تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

اول سر جو سانگو لاهه

15 آڪٽوبر تي اسين سڄو ڏينهن ساگر جي لهرن تي هئاسين ۽ ڏنگي ٻيٽ جي ويجهو پهچي فورس جي گهيري هيٺ اچي وياسين،آسمان تي هيليڪاپٽرن جي اڏام شروع ٿي وئي ۽ هيٺ سنڌي سمنڊ تي مسلح اسپيڊي بوٽس ڌرتيءَ ڌڻين جو سمنڊ جي اصل وارث ماهيگيرن جي ٻيڙن ۽ هوڙهن جي قافلي جو گهيراءُ ڪري چتاءُ ڏنو ته اوهان ڏنگي ٻيٽ جي حدن ۾ داخل نٿا ٿي سگهو،اوهين ڀنڊاڙ ٻيٽ ڏانهن وڃو. هو حاڪم هئا ۽ اسين حڪم جا ٻانها! ان ڏينهن سڄي ڪوڙ جو ڀانڊو ڦاٽي پيو، ترقي جو سڄو راز فاش ٿي ويو. ڪالهه يڪلخت احساس ٿيو ته معاملو فقط صدارتي آرڊيننس جي واپسي جو ناهي، معاملو قطعي ايترو آسان ڪونهي، هو اسانجي سمنڊ تي، سامونڊي سر زمين تي، سامونڊي فضائن تي مڪمل طور قابض ٿي چڪا آهن ۽ اسان انهن جي مرضي ۽ اجازت بنا ڪا به چر پر نٿا ڪري سگهون. مالڪي، وارثي ۽ ترقي ته پري جون ڳالهيون ٿيون، اسان کي ته پنهنجن سامونڊي ٻيٽن جي سرزمين تي قدم رکڻ به نه ڏنو ويو آهي. ڪالهه جڏهن نواز شريف، جنرل پرويز مشرف جي جهاز کي لهڻ جي اجازت نه ڏني هئي ته ان جي مدد لاءِ ٽرپل ون برگيڊ پهچي وئي هئي جنهن وزير اعظم کي اقتدار جي ايوانن مان ڪڍي جيل جي ڪوٺڙي ۾ پهچايو ۽ مٿس هائيجيڪنگ جو ڪيس لاڳو ڪيو، پر ڪالهه اسين ڌرتي جا ڌڻي ۽ سمونڊ جا مالڪ ننڌڻڪا هئاسين ۽ هنن اسان جي قافلي کي هائيجيڪ ڪري مقبوضه ٻيٽ ڏنگي ڏانهن اچڻ جون واٽون بند ڪري ڇڏيون. خبر ناهي سنڌ ۽ بلوچستان کان ڪهڙو بدلو ورتو پيو وڃي، سنڌ ۽ بلوچستان جي سڄي سامونڊي پٽي ۽ ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ جي آڙ ۾ قبضو ڪري! هي عجيب حب الوطني آهي، عجيب ترقي آهي!
15 آڪٽوبر تي ٻيٽ بچايو تحريڪ جي سڏ تي سنڌ جي ساڃاهه سنڌي سمونڊ ۾ هوڙا مارچ ڪيو ۽ ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن جو پري کان ديدار ڪيو، جن تي قبضو ٿي چڪو آهي. واپس آياسين ته وفاق جو ترجمان سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل فرمان جاري ڪري رهيو هو ته ٻيٽن تي شهر اڏڻ جا مخالف سنڌ دشمن آهن، سنڌ حڪومت ڀائيواري ڪري، سندن خدشا ختم ڪبا، ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن تي نئون شهر ٺهي رهيو آهي ته انهي جي اپت به سنڌ حڪومت کي ئي ملندي، رٿا سان ڏيڍ لک ماڻهن کي روزگار ملندو، يعني سنڌ حڪومت سنڌي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جو ڊرامو رچائيندي رهي ان کي حصو پتي ملندو رهندو، ۽ سندن واٺن جو روزگار به جاري رهندو بس اسان سان ڀاڱي ڀائيوار رهي! سنڌ جي سدا حيات باغي ليکڪ ماڻڪ منير جنهن پهرين ”حويلي جا راز“ لکي رئيسن ۽ وڏيرن جي حويلين جا پردا فاش ڪيا هئا، تنهن پنهنجي شاهڪار تخليق ”پاتال ۾ بغاوت“ ۾ لکيو، ”چونڊ ڇا آهي؟ عوام کي چونڊ جو ڪهڙو اختيار مليل آهي؟ چونڊ: ڪاسائي چونڊڻ جو اختيار ، اوهان کي چونڊ ڪرڻي آهي ته اوهان کي ڪير ڪهي: مڏي ڪاتي سان ڪهڻ وارو ڪاسائي يا مٺي ڪاتي سان ڪهڻ وارو ڪاسائي، مڏي ڪاتي سان ڪسجڻ جي خوف کان اسان هميشه مٺي ڪاتي سان ڪهڻ وارن کي چونڊيندا آهيون“ ۽ هاڻي ٻارهن سالن کان هو به اسان تي مهربان آهن ته اوهان مٺي ڪاتي سان ڪسجڻ ۾ خوش آهيو ته اسان توهان جي خوشي ۾ خوش آهيون ۽ هو ٻارنهن سالن کان هر ڏوهه ، هر سودي ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن،باقي حصي پتي تان ٿورو گهڻو جهيڙو ۽ نوڪ جهوڪ ته معمول جي ڳالهه آهي. حويلين ۽ اقتدار جي ايوانن ۾ پردي پويان مال خاطر عزت ۽ وطن جا سودا ٿيندا آهن ۽ اعلان ننگن ۽ دنگن جي حفاطت جا ٿيندا آهن.
اعلان ته اسين به ڪندا آهيون ”سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻ جي “ پر بيوس ايڏا ئي هوندا آهيون جيڏا ڪالهه هياسين ۽ پري کان حسرت سان پنهنجي هٿان کسڪي ويل يا سودي ۾ نيلام ٿيل ٻيٽن جي سرزمين ڏانهن واجهائي رهيا هياسين. گورنر صاحب فرمائي ٿو ته ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري 50 ارب ڊالرن جي سرمائيداري ڪرڻ لاءِ تيار آهن، يعني سوداگرن سودا ڪري ڇڏيا آهن سڀ ڳجهه ڳوهه ۾ ۽ هاڻي اعلان پيا ٿين سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي راضي ڪرڻ جا، يعني اوهان احتجاج نه ڪيو، گوڙ نه ڪيو. هنن کي اميد بلڪه يقين آهي ته هي گوڙ ڪجهه ڏينهن، هفتا هلندو ۽ گهڻي ٿي ته سنڌ حڪومت جي اين او سي ”اسان کي اعتراض ناهي“ نوٽيفڪيشن جيان صدارتي آرڊيننس ۾ به ڪا ڦير گهير ڪنداسين يا واپس وٺي سنڌي ماڻهن کي ماٺ ڪرائي ماٺ ميٺ ۾ جيئن ڏنگي ٻيٽ تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي تيئن ٻين باقي ٻيٽن تي به قبضو ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي ڀائي وارن جي ترقيءَ جا رستا هموار ڪري ڇڏينداسين. هو ڄاڻن ٿا ته اسان کي مٺي ڪاتيءَ سان ڪهڻ وارن ڪاسائين تي اصل ۾ ڪو اعترض ڪونهي، هو ته سرڪار جي بدلي سنڌ جو سودو ڪري چڪا آهن، هو جنهن ٽاريءَ تي ويٺا آهن تنهن کي وڍڻ جو اختيار کين ڏئي چڪا آهن، جو سياڻا آهن يا احمق، تنهن جو فيصلو ته وقت ڪندو پر هو سمورين ثابتين سان ثابت ڪري چڪا آهن ته هو بدترين سوداگر آهن ۽ هو سياڻي ڪانءَ جيان ٻه ٽنگا ڦاٿا آهن ۽ ٽياس تي ٽنگيو آهي هنن سنڌي قوم کي به. اڄ سنڌ جي اجتماعي شعور جي مزاحمتي شعور جي آزمائش آهي جو ميدان به سجي چڪو آهي زنگ ته اسان کي به لڳي چڪو آهي: انا پرستيءَ جو زنگ، تفرقي بازيءَ جو زنگ، نمائش پسندي ۽ پاڻ وڻائڻ جو زنگ، مصلحت ۽ مفاهمت جو زنگ. پنهنجي ذهنن ۽ ضميرن تي، دلين ۽ دماغن تي لڳل اهو زنگ آهي جي اسين لاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته فتح اسان جي ٿيندي نه ته نئين غلامي بڻجندي مقدر اسان جو، اسان جي اجتماعي شعور جي آواز ايترو اثر ضرور ڏيکاريو آهي جو جن سمجهيو پئي ته بس ڳجهه ڳوهه ۾ معاهدا ڪري مال پاڻيءَ تي ڀاڱي ڀائيواري ڪنداسين تن کي هاڻي سنڌ جا قومپرست، سول سوسائٽي ۽ مهاڻا نظر اچڻ لڳا آهن ۽ هاڻي هو هنن سان لٺ ۽ چٺ جي راند شروع ڪندا.
سوداگر ۽ انهن جا دلال ته هر هنڌ ويٺا آهن هاڻي داءُ لڳندا دنگن جا. ڏند کٽا ڪيا ويندا حقيقي مزاحمت ڪندڙن جا ۽ سودا ٿيندا سرن جا، هاڻ کوکلي نعريبازي ۽ نمائش پسنديءَ سان ڪم نه هلندو. ”نيٺ بهار ايندي“ جي عزم ۽ ويساهه سان اڳتي وڌڻو پوندو، هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار کي سارڻو پوندو. ”اول سر جو سانگو لاهه، پوءِ عشق کي هٿڙو لاءِ“ جي سڏ کي سارڻو پوندو نه ته ”پائي منهن مونن ۾ غربت ساڻ گذار.“ هاڻي آزمائش جو ميدان آهي: ڏنگيءَ جي آزادي، هو اسان کي للڪاري چون ٿا ته هيڏانهن نٿا اچي سگهو: او پر سي آرڊر هي، هو مٿان وارن جي آرڊر جا غلام آهن ۽ اسان جا ماهيگير غلامن جا غلام. غلامن جي ٻيڙن جو ذڪر ته اسان تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙهيو آهي آفريڪا جي تاريخ جي ڪتابن ۾ ۽ هو هاڻي اسان جي ماهيگيرن کي سمنڊ جي وارثن جي ٻيڙن کي بدلائي رهيا آهن جديد غلام جي ٻيڙن ۾. انهن کي پهرين بي دخل ڪيو ويندو پاڻيءَ مان ۽ هو ايئن ڦٿڪندا جيئن مڇي پاڻيءَ بنا ڦٿڪندي آهي ۽ پوءِ تاريخ مان انهن جو نانءُ نشان مٽجي ويندو، انهن جي رک تي اڏجندا نوان شهر، ترقيءَ جا نوان شاهڪار، جنهن تي پلجندا سرمائيداري ءَ جا مانگر مڇ ۽ انهن جي ڪمداري ڪندا اسان جا رئيس، رئيساڻيون.
ڪلهه جا مها انقلابي ۽ مارڪسي فڪر جا علمبردار به اڄ ڪلهه سرمائيدارڻي ترقيءَ جا علمبردار بڻيل آهن ۽ سڄي دنيا تي پنهنجي ترقيءَ جا چنبا کوڙي رهيا آهن ۽ اسان جي سرزمين، سمنڊ ۽ ٻيٽ به سندن نشاني تي آهن، اولهه ۽ اوڀر جي پورهيتن جي پل جو ڪردار سڀاڻي سنڌ ڪندي پر اڄ اولهه ۽ اوڀر جا سرمائيدار ۽ اسان جي وڏيرن، سيٺين، سرمائيدارن ۽ سياسي ٺڳن سان ٺڳيءَ جا ٺاهه ڪري اسان جي ترقيءَ لاءِ ڪوشان آهن، پنهنجي ديس تي انهن جي توسيع ۽ والار ڏسي ۽ خاص طور ڏنگيءَ جي ٻيٽ تي سندن قبضي جي جهلڪ ۾ منهنجي ڪنن ۾ چليءَ جي شاعر پابلو نرودا جي اها دانهن گونجي رهي آهي جيڪا 1973ع ۾ آليندي جي عوامي حڪومت جي جنرل پنوشي هٿان تختو اونڌو ٿيڻ وقت هن جي روح جي رڙ بڻجي اڀري هئي ته، “اڄ منهنجي ديس تي سڄي دنيا جي سوئرن گڏجي حملو ڪيو آهي“، سچ اهو آهي ته اڄ سڄي دنيا جي سرمائيدارن جون نظرون ۽ چنبا سنڌ ۽ بلوچستان جي سرزمين ۽ سمنڊ تي کتل آهن، ۽ اسان جو وجود داءُ تي لڳل آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *