تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

اياز جو آخري شھر: سنڌ مرڪي پئي

شيخ اياز بنيادي طور تي ڪو بند دل جو ماڻھو نه ھو. ھو جيترو وڏو شاعر ھو، ايترو وڏو شاعر ٿيڻ لاءِ دل به وڏي ڪرڻي پوندي آھي. ھن ۾ تنگ نظري نه ھئي. ابتدا کان وٺي نه ھئي. جيڪڏھن اوھان ھن جو پھريون مجموعو “ڀوئنر ڀري آڪاس” پڙھندا ته اوھان کي محسوس ٿي ويندو ته “جيئي سنڌ” تحريڪ کان اڳ ۾ بلڪه پاڪستان ٺھڻ کان به پھريان ھن جي شاعريءَ ۾ جيڪا ڌرتيءَ جي دانھن آھي، اھا ڌرتي سرحدن ۾ ورھايل ناھي. ھن جو پھريون فڪري ۽ ادبي استاد سائين جي ايم سيد نه ھو. ھن جو مينٽور Mentor ۽ ھن جو ادبي گرو حشو ڪيول راماڻي ھو. ھو وطن دوست ھو پر ھڪ تمام وڏو مارڪسسٽ ھو. ھو اھو شخص ھو، جنھن سوڀي گيانچنداڻي کي پنھنجي ڳوٺ ٻنڊي ۾ ڏسي چيو ھو Flower on Dung hill يعني ڇيڻي جي ڍير مٿان ٽڙيل گلاب! اھي انگريزي لفظ ان دور ۾ ان ماڻھوءَ کي ارپيا ويندا ھئا، جيڪو شھرن ۾ شھرت تلاش ڪرڻ بدران پنھنجي واھڻ، پنھنجي ڳوٺ ۾ اجتماعي جدوجھد جي علامت بڻجي وڃي. اھو حشو جيڪو انگريزيءَ ۾سوچيندو ھو. جيڪو سنڌيءَ ۾ محسوس ڪندو ھو. ھن کي جي ايم سيد به پنھنجو استاد تسليم ڪندو ھو. جي سيد پنھنجي مشھور ڪتاب “اڄ به چڪيم چاڪ” ۾جيڪي پنھنجن دوستن ۽ مھربانن جا خط پيش ڪيا آھن، انھن خطن ۾ ڪجھه خط حشوءَ جا به آھن. انھن خطن مان ھڪ خط ۾ حشو کيس لکي ٿو ته “اوھان مون کي پنھنجو سياسي استاد لکيو آھي. مان اوھان جو سياسي استاد ڪيئن ٿو ٿي سگھان؟ جڏھن ماڻھو وڙھندا آھن ته مان پريشان ٿي پوندو آھيان. مان ته پنھنجي گھر جي سياست به نه ھلائي سگھيس. مان اوھان جو ادبي استاد ٿي سگھان ٿو” ممڪن آھي ته جڏھن جي ايم سيد حشوءَ کي خط لکيو ھو ته ھن جي ذھن ۾ “نئين سنڌ لاءِ جدوجھد” ھجي. جي ايم سيد جي نالي ۾ شايع ٿيل اھو ڪتاب دراصل حشو ڪيول راماڻي لکيو ھو. اھا ڳالھه مون کي شيخ اياز پاڻ ٻڌائي ھئي. ھن چيو ھو ته مان حشوءَ سان ان وقت مليو ھوس، جڏھن ھو آءِ آءِ چندريگر روڊ تي “جنگ” اخبار جي سامھون وارن فليٽن ۾ رھندو ھو. ان وقت ھن جي ڪمري ۾ ايترا ڪتاب ھوندا ھئا جو ويھڻ جي جاءِ به نه ھوندي ھئي. انھن ڏينھن ۾ ھو سمورو وقت “نئين سنڌ لاءِ جدوجھد” لکندو ھو ۽ جڏھن ھن کي تمام گھڻي بک لڳندي ھئي، تڏھن ھو ھيٺ وڃي حليم جي پليٽ کائي ايندو ھو.
ورھاڱي جي طوفان ۾ ته وڏا وڏا وڻ پاڙان پٽجي ويا. جيڪڏھن اسان پنھنجي تاريخ جو تحفظ ڪريون ھا ته اسان کي معلوم ٿي سگھي ھا ته ھن شھر جي پھاڙي پاتال ۾ سنڌي قوم جون جڙون تمام گھريون آھن. سنڌي ادب توڙي سنڌي سياست جو منڍ کان وٺي مرڪز ڪراچي ھو. اھا ٻي ڳالھه آھي ته جڏھن ھندو ڪک پن ٿي ويا ۽ ڪراچيءَ ۾ نازڪ مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ سنڌي نوجوان ھن شھر ۾ پاڻ کي پختو نه ڪري سگھيا ته انھن حيدرآباد جو رخ ڪيو ۽ حيدرآباد ۾ انھن ادبي، سياسي ۽ ثقافتي سرگرميون شروع ڪيون. حيدرآباد سنڌ جي فڪر، فھم ۽ ڪرم جو ٻيون مورچو ھو. سنڌ جو پھريون مورچو ڪراچي ھو. سنڌ ۾ سٺ ستر سالن کان پوءِ وري ڪراچيءَ طرف ورڻ جي جيڪا ابتدا ٿي آھي، اھا ھن ڀيري پڙ جو پاھڻ ٿي رھندي. ھن مھل جيڪي سنڌي ماڻھو پنھنجن خاندانن سميت ڪراچيءَ ۾ آيا آھن ۽ ھو ڀلي شھر جي وچ ۾ نه پر ڀر پاسي ۾ به رھندا ھجن، اھي ڪنھن به صورت ۾ پوئتي نه ورندا. معاملو صرف انھن جي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جو ناھي. پر اھم مسئلو سنڌي عورت جي سماجي آزاديءَ جو آھي. ھن پنھنجي منھن تان ساھه منجھائيندڙ پردو پري ڪري، جيڪا به سماجي آزادي حاصل ڪئي آھي، ان تان ھوءَ ڪنھن به صورت ۾ دستبردار نه ٿيندي.
اياز کي ان ڳالھه جو احساس ھو. اھو احساس ايئن ھو، جيئن شاعرن کي ايندڙ وقتن جا اڳواٽ احساس ٿي ويندا آھن. اياز ان خيال جو ته ڪڏھن به نه رھيو ته ڪراچيءَ تي ثقافتي طور تي قبضو ٿي ويو آھي. ڪراچي کي ھو کنڀي کڻي ويا آھن. ان ڪري ڪراچي ڪاري ٿي وئي آھي. اھڙي ڪا به سوچ اياز جي اجري شاعريءَ ۾ اوھان کي نظر نه ايندي. اياز سدائين ڪراچيءَ جي قابض ڪلچر کي ڪمزور ڪلچر طور ڏٺو ۽ پيش ڪيو. ھن کي اھو يقين ھو ته ھي “مھاجر شائونزم” گھڻو وقت پنھنجو پاڻ کي بچائي نه سگھندو. ڇو ته ان جي جڙ ۾مٽيءَ ۾ ناھي. اھو “امر بيل” وانگر ھوا ۾ لڙڪي ٿو. اياز کي ان دور ۾ ڪراچيءَ اندر جيڪي تنگ نظر ۽ ثقافتي داداگير قسم جا اديب ۽ صحافي ھوندا ھئا، انھن جو ھن مٿان ايترو اثر نه ٿيندو ھو پر ھن کي تمام گھڻي تڪليف ان وقت محسوس ٿيندي ھئي، جڏھن اسٽائيل سان ڪافي پيئندڙ، امپورٽيڊ سگريٽ ڇڪيندڙ ۽ انگريزي ڪتاب پڙھندڙ ۽ پاڻ کي نظرياتي دانشور چوندڙ ڪردار سنڌ کي تمام گھڻو ھيچ سمجھندا ھئا ۽ انھن کي پنھنجي اردو دانيءَ تي وڏو ناز ھوندو ھو. انھن جي سوچ ۽ انھن جو عمل بلڪل مدي خارج ۽ منفي ھو. پر انھن جا ان دور جي ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ وڏا ڌاڪا ھئا. اياز جڏھن به اھا پيڙا محسوس ڪندو ھو ته ھن جي دل جي ڌرتيءَ کي چيري اھڙا شعر ڦٽي پوندا ھئا ته:
“ھو سڀ لينن واد جي ڪفن جا ڪيڙا
ھو ڇا ڄاڻن سنڌ جا آڌيءَ اوسيئڙا
پيڙھين جي پيڙا، ڪوٽ ڪڙا ۽ مارويون”
ھي اھو وقت ھوندو ھو، جڏھن “مارئي” لفظ ڪلچرل قيد ۾ ھو. ھن مھل ته نه معلوم ڪيتريون مارويون ڪراچيءَ کان وٺي اسلام آباد تائين ھر ڏينھن جھاز ۾ سفر ڪن ٿيون.  اھا ڳالھه ڪجھه ماڻھن جي لاءِ دلچسپيءَ جو ڪارڻ بڻجي سگھي ٿي ته جيڪا خاتون ھن مھل مسلم ليگ ن ۾ آھي، ان مارئي ميمڻ جو نالو شيخ اياز پاڻ رکيو ھو. ڇو ته سندس والد شيخ اياز جو گھرو دوست ھو. ھڪ وقت اھڙو به آيو ھو، جڏھن سنڌ جا ماڻھو ھندوستان مان ايندڙ ھڪ خاص ڪلاس جي ثقافتي ٻوڏ ۾ ڪافي حد تائين لڙھي ويا. ھو پنھنجين ڀيڻن کي باجي ۽ ماسيءَ کي خالا چوڻ لڳا ھئا. پر ان ثقافتي حملن ۾ سنڌ جو دفاع ڪرڻ وارا وري به اھي اديب ۽ شاعر ھئا، جن سنڌي رسالن ۾ لکي لکي غلام قوم ۾ آزاديءَ جو احساس جاڳايو. اھڙي عظيم ڪم ۾ شيخ اياز جو نالو سڀ کان مٿي آھي. شيخ  اياز حشوءَ جو شاگرد ھو. حشو جو شاگرد ھجڻ جو مطلب آھي، دنيا جي تمام وڏي ادبي يونيورسٽيءَ جو گريجوئيٽ. جڏھن ته اياز پنھنجي مطالعي واري جنون سبب جلدي پوسٽ گريجوئيٽ جي حيثيت حاصل ڪري ويو. انھن اياز کي به پنھنجي غلاميءَ جي گھيري ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. انھن جي خواھش ھئي ته اياز به انھن جو حلقه بگوش بڻجي. پر اياز ڪيئي پاڻي پيتل ڪھاڙي ھو. ھو پنھنجي فڪر ۽ فھم تي بيٺو رھيو ۽ ھو سڏيندو رھيو ته ڪھڙي طرح رياست ۽ سرڪار جي تعان سان ھڪ مسڪين ۽ معصوم قوم کي ڦرلٽ جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
ھن ڌرتيءَ تي ڌاڙيلن وانگر داخل ٿيندڙ ماڻھن ھتان جي عوام کي اتساھه ڏيڻ ۽ انھن جي انسان دوستيءَ جي واکاڻ ڪرڻ ۽ انھن جي سادگيءَ کي سٺو سمجھڻ بدران انھن جي ٻوليءَ، انھن جي رسمن، ريتن ۽ انھن جي ثقافت جي توھين ڪرڻ پنھنجو اولين فرض سمجھيو. انھن ڪڏھن به سنڌ جي سور کي پنھنجو سور نه سمجھيو. جڏھن پاڻ “انھن” لکون ٿا ته ان ۾ سڀ نه ٿا اچن. انھن ۾ ڪجھه ته اھڙا ھئا، جن جي لاءِ ميري پوتي يا پراڻي ٽوپيءَ واري سنڌ انھن جي زندگيءَ جو پھريون ڪريش ھو. اسان ڪيئن ٿا وساري سگھون اھو جي ايم مھڪري جنھن Sorrows of Sindh جھڙو عاليشان ڪتاب لکيو ھو. اسان ڪيئن ٿا فراموش ڪري سگھون، ان سبط حسن کي جنھن اسان کي اسان جي تاريخ جي کنڊرن مان ڳولي “سنڌ جو پھريون سوشلسٽ صوفي” اسان جي آڏو پيش ڪيو. اسان ڪيئن ٿا وساري سگھون ان بيباڪ ۽ نھايت خوبصورت شاعره فھميده رياض کي، جنھن سنڌ جي محبت ۾ لوليون لکيون آھن. پر انھن ڪجھه ڪنول گلن جھڙن ڪردارن جي آس پاس ڪي ڏيڏر به ھئا، جيڪي سڄو ڏينھن ڏاڪار ڪندا ھئا. ڪي واڳون به ھئا جيڪي ڪيچڙ ۾ ڇپ ھنيو ويٺا ھوندا ھئا. انھن جون سازشون ۽ انھن جون رھزنيون ڏسي پسي ھڪ حساس شاعر جي دل تي ڪيترو نه اثر ٿيندو ھو. ان ڪري ئي ته ھو لکندو ھو:
“روز پڙھن فينن، چي گويرا ۽ ٽراسٽڪي
ڳاڙھا پستڪ پي ويا، مائو تن جي من
پوءِ به تن جي ڪن، آھون دانھون سنڌ جون”
جيڪڏھن ھو سنڌ جي دانھن ٻڌن ھا جيڪڏھن ھو سنڌ سان سچا ٿين ھا. جيڪڏھن ھو تاريخ جو فرض نڀائين ھا. جيڪڏھن ھو حق جو پاسو کڻن ھا ته اڄ سنڌ جا سردار ھجن ھا. ھو جيڪي ھن مھل پوري ملڪ جا غدار قرار ڏجي چڪا آھن. اھي پنھنجو ڪيتو لوڙي رھيا آھن. اياز ۽ اسان جي سمورن اديبن ۽ شاعرن جي سنڌ ڪنھن به صورت ۾ دل نه ٿي ھاري. ھو اڄ به وڏي وقار سان مسڪرائي ٿي.
“ٿو ڪري راڪاس راڙا پر اياز
ھيل تنھنجي سنڌ گھٻرائي نه ٿي”
(ھلندڙ)

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *