تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

اياز صادق جو بيان ۽ ملڪ جون موجوده حالتون

جڏهن کان حڪومت خلاف پي ڊي ايم جي تحريڪ شروع ٿي آهي تڏهن کان حڪومت ۽ مخلف ڌر پاران اهڙا اهڙا قدم ۽ بيان سامهون اچي رهيا آهن، جن معاملن کي سلجهائڻ لاءِ نئين سر نوان جهان جوڙڻا پون ٿا. مثالطور عمران خان جيڪو چوندو هو ته مخالف ڌر احتجاج ڪري ته ڪنٽينر انهن کي هو پاڻ ڏيندو، هينئر به پنهنجي خطاب ۾ خان صاحب عوام کي مخاطب ٿي چيو ته ڀلي انهن جي جلسن ۾ وڃي نان ۽ ماني به انهن جي کائو. عمران خان نواز شريف کي ٻڌائڻ گهريو پئي ته عوام کي کاڌي کارائڻ جو آسرو ڏئي ڀل گهرايو پر عوام توهان سان گڏ ناهي. مون عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري کان ڊي چوڪ ڌرڻي دوران سندن ڪنٽينر اندر وڃي انٽرويو ڪيا هئا. ڊاڪٽر طاهر القادري منهنجي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هو ته سڄي دنيا ۾ مظاهرا پارليامينٽ جي سامهون ٿيندا آهن، ان ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي. مون پنهنجي صحافتي زندگي دوران عمران خان جي ڌرڻي کان وٺي ليڊي هيلٿ ورڪرن جي ڌرڻي تائين ڊي چوڪ کي احتجاجي چوڪ جي صورت ۾ هميشه آباد ڏٺو آهي. ڪيترائي ان چوڪ کي سامهون رکي اهو سوال ڪندا رهندا آهن ته هي چوڪ تحرير اسڪوائر ڇو نٿو بڻجي سگهي. مطلب پرويز مشرف پ پ، ن ليگ کان عمران خان حڪومت تائين هن چوڪ تي احتجاج ٿيندا رهيا آهن. هن ئي چوڪ تي پرويز مشرف پنهنجون مڪون ڏيکاريندي چيو هو ته ڏسي ورتَوَ ڪراچي ۾ منهنجي طاقت! هن ئي چوڪ تي وري ساڳي پرويز مشرف کي وڪيلن جا احتجاج چند وڪيلن جو احتجاج نظر ايندو هو. پرويز مشرف چوندو هو ته مان پنهنجي صدارتي محل جي بالڪوني مان ڏسندو آهيان ته وڪيلن جي مظاهري ۾ ٻارنهن کان چوڏهن وڪيل هوندا آهن. هن چوڪ تي مظاهرو ڪندڙ ڪنهن انقلابي تبديلي جو نعرو هڻي ويهندا آهن پر سندن نعرا ڪڏهن وڪيلن جي صورت ۾ نتيجا حاصل ڪرڻ جي راهه اختيار ڪرڻ جهڙا مرحلا پيدا ڪري وجهندا آهن ته ڪڏهن طاهر القادري جي صورت ۾ سياست کان عليحدگي اختيار ڪري ٻاهرين ملڪ روانا ٿي ويندا آهن. هن ئي چوڪ تي عمران خان تي الزام لڳو هو ته عمران خان ۽ طاهرالقادري پي ٽي وي تي حملو ڪرايو آهي. پر هاڻي عمران خان ڪالهه ئي اهڙي ڪيس مان آجو ٿيو آهي، جڏهن ته طاهر القادري اڃا به ساڳئي ڪيس ۾ اشتهاري آهي.
عمران خان جي تحريڪ انصاف وارن قومي اسيمبلي جي ميمبرن به انهيءَ چوڪ تي بيهي قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفائن جو اعلان ڪيو هو پر تنهن وقت ۾ ساڳيو ن ليگ جو اياز صادق ئي اسپيڪر هو، جنهن عمران خان سميت ڪنهن به پي ٽي آءِ ميمبر جي استعيفيٰ قبول ڪرڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو هو ته جيستائين ميمبر پاڻ ذاتي حيثيت ۾ اچي استعيفيٰ نه ڏيندا، تيستائين سندن استعيفيٰ قانوني نه هوندي. صرف جاويد هاشمي ئي پي ٽي آءِ جو تڏهن اهڙو ميمبر هو جنهن اسيمبلي فلور تي اچي استعيفيٰ ڏني هئي. جاويد هاشمي پنهنجي تقرير دوران اهو به چيو هو ته نواز شريف کي اڄ به پنهنجو ليڊر سمجهان ٿو. پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ونگ اهڙي بيان تي جاويد هاشمي مٿان ڏمرجي پئي هئي. انهن ڏينهن ۾ ئي اسپيڪر جي چيمبر ۾ عمران خان ۽ اياز صادق جي دوستي جا قصا ٻڌڻ لاءِ ملندا هئا. عمران خان ۽ اياز صادق ايچيسن ڪاليج لاهور ۾ ڪلاس فيلو رهيا. گڏجي تحريڪ انصاف قائم ڪيائون، پر ٻنهي جون سياسي ۽ دوستي واريون راهون الڳ ٿي ويون. جنهن وقت نواز شريف اياز صادق کي اسپيڪر چونڊرايو انهن ڏينهن ۾ ئي هڪ دوست چيو ته اسپيڪر جي عمران خان کي سڏي رجسٽر تي صحيح ڪرائڻ وارو منظر به دلچسپ هوندو. مون ان منظر کي غور سان ڏٺو هو. اسپيڪر اياز صادق عمران خان جو نالو اچاري عمران خان جي ڊائيس تي اچڻ دوران اياز صادق پنهنجي ڪرسي تان اٿي بيٺو هو، جڏهن ته عمران خان پنهنجي خطاب ۾ اياز صادق کي اسپيڪر ٿيڻ تي مبارڪ باد ڏيندي چيو هو ته توهان جي خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ ويا آهيون. خبر ناهي وري ڪڏهن ميدان ۾ مقابلو ڪريون پوءِ سڄي جهان ڏٺو ته نااهل ٿيڻ کانپوءِ اياز صادق ٻيهر چونڊ وڙهي ڪاميابي حاصل ڪري واپس آيو، تڏهن به نواز شريف کيس اسپيڪر ئي چونڊرايو هو. رڳو جهيڙو وزيراعظم جي مائنس ون ٿيڻ جو ناهي، هتي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي اردگرد به مائنس ون وارو فارمولو گردش ڪندو رهيو آهي. هي جيڪو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري اڄ ويٺو آهي تنهن کي به نااهل ٿيڻ کانپوءِ ڪرسي ڇڏڻي پئي هئي. جنهن عدالتن ذريعي پنهنجي واپسي کي ممڪن بڻايو. هينئر ساڳيو ن ليگ جي اياز صادق جي ان بيان ملڪ ۾ بيانيي جي نئين جنگ شروع ڪرائي ڏني آهي جنهن اياز صادق ۽ عمران خان جي وچ تي سياسي جهيڙو وڏو پراڻو آهي.
هينئر جيڪو عمران خان ڏاڙهي تي هٿ ڦيري چوي ٿو ته نواز شريف کي نه ڇڏيندس، اهو ساڳيو مسئلو خان صاحب جو شروع ۾ اياز صادق سان به رهيو. هينئر جڏهن اياز صادق پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ جنگ واري ڪيفيت دوران گرفتار ڪيل هندستاني پائليٽ اڀي نندن جي رهائي جي حوالي سان چيو آهي ته جيڪڏهن ان کي آزاد نه ڪيو وڃي ها ته هندستان ان رات جو نائين وڳي تائين حملو ڪري ڏئي ها. اياز صادق جي اهڙي بيان هينئر قومي اسيمبلي سينيٽ کان ٻاهر وارين پريس ڪانفرنسن تائين طوفان جهڙي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ جڏهن پي ڊي ايم جي تحريڪ شروع ٿيندي ئي سڄي ن ليگ کي غداري جي دائري ۾ بيهاريو ويو، تڏهن ملڪ اندر اهڙي حڪومتي عمل تي شديد رد عمل سامهون آيو. ايتري قدر جو حڪومت کي لاهور جي شاهدره ٿاڻي تان اهڙي ايف آءِ آر وارا قلم واپس وٺڻا پيا. ن ليگ وارن جي گرفتارين واري سوچ وارو آپشن به حتمي صورت اختيار ڪري نه سگهيو. عمران خان جي حڪومت نواز شريف کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ لاهور ۾ ٿيل اهڙي ننڍي چونڊ وارن ڏينهن جا تفصيل به گڏ ڪيا هئا جنهن ۾ بيگم ڪلثوم نواز ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. نواز شريف ۽ مريم نواز جي انٽرويو ۽ تقريرن ڏيکارڻ تي لڳل پابندي جهڙن قدمن جي ملڪ ۾ ساراهه نه پئي ڪئي وڃي. حڪومت کي اهڙي ملڪ دشمني وارن بيانيي کان پوئتي هٽڻو پئجي رهيو هو. پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجي ڪراچي واري تقرير ۾ چيو هو ته عمران خان جڏهن به ڳالهائيندو آهين ڪا نه ڪا غلطي ڪري وجهندو آهين. هينئر به چوين ٿو ته خواجه آصف اليڪشن ۾ پنهنجي شڪست ڏسي آرمي چيف کي فون ڪري مدد گهري. مطلب پاڻ چئي رهيو آهين ته چونڊون صاف شفاف نه ٿيون هيون.
هڪ طرف نواز شريف هو ٻئي پاسي عمران خان واري حڪومت. نواز شريف ووٽ ڪو عزت دو واري پنهنجي تحريڪ کي پي ڊي ايم ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو ته عمران خان پنجن ترجمانن معرفت اين آر او گهرڻ کان وٺي هندستان جي بيانيي کي خوش ڪرڻ جي ڪوششن سان مشروط ڪري نواز شريف جي بيانيي کي بيان پئي ڪيو. اي پي سي هجي يا پي ڊي ايم جا جلسا، سرڪاري ترجمان انهن جلسن جي هندستان جي ميڊيا جي ڪوريج وارا فوٽو کڻي اچي پريس ڪانفرنس ۾ ڏيکاريندا هئا ته ڏسو نواز شريف ڪنهن جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي پر حڪومت کي پنهنجن اهڙن بيانين کي طاقت ڏيڻ لاءِ ڪي به دليل نه ملي رهيا هئا. نواز شريف جي تقرير تي پابندي الطاف حسين ثاني جهڙا خطاب به مقبوليت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيا هئا. محسن داوڙ جي ڪوئيٽا اچڻ تي پابندي هجي يا ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري جهڙا معاملا وفاقي حڪومت اهڙن قدمن ذڙيعي وڌيڪ نروار ٿيندي نظر آئي آهي. پارليامينٽ جا اجلاس حڪومت کي طاقت فراهم ڪرڻ بدران مخالف ڌر جي بيانيي کي وڌيڪ سگهه فراهم ڪندي نظر آيا آهن.
سنڌ جي آءِ جي سان پيش آيل واقعي دوران به آرمي چيف کي پاڻ وچ ۾ اچي بلاول ڀٽو کان آءِ جي سنڌ تائين ڳالهائڻو پيو، پر عمران خان غائب رهيو. شاهد خاقان عباسي پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته هي وفاق جو سنڌ تي حملو آهي. ان ڏينهن به وفاقي وزير مراد سعيد سموري انڊين ميڊيا جا عڪس کڻي سوشل ميڊيا جا اهي ٽوئيٽ به اچي ڏيکاريا هئا ته ڏسو هندستاني ميڊيا ڪيئن پيو آءِ جي سنڌ واري معاملي کي پيش ڪري. ان ڏينهن به قمر زمان ڪائرا پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران چيو هو ته رڳو اسٽيبلشمينٽ پنهنجو پاڻ کي نيوٽرل ڪري. ڪاڪول ۾ آرمي چيف جي اهڙي بيان تي به وڏا بحث ٿيا هئا جنهن ۾ آرمي چيف چيو هو ته فوج آئيني ادارو آهي. حڪومت سان گڏ آهي پر تنقيد کي به هاءِ برڊ وار جو حصو نه سمجهيو وڃي. ان وقت تائين بيانيي جي صورتحال مختلف هئي. نواز شريف ۽ مريم نواز جڏهن پنهنجي خطاب ۾ اسٽيبلشمينٽ جي سربراهن جا نالا کڻي تنقيد ڪئي آهي تڏهن کان پي ڊي ايم اندر به اهي بحث آهن ته اهڙن سربراهن جا نالا نه کڻڻ گهرجن.
هڪ طرف نواز شريف ووٽ ڪو عزت دو واري بيانيي سان سلهاڙيل تقريرون ڪري رهيو آهي جيڪو بيانيو سالن کان سنڌ بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا بيان ڪندا رهيا آهن. غداري جا سرٽيفڪيٽ به اهڙي سولين بالادستي واري موقف رکندڙن کي سالن کان ملندا رهيا آهن. هينئر پهريون ڀيرو آهي جو پنجاب جي مريم نواز به مسنگ پرسنز جي ڪٽنب کي بلوچستان وڃي گلي لڳايو آهي ته ٻئي طرف اهي بيانيا آهن، جن جي پاداش ۾ ماضي جا سياستدان غدار ٿيندا رهيا آهن. جتي حڪومتي قدم لاهور جي شاهدره ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ کان ويندي ڪراچي ۾ آءِ جي واري واقعي تي تنقيد جو نشانو بڻي آهي اتي ئي هاڻي پي ڊي ايم به ڪوئيٽا واري جلسي جي اويس نوراني جي تقرير کان وٺي اياز صادق جي تقرير تائين سخت وضاحتن ۾ پوري آهي جنهن کانپوءِ فوج جي ترجمان کي به اياز صادق جي بيان تي ون پوائنٽ ايجنڊا واري پريس ڪانفرنس ڪري پنهنجو شديد نه رڳو رد عمل ظاهر ڪرڻو پيو آهي پر ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار اهو به چيو آهي ته پاڪ فوج منظم ادارو آهي فوج جي قيادت ۽ سپاهي سڀ متحد آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *