن کانپوءِ اسان کان به ڳالهه وسري ويندي.جنهن جي زبان ترڪندي آ ان کي اسان جي وٺ ٿيندي آ، ڪو پيٽ ڀرائي ۾ ڳالهائيندو آ ته ان جي به زبان ڇڪبي آ، جيڪو اختلاف رکندو ان کي نه بخشيندا هون، اظهار جي آزادي کي نه مڃيندا هون، اختلاف راءِ جو حق نه ڏيندا هون، هر ڳالهه کي سازش سمجهندا هون، اسان جا ڏينهن راتيون، سازشون ناڪام ڪرڻ ۾ گذرندا آهن. اسين هن دنيا جي حساس ترين مخلوق آهيون! ڪنهن کي ڪالاباغ ڊيم جو نالو کڻڻ نه ڏيندا هون، ڪنهن کي ڪراچي ۽ سنڌ چوڻ نه ڏيندا هون، ڪنهن کي صوبي جي ڳالهه ڪرڻ نه ڏيندا هون، ڪنهن کي ڪوٽا سسٽم جي خلاف ڳالهائڻ نه ڏيندا هون، ڪنهن کي سنڌ ڪارڊ جي نشاندهي ڪرڻ نه ڏيندا هون، دليل نه ڏيندا هون، ثابت نه ڪندا هون، قائل نه ڪندا هون، بس چوندا هون ته اهو طئي آ، ان تي نه ڳالهائينداسين! پر اهو طئي به اسان پاڻ ڪيو هوندو آهي، ٻين کي اهو سمجهڻ جو حق به نه ڏيندا هون.ڳالهه اها آهي ته ماڻهو اسان جي واهه تي ته نه ويٺا آهن جيڪو چئون اهو مڃين؟ هر ڪو پنهنجي خيال وارو ٿئي ٿو، هر ڪو پنهنجي ڳالهه ڪري ٿو، ضروري ته ناهي جيڪو اسان سوچيون ٻيا به اهو سوچين، جيڪو اسان چاهيون ٻيا ان کي تسليم ڪن؟ ذهن آزاد ٿين ٿا، اظهار جي آزادي آهي، مڃائڻ بجاءِ سمجهائڻ جي اهميت آهي، مجبور ڪرڻ بدران قائل ڪرڻ جي معنيٰ حاصل آهي. ضد جي بجاءِ دليل کي اهميت حاصل آهي، افهام تفهيم جو دور آهي، ڳالهه جو وزن ڏٺو ٿو وڃي، مڃيل اصولن جو ڀرم رکڻو ٿو پوي. مروج قانونن جو خيال رکڻو ٿو پوي، اجتماعي سماج آهي، الائي ڇا ڇا جو لحاظ ڪرڻو پوي. اسين معاشري کان ڪٽيل ته ڪونه آهيون، پنهنجو ڪيس دليل سان وڙهڻو ٿو پوي، تڏهن ڪا ڳالهه ٺهي ٿي. ايئن ناهي ته جيڪو اسان چيو اهو ٿي پيو. دنيا اسان جي دل تي ته نه هلندي، خلق اسان جي ڪڙي تي ته نه ويٺي آهي!اسان جو الميو اهو آهي ته هر وقت غصي ۾ هوندا آهيون، اظهار جي وقت به غصو، اختلاف جي وقت به غصو، سمجهڻ جي وقت ۽ سمجهائڻ جي وقت به غصو آهي. ڪيس وڙهڻ جي وقت به غصو آهي، جنهن جو نتيجو اهو آهي ته اسان جو غصو اسان جي دليل کي به کائي ويو آهي، عقل کي به چٿي ويو آهي. هر وقت ميدان جنگ ۾ بيٺل آهيون. انهيءَ جو نقصان اهو ٿو ٿئي ته افهام و تفهيم جي اسٽيج تي، وضاحتن جي فورم تي ۽ ميڊيا جي چينل تي پنهنجي ڳالهه دليل سان نٿا ڪري سگهون. اسان جو سارو زور اختلاف رکڻ واري کي هيسائڻ تي آهي ۽ ان کان معافي ڳنهڻ تي آهي. وري معافي اسان کي اهڙي ئي پلئه پوي جنهن ۾ ان لفظ سان اهي لفظ ملايا ٿا وڃن جيڪي معافيءَ کي معافي نٿا ثابت ڪن. هڪ جملو معافيءَ جو باقي جملا اعتراض واري ڳالهه جو ئي ورجاءُ هجن ٿا.
ننڍا هوندا هئاسين هڪ ڇوڪرو شئي کسي ويندو هو، گهوڙا گهوڙا ڪرڻ تي شئي مٽيءَ هاڻي ڪري پوءِ ڏيندو هو. ايئن صوبي واري ڳالهه تي اسان جي احتجاج وسعت الله کان معافي ته چوائي پر هن اها معافي ان شئي وانگر ڪني ڪري پوءِ اسان جي پلئه ۾ وڌي. هن دل آزاري سنڌين جي ڪئي آهي پر معافي سنڌين کان نٿو وٺي، رڳو چوي ٿو سنڌ ڌرتيءَ کان معافي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هو سنڌ ڌرتي کي فقط سنڌين جو نه پر انهن سڀني جو وطن ٿو سمجهي جيڪي هت رهن ٿا. هن جا لفظ آهن:”ميري نزديڪ سنڌ ايڪ جغرافيه نهين بلڪه قومي وحدت ڪا نام هي، اس وحدت ۾ هر وه قبيلا، برادري ۽ گروهه شريڪ هي جنهون ني اسي اپنا وطن بنايا“ان حساب سان ته سارا قبيلا، گروهه ۽ برادريون سنڌ جون وارث ٿيون، پٺاڻ، پنجابي، بهاري، برمي، بنگالي سارا ديسي ٿي ويا، ڇو ته هو سنڌ کي ئي پنهنجو وطن ٿا سمجهن ۽ اهو نٿا چون ته اسان پنهنجي ديس موٽي وينداسين.ڳالهه هيءَ آهي ته اسين جيستائين زوريءَ ڪنهن کان معافيون لکرائينداسين ته اهڙيون ئي پلئه پونديون. معافي اها نه ٿيندي آ جيڪا گهري وڃي يا زور ڀري لکرائي وڃي، معافي اها ٿيندي آ جيڪا ڪو پاڻ کي غلط ڄاڻي شرمساري يا غلطي جي احساس سان لکي. ان ۾ اهڙا لفظ ناهن ڳنڍبا جيڪي پهرين ڳالهه جي تصديق ڪندا هجن. اصل معافي ۾ ته ايئن به ناهي چئبو ته ”جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته انهن کان معافي ٿو گهران”. جيڪڏهن جو ڇا مطلب؟ معنيٰ ته کيس اها پڪ ڪونهي ته ڪنهن جي دل آزار ٿي آهي؟ يا اهو يقين نه اٿس ته منهنجي ڳالهه ۾ آزار ڪونهي، بلڪه پڪ ئي اها اٿس ته مون ڳالهه ته ٺيڪ ڪئي پر ماڻهن نه سمجهي سو انهن کان معذرت. اها ته مشروط معافي ٿي، بلڪه ڏٺو وڃي ته معافي ئي نه ٿي!! اسان وري ان ۾ خوش ته همراهه معافي وٺي ڇڏي آهي!! ڀلي پوءِ لفظ “معافي” جي اڳيان پهرين ڳالهه ورجايل هجي!
اصل نشاندهي ان غصي جي ڪرڻي آهي، جيڪو اسان کي پاڻيءَ مان ڪڍي ٿو ۽ حد کان وڌيڪ اچي اسان کي قابل رحم ٿو بڻائي. اهو غصو اظهار کان اڳ مٿو ٿو ڦيري، عقل الڳ ۽ سمجهه ڌار ٿو ڪري ڇڏي. اظهار کانپوءِ دليل جي دنيا ۾ ۾ ڊبيٽ جي فورم تي اوپرو ٿو ڪري ڇڏي. ڪاوڙ ۾ اسين ڪجهه به نٿا ڪري سگهون سواءِ جهيڙي جي. اهڙي حالت ۾ ڪاوڙ آڪڙ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. اسان جا دانشور، اسان جون تنظيمون ۽ سوشل ميڊيا رڳو انهيءَ ڪاوڙ کي ئي وڌائين ٿا جيڪا ڪاوڙ حدون پار ڪري آخر ڪار اسان کي ماريندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *