Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_b8pt2o3nj30ktost8o38i6admr, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اياز جو آخري شھر: فن ۽ فڪر جو ڪمانڊر - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اياز جو آخري شھر: فن ۽ فڪر جو ڪمانڊر - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

اياز جو آخري شھر: فن ۽ فڪر جو ڪمانڊر

“ڪراچي سنڌين جي سياسي سرگرمين جو مرڪز ٿيندو”  اھا اڳڪٿي ته ڪنھن به سياسي نجوميءَ نه ڪئي ھئي. ھڪ وقت اھڙو ھو، جڏھن سنڌي ڪراچيءَ ۾ وات چٻو ڪري صحيح اردو ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا پر ھن وقت ھر ننڍي دوڪان ۽ وڏي ھوٽل تان اھڙي سولي سنڌي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، جنھن کي ڪو به خوف ۽ کٽڪو ناھي. ھن دور کي شيخ اياز پنھنجين اکين سان ڏسي ھا ته ھن کي تمام گھڻي تسڪين حاصل ٿئي ھا. شيخ اياز نه رڳو ھن دور جو پر ھو پنھنجي دور جو به تمام وڏو ۽ ديو قامت شاعر ھو. پر افسوس جي ڳالھه اھا آھي ته ٻوليءَ جي تعصب سبب ھن جي شاعراڻي عظمت کان انڪار ڪيو ويو. جڏھن ته ھن جي اردو شاعري به ايتري يونيڪ Unique ھئي، جنھن جي ڀيٽ اردوءَ جي ڪنھن به ٻئي شاعر سان نه ٿي ڪري سگھجي. اردو شاعريءَ ۾ ھر شاعر ڪنھن نه ڪنھن گروپ ۾ ورھائي سگھجي ٿو. اھي گروپ فڪري گھٽ ۽ فني وڌيڪ آھن. مثال طور جيڪڏھن اوھان غالب جي شاعري پڙھو ٿا ته ھن مٿان مير جو اثر صاف نظر ايندو ۽ غالب کان پوءِ وارن شاعرن مٿان ته غالب جي باقاعده ڇاپ آھي. جڏھن ته فيض احمد فيض کي مخدوم محي الدين ۽ ان کان پوءِ صوفي تبسم جي گروپ ۾ رکي سگھجي ٿو. ڇو ته انھن جي شاعريءَ جا گل گھڻا ھڪ جھڙا آھن. جڏھن ته احمد فراز ۽ پروين شاڪر جي دور جو ساڳيو لھجو ۽ رومانوي انداز آھي. پر شيخ اياز انھن سڀني ۾ صفا مختلف ۽ بنھه بينظير شاعر ھو ۽ آھي. ھن وقت تائين شيخ اياز جھڙي اردو شاعري ٻئي ڪنھن به شاعر نه ڪئي آھي. ڇو ته ان شاعريءَ ۾ جيڪا سنڌيت جي خوشبو ۽ ھنديت جو ھڳاءُ آھي، اھو ٻئي ڪنھن شاعر ۾ ناھي. ھندي ٻوليءَ کي اردوءَ لفظن ۾ اٽڪائڻ جو ڪم ڪجھه شاعرن ڪيو پر انھن ۾ وطن دوستي ۽ عالمي شعور نه ھو. شيخ اياز جي اردو شاعريءَ ۾ ڪجھه شيون اھڙيون آھن، جيڪي اياز کان سواءِ ٻيو ڪنھن ۾ ڪونھن. ھڪ ته ھن جي تاريخ تي گرفت، ٻيو ته ھن جو ننڍي کنڊ جي ڪلچر سان سڀاءُ، ٽيون ھن جا منفرد موضوع، چوٿون ھن جي اھڙي وطن دوستي جنھن تي تنگ نظر قومپرستيءَ جي ڇاپ لڳل ناھي. پنجون ھن ۾ ايندڙ دور جو ويزن Vision. ڇھون ھن جو مختلف ۽ منفرد ردم ۽ ستون ھن جي شاعريءَ ۾ ھن جي تمام گھڻي ۽ گھري مطالعي جي جھلڪ!
جڏھن ھو لکي ٿو ته:
“قصه حاتم نھين
يه ايڪ سچي بات ھي
گوش بر آواز ھو
سن ڪي مٽي بولتي ھي
جام نندو ڪب تلڪ سوتي رھو گي
نيند مين روتي رھو گي
ديکھه دريا خان دولھه ڪا مزار ھل رھا ھي
ڦر صدا آني لگي ھي
جام نندو ڪب تلڪ سوتي رھو گي
آ ڪه ھم سنگ لحد ڪو توڙ دين
آ ڪه ڦر جيني سي رشته جوڙ دين”
ان نظم ۾ سادي ڳالھه آھي پر پوءِ به ڪيترا سوال آھن. اھي سوال جيڪي اردو پڙھندڙن جي لاءِ اياز پنھنجي فن سان پيدا ڪري ويو آھي. ھو اردو ڳالھائڻ وارن کي اھو احساس ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري ٿو ته “اوھان ڪنھن جھالت واري ديس ۾ داخل نه ٿيا آھيو”
اردوءَ وارن ۾ پنھنجي ٻوليءَ جي ترڪيبن ۽ شعري تخليقن تي جيڪو ناز ھو، ان جو توڙ صرف اياز وٽ ھو. ڇو ته اياز ابتدا ۾ اردو شاعري ڪئي. ھن جو پھريون مجموعو “بوءِ گل ناله دل” ھو. مون کي شيخ اياز پاڻ ٻڌايو ھو ته جڏھن ھو نائين ۽ ڏھين ڪلاس ۾ ھو ته ھن کي ديوان غالب پورو ياد ھو. جڏھن ته ھن کي غالب جي فارسي شاعر جا سوين شعر به ھن جي دل ۽ دماغ ۾ محفوظ ھئا. ان کان سواءِ ھو اردو شاعريءَ جي سموري ذخيري سان مالا مال ھو. ھن اردوءَ جي ھڪ ھڪ شاعر جي نه صرف شاعري پر ھن جي زندگيءَ جو مطالعو به ڪيو ھو. جيڪڏھن ايئن نه ھجي ھا ته ھو پنھنجي نثري نظمن ۾ اردو شاعرن تي ايتري اڇل ڇو ڏئي ھا؟ جڏھن ھو لکي ٿو ته “جيڪڏھن ھر غم کي غم جانان بڻائڻ سان روزگار جي مصيبت آسان ٿي پوي ھا ته اصغر گونڊيءَ کي عينڪ جا شيشا ڇا وڪڻڻا پون ھا” اصغر گونڊي اردو جو سيبتو شاعر ھو. ھو غريب ھو ۽ ھن کي نظر جي چشمن جو دوڪان ھو. ھن پنھنجي غربت مان شاعريءَ ۾ ٽٻي ھڻي اھو شعر لکيو ھو ته:
“آلام روزگار ڪو آسان بنا ديا
جو غم ھوا اسي غم جانان بنا ديا”
ان ترڪيب سان ڪيترن ئي اردو شاعرن پنھنجي پنھنجي انداز سان ڇيڙڇاڙ ڪئي آھي. پر اياز جو ته انداز ئي اور ھو.
شيخ اياز جڏھن تاريخ ۽ تعصب جي سلسلي ۾ اندر مان اظھار ڪري ٿو ته ھو لکي ٿو:
“بادلون ڪي طرح طوفان ڪي زد مين ھي ابھي
رد و ڪد ۾ ھي ابھي
خطه بر صغير
اور ميري شاعري
دھن عيسيٰ پر ھو جيسي
شير مريم ڪي لڪير
ھان يقينن ايسا دن بھي آئي گا
جب جاگ اٺي گا نسل نو ڪا ضمير
اور مين ھونگا شاعر اول اس ڪي حسن ڪا”
اھا وسعت ۽ تشبيھن جو اھو انداز ته اردوءَ جي روايتي شاعريءَ ۾ بنھه نه ھو. ان جي روايت اياز جي قلم وڌي آھي. اياز جو اھو قلم جيڪو سنڌيءَ شاعريءَ ۾ ته ڪسڻ جي ڪوٺ آھي پر ھن پنھنجي اردو شاعريءَ ۾ جيڪو فن ۽ فڪر جو نئون ديپ جلايو، ان جي روشنيءَ تي ڪوئي نه آيو.
اردوءَ وارا اديب ۽ نقاد ته ان مرزا غالب جي روايت جا راھي ھئا، جيڪو چوندو ھو ته اسان شاعر جا نه شعر جا عاشق آھيون. پر انھن ڄاڻي واڻي شيخ اياز جي ان اردو شاعريءَ کي نظرانداز ڪيو، جيڪا تمام ڀرپور ھئي. ان جو وڏو ثبوت اھو آھي ته جڏھن اسان شاعريءَ جي انمول عاشق ضيا محي الدين کي اياز جي اردو شاعري پنھنجي مخصوص انداز ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڏني ته ھن ڪجھه ڏينھن تائين اھا شاعري پڙھي چيو ھو ته “مان اھي ڪم ثواب خاطر نه ڪندو آھيان. پر ھيءَ شاعري پڙھي مون کي محسوس ٿيو آھي ته شيخ اياز جو منھنجي مٿان قرض ھو. مان ھن جو ڪلام پيش ڪرڻ جي سلسلي ۾ ھڪ پئسو به نه وٺندس” ۽ پوري جڳ ڏٺو ته جڏھن ھن شيخ اياز جو اردو ڪلام پيش ڪيو ته آرٽس ڪائونسل جي ڀريل ھال ۾ ايتري خاموشي ھئي، جيتري تخليق کان پوءِ ڌرتيءَ جي سطح تي ھئي.
ھو جھڙي طرح ڀٽائيءَ سان مخاطب ٿئي ٿو ۽ کيس چئي ٿو:
“اي ڀٽائي پير و مرشد
اي اسير حسن ذات
بي ثبوت بي ثبات ڪائنات
مين ڪه ھون محو صفات
روز و شب اس ھائو ھو مين
بي سبب اور بي ادب
ڪائنات بي ڪران ڪو
مسترد ڪرتا تھا مين
رد و ڪد ڪرتا تھا مين
اب مگر مين مانتا ھون
ايڪ غم بي نام بھي ھي
اور با معني و مقصد
تيرا ھر پيغام بھي ھي”
شيخ اياز جي ان سلسلي ۾ سچائي اھا آھي ته ھن صرف اردوءَ وارن تي اثر وجھڻ جي لاءِ اھي شعر نه لکيا پر ھن اردوءَ وارن کي سنڌ جي مٽيءَ سان ملائي ھڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي اھو سڀ ڪجھه لکيو، جيڪو ڪمال جو آھي. جيڪڏھن ايئن نه ھجي ھا ته ھن کي ڪھڙي خبر پوي ھا جو ھو سچل، سامي ۽ سانگي جا سنڌي توڙي فارسي شعر ايتري خوبصورت اردوءَ ۾ ترجمو ڪري لکي ھا. اسان ته مير حسن سانگيءَ جي فارسي ڪلام کي اياز جي معرفت پڙھيو ته:
“ڦر وھي باد بھار آني لگي
جسم و جان سي بوءِ يار آني لگي
بادلون کي ڇانئون مين ڪيا بات تھي
ياد جانان بار بار آني لگي”
سامي حقيقت ۾ اھڙي شاعري نه ڪئي آھي، جھڙو اياز ھن جو اھو ترجمو ڪيو آھي ته:
“مين ڪيسي تجھي سمجھائون سکي
وه پھولون ڪي ڪوملتا ھي
مين ايڪ مھڪ بن جاتي ھون
جب سجن ميري گھر آتا ھي”
جڏھن ته سچل جو ڪلام اردو ۾ لاھيندي ته اياز تمام وڏو ڪمال ڪيو آھي. ھن لکيو آھي:
“شعار خاص سي الجھي
شعور عام سي الجھي
ھمارا مسلڪ پرواز
ڪس ڪس دام سي الجھي
صبا جب زلف جانان ڪا
پيام مشڪبو لائي
ڪبھي ھم ڪفر سي الجھي
ڪبھي اسلام سي الجھي”
اھي شاعريءَ جا ڀنڊار آھن، جيڪي اياز اردوءَ ٻوليءَ ۾ لاٿا پر اردوءَ وارن ھن طرف ڄاڻي واڻي ڏسڻ کان لنوايو. ھنن شيخ اياز کي نظرانداز ڪري تاريخ سان ناانصافي ڪئي. ممڪن آھي ته ان جو ھڪ سبب اھو به ھجي ته ھو اياز جي آڏو پاڻ کي نھايت ننڍڙا نظر ايندا ھئا. ڇو ته اياز کي نه صرف اردو پر فارسي ٻوليءَ جي شاعريءَ تي به تمام گھڻي گرفت ھئي. ھو نه رڳو علم عروض جي وزنن بحرن کان آگاھه ھو پر ھن کي مغرب جي ان ادب جو به تمام گھڻو علم ھو، جنھن کان صرف چند اردوءَ وارا آگاھه ھئا ۽ جيڪي انگريزي پڙھندا ھئا، انھن جون اکين نراڙ ۾ ھونديون ھيون. جڏھن ته اياز پوري دنيا جو ادب انھن ملڪن جي سياسي، سماجي ۽ تاريخي پس منظر ۾ پڙھيو.
شيخ اياز ته فن ۽ فڪر جو اھڙو ڪمانڊر ھو، جنھن جي قلم جي تلوار کي ھن وقت تائين ڪو به سنڌي ته ڇا پر اردو شاعر به نه کڻي سگھيو  آھي.
(ھلندڙ)

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *