تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

اهنجن مٿان اهنج

تازي بارشن ڪاڇي ۽ ٿر سميت سموري سنڌکي ٻوڙي ڇڏيو سنڌ جي شهرن ۾ پوءِ به نالي ماتر سهولتون ميسر آهن ٿر ۾ واري آهي ۽ ڪکاوان گهر، منهن ڇڀر، لانڍيون ،چبوترا هوندا آهن جتي مينهن وسڻ کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويندي آهي ۽ ٿر ۾ وري اهڙيون طاقتور نيون به نه آهن جيڪي ٻوڙ ٽوڙ جو سبب بڻجن، ليڪن جوهي تعلقي جي ڪاڇي جي صورتحال وري سڀني کان مختلف آهي. جوهي تعلقي جي ڪاڇي ۾ 9 نيون وهي اچن ٿيون انهن نين جي وهي اچڻ سبب وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ئي نه آهي، وري رهي سهي ڪسر تازي بارشن پوري ڪري ڇڏي، اڳين نين ۾ ٽيوب ويلن ۽ اتي موجود فصلن ، سولر پليٽن ۽ روڊن رستن جو نقصان ٿيو ليڪن هن تازي بارشن سبب روڊن رستن ۽ ڪچن گهرن جو جيڪو نقصان ٿيو آهي انهي جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آهي ڳوٺن جا ڳوٺ، پاڙن جا پاڙا مٽي جا ڍير ٿي وياآهن ۽ ماڻهو ويچارا وسندڙ بارش ۾ کليل آسمان هيٺ وڻن جي هيٺيان پنهنجي پيارن سان بي يار مددگار ويٺا آهن جن ماڻهن جا گهر ڊهي پيا مال متاع لڙهي ويو يا مري ويو گهر جو سامان سرڙو لڙهي ويو ان داڻو ڪڻو لڙهي ويويا جيڪي ڪجهه بچي ويو انهي کي محفوظ ڪري رکڻ لاءِ ڪا جاءِ نه بچي آهي۽ اهو به کليل آسمان هيٺ وسندڙ برسات ۾ خراب ٿي رهيو آهي.
کاڌ خوراڪ جي شديد کوٽ سبب رات ڏينهن بکن تي ويٺل ماڻهو بي حال ٿي وياآهن اتي انهن جي ابهم ٻارڙن جي به حالت خراب آهي ته عمر رسيده مرد توڙي عورتون ھلڻ کان به لاچار آهن انهن جي سار سنڀال ڪير ڪري. ڪنهن گهر جو سر براه ڪنهن ڪم سانگي ڪنهن شهر ڏانهن ويل هيو يا روزگار خاطر گهرکان ٻاهر هو برسات دوران اهو گهر ڊٿو هجي ان گهر ۾ صرف عورتون هجن ته اهي مجبور ۽ بي وس عورت ڇا ڪري سگهنديون، اها عورت گهر جو بچيل سامان کڻندي يا پنهنجا سيني جا ٽڪرا کڻندي يا جهور سس ۽ سهري جي مدد ڪندي، انهن سمورين مشڪلاتن ۽ تڪليفن ۾ جيڪڏهن انهن جو ڪو ٻار ٻچو يا پوڙهو پڪو بيمار ٿي پوي ته ان جو علاج ڪٿان ۽ ڪيئن ڪرائجي اگر خدانخواسته ڪو ٻار ٻچو مرد يا عورت ڪکجي پوي ان کي اسپتال تائين ڪيئن پهچائجي.؟اهڙي صورتحال مان ڪاڇي جو هر گهر گذري رهيو آهي . سمورين مشڪلاتن کي ڪاڇي واسي بي يارو مدد گار پنهنجي پاڻ مدد تحت جهڙي تهڙي حال ۾ ڏکيو سکيو منهن ڏئي رهيا آهن. مطلب رات ڏينهن هڪ هجي اتي اهي ڇا سڪون جي ننڊ ڪري سگهندا وري جڏهن ڪجهه ٽائيم کان پوءِ حالتون ساز گار ٿينديون ته مصيبت ۾ ماريل انسان پنهنجا گهر اڏيندا يا روزگار ڪندا يا پنهنجن گلن جهڙن ٻارڙن جو علاج ڪرائيندا اهو به تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن انهن جي هڙ ۾ ڪجهه هوندو
جيڪڏهن هڙ ۾ ڪجهه نه هوندو ته مجبورن ٻئي جي آڏو هٿ ٽنگڻو پوندو. اسان سڀني کي خبر آهي ته اسين ڪنهن ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جاڪيترو ڀر جهلا هوندا آهيون يا ته اسين ان پريشان حال کي منافعي تي رقم ڏيندا سين يا زمين جو ٽڪرو وٺنداسين پوءِ وڃي انهي کي ٻه ڏوڪڙ ڏيندا سين. وري اچون ٿا سرڪار سڳوري ۽ عوامي نمائندن تي،هن وقت پورو ڪاڇو پاڻي ۽ برسات جي لپيٽ ۾ آهي اتي وري نه عوامي نمائندا پهتا ۽ نه وري سرڪار جا ماڻهو. جوهي جي ايف پي بند تي هڪ مجبور ۽ لاچار شخص پنهنجي ٻچڙن تائين پهچڻ جي لاءِ سرڪاري آفيسرن جي آڏو پورو ڏينهن منٿ ميڙ ڪندي ڏٺو ويو الله جي نالي مون کي ٻيڙي ڏيو مان پنهنجي ٻچڙن جي واهر ڪيان پورو ڏينهن گذري ويو پر هن کي ٻيڙي نه ملي سگهي ڇا انهي ايف پي بند تي اسان جا عوامي نمائندا نه آيا هوندا انهي مجبور انسان انهن جي آڏو دانهون ۽ ڪوڪون ڪو نه ڪيون هونديون، مڙئي نالي ماتر سرڪار ڪاڇي واسين جي درد ڏک ۽ تڪليف ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندي آهي سرڪار ۽ عوامي نمائندا جيڪو هڪ ڪٽو امداد جو ڏئي ٿي ان جي به تصوير ڪڍي ٿا وٺن ته اسين عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون. اها توهان ڪهڙي مدد آهي انهن ماڻهن جي سموري زندگي جي جمع پونجي مليا ميٽ ٿي وئي گهر ويا مال متاع ويو ان داڻو ڪنو ڪن جا ٻار ٻچا گهر واريون لڙهي مري ويون انهن جو سڀ ڪجھه ختم ٿي ويو انهن جي زندگي زهر بڻجي وئي انهن جا گهر ڪچري جي ڍير جو منظر پيش ڪري رهيا آهن هي وري هڪ ڪٽو کڻي واهر ڪرڻ آيا آهن اهو به تڏهن جڏهن ڪنهن پاڙي محلي يا ڳوٺ يا شهر جو نيڪ مرد اين او سي ڏيندو جيڪڏهن اهو نيڪ مرد يا ان جو ڪو ماڻهو ڪنهن ڳالھه تي ڪنهن سان ناراض آهي ته مجال آ جو ان کي اين او سي ڏئي پوءِ سرڪار ۽ عوامي نمائندا به ان شخص کي پيا ڏٽا ۽ دلاسا ڏيندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *