Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_odf68r0385lvtave9jeogcnnh7, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اياز جو آخري شھر ۽ ڊڪنس جو لنڊن - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اياز جو آخري شھر ۽ ڊڪنس جو لنڊن - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

اياز جو آخري شھر ۽ ڊڪنس جو لنڊن

شيخ اياز جي ھڪ شاگرد ٻڌايو ھو:
ھڪ ڀيري شيخ اياز جي ھٿن ۾ ھڪ انگريزي ڪتاب ھو. ھو ان ڪتاب کي بار بار کولي رھيو ھو ۽ مسڪرائيندڙ اکين سان ان جا ڪجھه لفظ پڙھي رھيو ھو ۽ وري ڪتاب بند ڪري رھيو ھو. مون ھن کان وڏي ادب سان پڇاڪئي ته سائين! ھن ڪتاب ۾ ڇاھي؟ شيخ اياز ڄڻ ته ان سوال جو انتظار ڪري رھيو ھو. ھن جواب ۾ چيو ته ھي ڪتاب ھڪ انگريز لکيو آھي. ھي ڪتاب لنڊن جي انھن گھٽين، گھرن، شراب خانن ۽ دوڪانن جي باري ۾ آھي، جن جو ڊڪنس پنھنجن ناولن ۾ سڌو ۽ اڻ سڌو ذڪر ڪيو آھي ۽ نه فقط اھو پر ھو جنھن بازار ۾ خريداري ڪرڻ ويندو ھو. ھو جنھن مئڪدي تي ويھي شراب پيئندو ھو. ھو جن گھٽين ۾ گھمندو ھو ۽ جن دوستن مائٽن جي گھرن ۾ ويندو ھو. انھن سڀني شين جا تفصيل ھن ليکڪ پنھنجي ڪتاب ۾ ڪٺا ڪيا آھن. ھڪ اديب ۽ آرٽسٽ کي اھڙي ڀيٽا ملڻ گھرجي. اھا ڳالھه ڪرڻ کان پوءِ اياز تمام گھڻي آس سان چيو ته ڇا اھو ممڪن ناھي ته ڪوئي ليکڪ منھنجا ھن شھر ۾ پيرا کڻي ۽ منھنجي باري ۾ اھڙو ڪتاب لکي، جنھن جو نالو ھجي “شيخ اياز جي ڪراچي” ان ڪتاب ۾ صرف منھنجو فليٽ نه ھجي. ان ڪتاب ۾ منھنجي اپارٽمينٽ جا اھي چارا به ھجن، جن تي مان واڪ ڪندو آھيان ۽ شام جي ڌنڌلڪي ۾ جھڙي طرح مان شھر جي ماڻھن ۽ انھن جي گاڏين کي ڏسندو آھيان، اھي سڀ عام منظر ۾ان ۾ پيش ڪري. مان ڪراچيءَ جي جنھن دوڪان تان ڪتاب خريد ڪندو آھيان، مان جنھن دوڪان تان ڪپڙا خريد ڪندو آھيان، مان جنھن درزيءَ کان ڪپڙا سبرائيندو آھيان، مان جنھن دوڪان تان پرفيوم خريد ڪندو آھيان ۽ مان جنھن گاڏي تان فروٽ ۽ جنھن دوڪان تان ڊراءِ فروٽ خريد ڪندو آھيان ۽ جڏھن مان ٿڪجي پوندو آھيان ۽ پنھنجو سمورو ٿڪ مان سمنڊ حوالي ڪرڻ جي لاءِ جنھن ساحل تي ويندو آھيان، ان ڪتاب ۾ ان جون تصويرون ۽ ان جو تذڪرو به ھجي. مان چاھيان ٿو ته منھنجي ۽ ڪراچيءَ جي ڪھاڻي ان ۾ اھڙي طرح سان شامل ھجي جو اھا ھڪڙي ڪھاڻي محسوس ٿئي.
ڇا سنڌ جا ساڃاھه ھن دور ۾ اھو ڪجھه نه ٿي ڪري سگھي؟ پنھنجي رت ۽ پسيني کي ولوڙي شاعريءَ ۾ گلابن جا کيت اپائڻ وارو شاعر جيڪڏھن ايتري فرمائش ڪري ته ڇا اسان ھن جي اھا فرمائش به پوري ڪري نه ٿا سگھون؟ شاعر پنھنجي وطن ۽ پنھنجي ھم وطن ماڻھن سان تمام گھڻو پيار ڪندا آھن. ھو انھن ۾ ايئن اتساھه ڀريندا آھن، جيئن شينھن پنھنجن تازن ڄاول ٻچڙن ۾ وات ۾ ڦوڪ ڏئي انھن ۾ زندگيءَ جي لھر ڊوڙائيندو آھي. جيڪڏھن اسان شيخ اياز جي ايتري خواھش پوري نه سگھون ته اسان جي مٿان سدائين ھن جي ميار رھندي. شيخ اياز  جي شاعريءَ جو پورو قرض ادا ڪرڻ ته تمام وڏي ۽ انتھائي ڪٺن ڳالھه آھي پر ھن جي مھان قرض جي ھڪ قسط ادا ڪرڻ ته ممڪن آھي.
شيخ اياز تي اھڙو ڪتاب اھو لکي سگھي ٿو، جنھن ۾ ٻه خوبيون ھجن. ھڪ ته ھن جو دماغ ھڪ صحافيءَ وارو دماغ ھجي ۽ ٻيو ته ھن جي دل ھڪ شاعر واري دل ھجي. صحافيءَ جو دماغ ۽ شاعر جي دل گڏجي ان ڪتاب کي وجود ۾ آڻي سگھن ٿا. اھو ڪتاب پنھنجي نوعيت جو پھريون نيارو ڪتاب ھوندو. ڇو ته اسان وٽ گھڻو ڪري سرڪاري ادارا اھڙا ته اجايا ۽ بيڪار ڪتاب شايع ڪن ٿا، جن جي ھر ڪاغذ مان ڪرپشن جي بدبوءِ ايندي آھي. جڏھن ته اسان جا پرائيويٽ ادارا به تمام گھڻي تڪليف ۾ آھن. ھو بار بار پراڻا ڪتاب شايع ڪن ٿا. جڏھن انھن کان پڇا ڪجي ٿي ته ھو تمام گھڻي تڪليف سان چون ٿا ته “سنڌ ۾ معياري ڪتاب لکجڻ بند ٿي ويا آھن” اھڙي صورتحال ۾ پبلشر شاعرن کان اڌ پئسا وٺي جھڙي تھڙي شاعري ڇپائي ان کي مارڪيٽ ۾ موڪلين ٿا ۽ ڪتابن جو اھو مارڪيٽ جيڪو عالمي سطح تي ھونئن به سسي ۽ سڪي رھيو آھي، ان مٿان اھڙا ڪتاب ڏٻري ڍور مٿان مڇرن جيان نظر اچن ٿا. ھن مھل ڪتابن جي ڪرندڙ دنيا کي ڪلھو ڏيڻ جي لاءِ اسان کي صرف جديد ڊزائيننگ وارا ٽائٽل ڪم نه ايندا پر اھڙا موضوع اسان جي تمام گھڻي مدد ڪندا، جن موضوعن ۾ نواڻ ھجي.
سنڌ جي صحافت ۾ تخليقي طاقت پيدا ڪرڻ ضروري آھي ۽ سنڌ جي ادب ۾ تحقيقي محنت ملائڻ وقت جي گھرج آھي. اسان کي اھو سمجھڻ گھرجي ته ادب ۽ صحافت جو پاڻ ۾ تمام گھاٽو رشتو آھي. اھو رشتو اتھاس ۾ ارتقائي مرحلا  عبور ڪندو رھيو آھي. ھن مھل اھو رشتو جنھن موڙ تان گذري رھيو آھي، ان ھنڌ انھن ٻنھي ۾ وڏي وٿي آھي. ھن وقت ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته اھا وڌي نه رڳو گھٽجي پر گھٽائي گھٽائي ختم ڪجي. ان سلسلي ۾ اسان کي دنيا جي انھن اديبن جو ڪم ڏسڻو پوندو، جيڪي صحافي به ھئا ۽ انھن صحافين کي پڙھڻو ۽ پرجھڻو پوندو، جيڪي اديب به ھئا. فرانس جو وجوديت پرست اديب البرٽ ڪامو بنيادي طور تي ھڪ مفڪر اديب ھو. ھن کي نوبل انعام به مليو پر ھو ان انعام کان به وڏو اديب ھو. ان جھڙي طرح ٻين مھاڀاري جنگ جي دوران “ڪمبيٽ” (Combat) جي نالي سان گھڻي عرصي تائين جيڪا انڊرگرائونڊ اخبار ڪڍي، اھو ڪم ھن جو وڏو ڪارنامو ھو. ڪومبيا جو جادوگر اديب گارشيا مارڪيز گھڻي عرصي تائين صحافت جي ڪم سان منسلڪ رھيو ۽ “اي مين” (A Man) جھڙو خطرناڪ ناول لکندڙ اوريانا فلاچي ته اصل ۾ ھڪ صحافي ھئي. ھن مھل به دنيا جا تمام گھڻا صحافي ادب ۾ نالو ڪمائي رھيا آھن. انڊيا جي ارون ڌتي راءِ کان وٺي اسان جي محمد حنيف تائين گھڻن صحافين ادب ۽ صحافت جي سنگم جو سندر تجربو ڪيو آھي. اسان ان تجربي جو پھريون گل اياز جي ان خواھش جي تڪميل جي سلسلي ۾ ڇو نه ٽيڙيون؟
جڏھن به ڪا قوم حال جي ميدان تي پنھنجا پير پختا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آھي ته اھا تاريخ مان پنھنجا توانا ڪردار تلاش ڪرڻ لڳندي آھي. جڏھن جي ايم سيد کي ھڪ قوم تخليق ڪرڻ جو خيال آيو ته ھن سڀ کان اڳ ۾ “سنڌ جا سورما” نالي ھڪ ڪتاب لکيو، جنھن ۾ ھن راجا ڏاھر کي به سنڌ جي سورمي طور تي پيش ڪيو. جڏھن جي ايم سيد کان پڇيو ويندو ھو ته ھو چوندو ھو ته قومن کي تاريخ ۾ ھيرا گھرجن. ساڳي طرح سان جڏھن به ڪنھن ماڳ کي پنھنجي جيءَ سان جڙڻو ھوندو آھي ته ان ماڳ سان پنھنجن عظيم ماڻھن جا رشتا تلاش ڪرڻا پوندا آھن. شيخ اياز ۽ ڪراچيءَ جي پريم ڪھاڻي ايتري پراڻي به ناھي جو اسان کي ان جا پيرا ھومر جي “آڊيسي” وانگر کڻڻا پون. اھو پيار گھڻو پراڻو ناھي. اھا محبت ڪنوار جي ھٿن تي لڳل مينديءَ وانگر ايتري ته تازي آھي جو ان مان ھاڻي به ڪليءَ مان گل ٿيل دل جي خوشبو اچي ٿي.
شيخ اياز سان ھن شھر کي سلھاڙي اسان ھن شھر کي اياز جي روپ ۾ پسڻ جو بندوبست ڪري سگھون ٿا  يا اياز تي اڻ لکيل ڪتاب جي معرفت اسان ھڪ شاعر ۽ شھر جي وچ واري سنڌي کي ختم ڪري سگھون ٿا. اسان کي يقين ھجڻ گھرجي ته ڪلچر کان وڏي قوت ٻيو ڪنھن ۾ نه ھوندي آھي. جڏھن ته ڪلچر جو سڀ کان مضبوط ۽ موھيندڙ روپ ان جو ادب ۽ شاعري ھوندي آھي. ڪراچيءَ صرف سرمائيداري ڪلچر تائين محدود شھر ڇو ھجي؟ ان  ۾ ھڪ شاعر جي فني ۽ فڪري آوارگيءَ جا پيار ڀريا پاڇا ڇو نه ھجن. ھڪ شاعر پنھنجي محبوب شھر کي ڪھڙي طرح قبضي ۾ ايندي ڏسي ٿو ۽ اھو به ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته ھڪ شاعر جي لاءِ صرف ڪراچيءَ جي زمين ڪافي نه آھي پر ان ۾ ھن جو سمنڊ به شامل ھجڻ گھرجي ۽ ان سمنڊ مٿان چمڪندڙ ھن جو اھو چنڊ به ھجڻ گھرجي، جنھن سان ھر شاعر جي گھري دوستي ھوندي آھي. جنھن سان سواءِ ھر شاعر کي ڪو به شھر  اڌورو محسوس ٿيندو آھي.
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ سمنڊ ۽ چنڊ ته عشق جون ازلي علامتون آھن. جڏھن شاعر  سمنڊ ۾ ڪن ڪچري جو زھر پوڻ سبب ھن کي لڇندي ڏسي ٿو، تڏھن ھن کي ڪيتري نه اذيت پھچي ٿي. جڏھن اھو شاعر رات جو چنڊ کي تلاش ڪرڻ لڳي ٿو ۽ ھن کي چنڊ نظر نه ٿو اچي ته ھن کي ڪيتري نه پيڙا محسوس ٿئي ٿي. جيڪڏھن شيخ اياز ۾ اھا پيڙا نھ ھجي ھا ته ھو اھو پيارو نظم ڇو لکي ھا:
“ڪونھي ڪو آڪاس
ڪراچيءَ ۾
دونھون دونھون سارا ماڙا
چورنگي ڇا چاڪي واڙا
چنڊ کڻي ڪيئن ساس
ڪراچيءَ ۾
ڀاڳ ڏنو آ ڪنھن کي ڀيڙو
ڪوٺيءَ جو مالڪ ھي ڪيڙو
مھڪي موتئي واس
ڪراچيءَ ۾!”
اھا ڪراچي جيڪا سنڌ جي سياسي ۽ اقتصادي جياپي جي علامت آھي، ان ڪراچيءَ جي منڊيءَ ۾ اياز جو اميج ڪنھن موتيءَ جھڙو ٿي سگھي ٿو. اسان کي ڪراچيءَ جي تحفظ ۾ صرف سياسي نعرا نه پر اياز جا اھي گيت به گھرجن، جن گيتن ۾ پنھنجي مک شھر سان ڪڏھن نه ٽٽڻ وارو واعدو آھي. اھو واعدو اياز جي ان نظم ۾ ڪيترو نه پڪو، پختو ۽ چٽو آھي:
“جھلملائيندڙ ڪراچي
روشنيءَ جا گيت ڳائيندڙ ڪراچي
اڄ به مون لاءِ اوپري ناھين ڪراچي
سنڌ جي آھين ڪراچي
سنڌ جي آھين ڪراچي”

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *