تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

اياز جو آخري شھر: اداس ٻيٽن جا ٻگھه

سنڌ جو اھو ادب دوست مڊل ڪلاس جنھن کي شيخ اياز پنھنجي شاعريءَ جو اصل سفير سمجھندو ھو، اھو پوءِ آيو. اياز ڪراچيءَ مان اڳ ويو. جيڪڏھن تاريخ ٻنھي جو ميلاپ ڪرائي ھا ته اھو سنگم سنڌ کي ھڪ نئين جلا، نئون جيون بخشي ھا. ادب سياست جو دم ڇلو ڇو ٿئي؟ سياست ادب جي پوئلڳ به بڻجي پئي سگھي پر افسوس جو اياز ۽ سنڌ جو باشعور مڊل ڪلاس ھن شھر ۾ ھڪ وقت تي نه مليا. اياز جي جيون جي گاڏي جڏھن چيچلائيندي ۽ پٽڙيءَ کي چلڪائيندي رواني ٿي وئي، تڏھن ڪراچيءَ جي پليٽ فارم تي اھي نوجوان لٿا، جن جي ھٿن ۾ پراڻا ٿيلھا ۽ اکين ۾ نوان خواب ھئا.
ھا! اھي ئي ته نوجوان ھئا، جن جي لاءِ اياز ڪيئي سال اڳ ۾ لکيو ھو ته:
“ڳاڙھا ڳڀرو سنڌ جا، تون ئي منھنجو خواب
تون ئي آھين جواب، صدين جي سوال جو”
سنڌ جي مک شھر ۾ دک جو دونھون اياز اڪيلي سر سٺو. ان مھل جيڪڏھن اياز سان سنڌ جا نوجوان ھجن ھا ته ھو ڪراچيءَ جي سلسلي ۾ ايتري غمگين شاعري ھرگز نه ڪري ھا. ڪيتري نه اداسي آھي، ھن جي انھن ٻولن ۾ جيڪي “ڪپر ٿو ڪن ڪري” ۾ شايع ٿيا! اھي بيت اھڙا کيت آھن، جيڪي اجاڙيا ويا ھجن. جن جو ھڪ ھڪ سلو ۽ جنھن جو ھڪ ھڪ سرُ سراپا فرياد ھجي. افسوس ته اھو آھي جو اڄ به سنڌ جا ڪراچيءَ ۾ وسندڙ نوجوان
“پنھنجي شھر” ۽ “پنھنجي شاعر” جي وچ واري رشتي کان آشنا ناھن. جڏھن ھو آشنا ئي ناھن ته پوءِ ھو ڪيئن سمجھي سگھندا ان گھڙيءَ گھڙيءَ جو گھاءُ؟
اھي منظر اياز جي حساس ۽ غيرتي روح جي رتوڇاڻ ڪندا ھئا، تڏھن ته ھو لکندو ھو:
“ڀڻ جھڻ ڪن ٿا، رات جو روز ڪراچيءَ ڪن
ڪنڌيءَ ڪيڏي سن، ڪيڏو شور سمونڊ ۾”
ڪراچيءَ ۾ سمنڊ جي ڪناري جيڪي سازشي سياست جا ڪُن ھئا، اھي انھن ڪُنن کان وڌيڪ خطرناڪ ھئا، جن ڪنن ۾ ڪڏھن سنڌ جو مورڙو لٿو ھو. اياز جون اکيون ڪراچيءَ ۾ چوطرف مانگر مڇ ڏسي رھيون ھيون پر ھن جي ديد ڌرتيءَ جي دلير پٽن کي پسي نه ٿي سگھي، ان ڪري اياز ۾ تمام گھڻي پيڙا ھئي.
“پيڙا مان پڙلاءُ اچي ٿو
سروم دکم دکم
مرڪين ڇو ٿو اي مت موڙھا
دک درياھه ڪروڙين ڳوڙھا
جنھن ۾ روز ٻڏا ٻاڪارن
ھو جي ھر ھر ٿا ھاڪارن
ھو جي تڙ ھوڙاڪ ٻڌن ٿا
مرڪي لاڄو بند ٻڌن ٿا
تن لاءِ لھرون ليئا ليئا
تاريڪيءَ ۾ ٻارن ڏيئا
تون چاھين ٿو پار وڃان مان
پاڻيءَ تاررون تار وڃان مان
ڇو تھ پرانھون پار به آھي
۽ اھڙو سنسار به آھي
جتڙي جوت سدا جھمڪي ٿي
مرڪ ستارا ٿي ٽمڪي ٿي
تو کي روز سماءُ اچي ٿو
سروم دکم دکم”
“سڀ ڪجھه دک آھي”
گوتم جا اھي ٻول اياز جي لاءِ ڪراچيءَ جي تصوير بڻيل ھئا. اياز ته ڪراچيءَ لاءِ فتح جا نغما لکڻ آيو ھو. اياز کي ڪراچيءَ جي سياسي ۽ سماجي گھاوَ سبڻا پيا.
شايد اھي لفظ ايڊورڊ سعيد جا ھئا يا الائي فرانز فينن جا ھئا ته “جڏھن به ڪنھن قوم کان ھن جو ماضي وسري ويندو آھي ته اھا مستقل جو رستو تلاش نه ڪري سگھندي آھي” سنڌ سان سڀ کان وڏي زيادتي اھا ٿي ته سنڌ کي ڪنھن ويسر جي واھڙ ۾ وھايو ويو. ان ڪري سنڌ کان وسري ويو ته ڀلي ھن جي سياستدانن، ھن جي ڄام صادقن انھن جي ڪراچي اقتداري رشوت طور ڌارين جي حوالي ڪئي ھجي پر سنڌ جي قومي شاعر ڪراچيءَ جي سلسلي ۾ پنھنجي قوم سان تر جيتري به غداري نه ڪئي. ھو مسلسل وڙھندو رھيو. ھن جي ھٿ ۾ ھڪ قلم ئي ته ھو. پر ھو ان قلم کي علم وانگر اوچو جھلي بيٺو ۽ اڄ ان جھنڊي جي ھيٺان سنڌ جا جھونجھار ڪٺا ٿيا آھن. جيتوڻيڪ ھن وقت انھن ۾ ڪجھه ڪچائي ڦڪائي آھي پر ھو ڪراچيءَ جي آوي ۾ پچي پڪا ٿي رھيا آھن.
سنڌ جو نئون نسل تمام جلد ان حقيقت کان آگاھه ٿيندو ته شيخ اياز جي ڪراچيءَ لاءِ ادبي ويڙھه ان وقت شروع نه ٿي ھئي، جڏھن جنرل ضياءَ ۽ ھن جي ٽولي سنڌ جي جمھوريت دوستيءَ جي سزا ڏيڻ لاءِ ڳوٺن ۾ ڌاڙيل ۽ شھرن ۾ دھشتگرد پيدا ڪيا ھئا. جڏھن ته اياز انھن سان به مخاطب ٿيو ھو. ھن ان مھل به چيو ھو ته:
“ڪيڏو نه ھيو گيدي
ڪلھه رات مئو ڀڄندي
ڌاڙيل محب شيدي”
۽ جن ڇورن کي ٿوري ٽريننگ ۽ گھڻا ھٿيار ڏئي سنڌ جي شھرن ۾ ڇيڪ ڇڏيو ويو، انھن کي به احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندي اياز لکيو ھو ته:
“آئون به ھلائي ٿو سگھان، تو جان ڪلاشنڪوف
پر مون ۾ اھو خوف،معصوم نه ڪو مري پوي!”
پر ان رت ۽ باھه جي درياھه کان گھڻو اڳ ۾، گھڻو گھڻو اڳ ۾، ڪراچيءَ جي روڊن ۽ رستن تي جيڪو نفرت جو زھر وھندو ھو، اياز ان ۾ به غوطا کاڌا ھئا. ھي اھو دور ھو، جڏھن اياز سکر ۾ وڪالت، محبت ۽ شاعري ڪندو ھو. ھو ڪڏھن ڪڏھن ڪراچيءَ ۾ “ٿامس اينڊ ٿامس” تان نوان انگلش ڪتاب وٺڻ ايندو ھو ۽ جڏھن ھو سکر مان نڪرندو ھو، تڏھن ھن جي دل جي دنبوري تي اھي سٽون سرجڻ لڳنديون ھيون ته:
“اياز اڄ ڪراچي ڏٺي ڏينھن ٿيا
ڏسي ڪير ايڏا، مئيءَ تي مکا”
جيتوڻيڪ ھن کي ڪراچيءَ جي سڪ بار بار پئي سڏيندي ھئي. اھا اياز کي سمجھائڻ جي ڪوشش پئي ڪندي ھئي ته:
“ھتي لوءِ جي ڪا نه پوندءِ لکا
اڏي ويھه منھنجي پڌر ۾ پکا”
پر اياز ڪراچيءَ کي سدائين چيو ته:
“آئون ايندس
ضرور ايندس
آئون ايئن ايندس
جيئن مونجھه واري
پل ۾ اوچتو طوفان ايندو آھي
جيئن تمام تاريڪي ۾ سج اڀري ايندو آھي”
اياز سنڌ سان سمورا واعدا پورا ڪيا. سنڌ جيڪا ھن جي ماءُ ھئي. ڪراچي ته اياز جي محبوبا ھئي. سچا شاعر ڪوڙا واعدا نه ڪندا آھن. پوءِ ڀلي اھي واعدا ماءُ سان ھجن يا محبوبا سان!
اياز پنھنجي ھر ٻول سان ٻڌل رھيو.
“آئون ته ٻڌي ھان تنھنجي ٻول
ناتو تون نه ڍلو ڪر ڍول”
اياز جو ڪراچيءَ سان ناتو ڪڏھن ڍرو نه ٿيو.
ھڪ شاعر ھڪ شھر سان تاريخي وفا جو وچن پاڙيو.
ھندن جي ڌرمي پستڪ “رامائڻ” ۾ لکيل آھي ته جڏھن راوڻ لنڪا مان سيتا کي کڻڻ آيو ھو، تڏھن ھن ڏٺو ته سيتا کي نه کڻڻ ممڪن ناھي. ڇو ته سيتا جي رکشا لاءِ ھن جو ڏير لڇمڻ پنھنجي ڀاڄائيءَ جي چوڌاري گول ليڪو پائي ويو ھو ۽ سيتا کي سمجھائي ويو ھو ته جيستائين تون ان ليڪي جي اندر آھين، تيستائين تون ھر آفت کان محفوظ ھوندينءَ. تون ڪنھن به قيمت تي پنھنجو پير ان پٽي مان نه ڪڍجانءِ. سيتا چيو ته ٺيڪ آھي. پر جڏھن راوڻ ھڪ فقير جو روپ ڌاري سيتا وٽ بکشا گھرڻ آيو ته سيتا ھن کي چيو ته “ليڪي جي اندر اچي بکشا وٺ” راوڻ چيو ته “آئون پوتر ناھيان جو ليڪي جي اندر اچي سگھان. تون پير ٻاھر ڪڍي مون کي بکشا ڏي” جڏھن سيتا “لڇمڻ ريکا” مان پنھنجو پير ٻاھر ڪڍيو ته راوڻ ھن کي کنڀي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. چون ٿا ته ان مھل جھنگ ۾ ٻيو ڪو نه ھو، سواءِ “جٽائوءَ” نالي ھڪ پکي جي، پر اھو پکي به راوڻ سان اٽڪي پيو ۽ سيتا کي بچائيندي اھو گھايل ٿي پيو. ان پسمنظر کي ذھن ۾ رکي اياز ڇا ته قھر جو بيت لکيو ھو ته:
“ووءِ ڪراچي ڪامڻي، تنھنجو سھڄ سڀاءُ
ڏيندي بيک کڄي وئينءَ، پيئه ڪو نه سماءُ
مون کي تنھنجو گھاءُ، جٽائوءَ جيئن جيءَ ۾”
اياز ڪراچيءَ جو سياسي ۽ ثقافتي دفاع ڪندي اڪيلو ھو. تنھا ھو. بنھه تنھا. ايئن تنھا، جيئن ھن جو ھي تنھا نظم:
“آئون اڪيلو سامھون سٿ
خنجر خنجرڪيئي ھٿ
آئون اڪيلو سامھون سڱ
ڪانڊاريل ڪانڊاريل لڱ
مون کي ماري لوئيءَ لڄ
ساري وستي سوئر وڄ”
اھڙي اڪيلائي ۾، اڪيلي سر به اياز ڪراچيءَ لاءِ قلم کي ايئن استعمال ڪيو، جيئن شيواجي تلوار استعمال ڪندو ھو.
اڄ جڏھن پيپلز پارٽي پنھنجي ڪرپشن جا پاپ ڌوئڻ لاءِ سنڌ جا ٻيٽ وفاق جي حوالي ڪري رھي آھي، تڏھن اسان کي اياز جي ڪمي ڪيتري نه شدت سان محسوس ٿي رھي آھي.
جيڪڏھن موت اياز کي ڪجھه سال مھلت ڏئي ھا ته اڄ ھو “پرنس ڪامپليس” تان قافلي جي صورت ۾ ابراھيم حيدريءَ طرف ھلي ھا ۽ اتان فشرفوڪ وارن جي ھوڙھن ۾ ويھي انھن ٻيٽن تي ھلي ھا، جن جي ڪنارن تي ويٺل ٻگھه اڄ اتان جي مھاڻن وانگر مايوس ۽ اداس آھن. جيڪڏھن اياز لھندڙ سج جي لالاڻ ۾ انھن ٻيٽن تي بيھي سمنڊ کي ڏسي ھا ته ھو ڇا سوچي ھا؟
ھو جيڪو سمنڊ کي پنھنجو ڀاءُ سڏيندو ھو. ھو جنھن پنھنجي وصيعت ۾ چيو ھو ته “مون کي سمنڊ ڪناري دفنايو وڃي” اھڙي ماحول ۾ ھو سمنڊ جي ٻيٽن مان ڪنھن ٻيٽ تي پنھنجي آخري آرامگاھه جوڙائڻ جو اعلان ڪري ھا.
اھو سڀ ڪجھه ٿي سگھي ھا. پر وقت جي وٿي تمام گھڻي وڇوٽي پيدا ڪري وٺي ٿي. پر اياز پنھنجي ڪلام جي صورت ۾ ڪراچيءَ کي جيڪا تحفظ جي ديوار ڏني آھي، اھا ته ديوار چين کان به وڌيڪ پڪي، پختي ۽ اوچي آھي. ان ديوار کي ڪير نه ٽپي سگھندو. ڇو ته ان ديوار جي ھڪ ھڪل سر تي اياز جا گيت، بيت، نظم ۽ وايون لکيل آھن.
ان ڀت کي ڪو به ڀوري نه ٿو سگھي.
اھا ڀت اسان جي ديوار گريه آھي!!
(ھلندڙ)

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *