تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

ايشز سيزيز بڻيل ادبي اليڪشن…!!!

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي شعور جو اھو پليٽ فارم آھي جنھن کي گروهي مفادن ذاتي رنجشن بدران اگر نيڪ نيتي سان استمعال ڪجي ته نه صرف ادب جي خدمت ڪري سگهجي ٿي پر علم ادب معرفت ماٺي ٿي ويل سنڌ جي شعوري  تحريڪ ۾ نئون روح به ڦوڪي سگھجي ٿو ۽ سنڌ جي جديد تاريخ جا بڻ بنياد به قائم ڪري سگھجن ٿا ڇاڪاڻ ته قومي تحريڪون ۽ وسيع مقصدن خاطر ٿيندڙ جدوجهدون جڏهن ڪنهن به سبب ساهي پٽينديون آهن تڏھن اديب کين ڌوڻا ڏيندي اٿاريندا آھن افسوس ته گهڻي وقت کان ڪجهه نادان ماڻھن جي ور چڙھي وڃڻ جي ڪري ادبي سنگت نه صرف سڃاڻپ وڃائي آهي پر پنھجون ذميواريون نڀائڻ کان پڙ ڪڍي پري ٿي بيھي رھي آھي نتيجي طور ادب سان گهرو لڳاءُ رکندڙ توڙي سالن کان سنگت سان سلهاڙيل سينئر ساٿي به شاندار فڪري ورثي کان پري ٿي ويا آھن. سنڌ جون موجوده حالتون جتي فڪري جدوجهد ۽ نج ترقي پسند ادب سان جڙيل فڪري تحريڪن کي سرگرم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي ان وقت ۾ ادب جي خدمت جي هام هڻندڙ سالن کان عهدن کي چنبڙيل  روايتي ماڻهو سنگت کان ڪو ساکائتو ڪم وٺڻ بجاءِ رڳو الحاق، جوڙ ٽوڙ واري غير ضروري مشقن ۾ منجھي بيھي رھيا آھن.سنڌي ادبي سنگت جي اليڪشن ويجهي آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ماٺار جو شڪار جمهوريت جون دعويدار ادبي ڌريون اخباري سرخين جي زينت بڻيل آهن. ڇاڪاڻ ڪجهه سالن کان سخت اختلافن سبب سنگت ادبي اليڪشن وارو دنگل ايشز سيريز جي مقابلن کان گهٽ نه هوندو آهي ۽ هن ڀيري ٿيندڙ ادبي اليڪشن وارو مقابلي جي موسم آهي جيڪا اليڪشن وڙهندڙ اميدوارن لاءِ ڊڪ ڊوڙ ٿڪائيندڙ ورڪ سان گڏوگڏ کوڙ ماڻهن لاءِ وري تفريح جو بهترين ذريعو بڻيل آهي هاڻي ته معاملو  طنز ۽ مزاح کان مٿي چڙهي هليو آهي، ان ڪري ئي هن ڀيري ادبي سنگت لاءِ “اڌ ٻي سنگت” سنگت جي پراڻي اصطلاح سان گڏ “ڄنڊا پٽ سنگت” “سنڌي پيٽ پاليو سنگت” جهڙا نت نوان لفظ روز بروز ايجاد ٿي رهيا آهن ان طنز ۽ مذاق پويان به ڪيترائي سبب آهن ۽ سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته 15-10 سالن جي عرصي دوران ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪاميابيءَ بعد لڳ ڀڳ سمورن سيڪريٽرين ۽ سندن هيٺين ٽيم جو ڌيان سنگت کي مضبوط ڪرڻ بجاءِ اليڪشني سياستدانن وانگر ايندڙ اليڪشن جي تيارين ۽ ڪاميابيءَ تي هوندو آهي. ان عمل جي ڪري سنگت جي هاڻوڪي حالت ته سنڌ واسين جي سامهون آهي ڇو ته ماضيءَ ۾ اها ئي سنگت سنڌ جي قلم ڌڻين جو سڀ کان سگهارو پليٽ فارم هئي جنهن تان نه صرف ادب جي خدمت لاءِ سنجيده ڪوششون ٿيون پر سنڌ جي حقن لاءِ به آواز اٿاريو ويندو هو پر افسوس جو ڪجهه سالن کان سنگت جي ساٿين جا هڪٻئي سان تنظيم بجاءِ ذاتي قسم جي اختلافن سبب ڄڻ ته سنگت پنهنجي اهميت افاديت وڃائيندي محسوس پئي ٿئي. هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر لڳ ڀڳ ٽن سالن کانپوءِ 11 هين آڪٽوبر تي  سنگت جون چوندون حيدرآباد ۾ رٿيل آهن جنهن ۾ نئون پيغام پئنل ۽ تخليقار پئنل وچ ۾ مقابلو آهي نئون پيغام پئنل پاران سيڪيٽري جي عهدي لاءِ نوجوان شاعر اديب زبير سومري ۽ سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري احمد سولنگي وچ ۾ مقابلو آهي جڏهن ته جوائنٽ سيڪريٽري تي نئين پيغام پئنل جي عيسيٰ ميمڻ ۽ تخليقار پئنل اعجاز شاهه، ۽ آزاد اميدوار مارو جمالي، آڊيٽر لاءِ نئين پيغام پئنل جي حسين سارنگ مهر، تخليقار پئنل جي زاهد عباسي ۽ آزاد اميدوار سجاد ميراڻي، ۽ خزانچيءَ لاءِ نئين پيغام پئنل جي حاڪم گل مهر ۽ رمضان ميمڻ وچ ۾ مقابلو آهي. پر 11هين آڪٽوبر تي ٿيندڙ اليڪشن کان پهرين سنگت جي ذوالفقار سيال واري ڌر عدالتي حڪم باوجود اڳواٽ ئي پنهنجا سمورا عهديدار پريل دايو سيڪريٽري جنرل، خاڪي جاني جوائنٽ سيڪريٽري، نعيم ملڪ، خزانچي ۽ قادر جاگيراڻي آڊيٽر بنا مقابلي چونڊرائي ڇڏيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اسانکي جمهوري روايتن جي پاسداري ڪندي ٻنهي پئنلن جي سڀني اميدوارن کي جاچڻ گهرجي ڪهڙن دوستن وٽ ڪهڙو پروگرام آهي؟
ڪهڙا ساٿي ادب جي موجوده حالتن سياسي وايو منڊل ۽ خصوصن سنڌ جي ادبي صورتحال کان بخوبي آگاھه آھن؟
ڪهڙا ساٿي سنگت کي جديد انداز ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي گھرجن پٽاندڙ ھلائي سگھن ٿا. ڇاڪاڻ ته ويجهي ماضيءَ جي 15-10 سالن جي تاريخ ۾ جمهوريت جي نالي ۾ ٿيندڙ ادبي اليڪشنون اصل ۾ “ڏني ھار آندا صابو ھار پاتا” جھڙين پاروٿين پاليسين جو شڪار ٿينديون رهيون آهن جنهن ۾ ادبي سنگت جھڙي فڪري تنظيم بيوروڪريسي ڪرپٽ، موقعي پرست ليڊرن ۽ وڏيرڪي پنجوڙ ۾ ڦاسي ڄڻ ته ڪيتري وقت کان ماٺار واري ڪوما ۾ ورتل آهي جتي کيس نيئن سر جوڙ جڪ ۽ نج ادبي سرگرمين واري آڪسيجن جي ضرورت آهي. اليڪشن ۾ ووٽ ڏيندڙ سنگت جي ساٿين کي هن ڀيري ذاتي دوستي ، تعلقاتن ۽ پراڻ کي پاسي ڪري نواڻ کي نظر ۾ رکندي ووٽ ڪرڻ گهرجي هن ڀيري انهيءَ پئنل کي وارو ملڻ گھرجي جنهن جي ڳالهين ۾ وزن نه بلڪه منشور پروگرام ۾ دم هجي منشور ايڪويهين صديءَ جي تنظيم سازي ۽ انتظام ڪاريءَ جون تقاضائون پوريون ڪندڙ هجي. جيڪي ادبي سنگت جي نئين سر آئين سازيءَ لاءِ ڪم ڪن، جيڪي سنڌ سرڪار کان ادبي سنگت لاءِ ساليانو بجيٽ منظور ڪرائين جيڪي ادبي سنگت جي ميمبرن جي بيماريءَ بڙي وقت سرڪار کان علاج لاءِ اعلانن بجاءِ سنجيدگيءَ سان ڪوششون وٺن، جيڪي سنڌي اديبن، شاعرن ۽ محققن جا چونڊ ڪتاب ڇپرائن. هن ڀيري اسان سڀني کي سنجيدگيءَ سان سمجهڻو پوندو ته شخصيتن جي اثر ۾ آيل ادبي سنگت ڪروڙين سنڌين جي عشق جي امانتدار آھي. گڏوگڏ اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ مڙني ساٿين کي به سمجهڻ گهرجي ته وقت کان اڳ ۾ دوستن جي پيرن ۾ ڪنڊا نه وڇائين نه وري سندن نيتن کي جذباتي عملن جي فٽ پٽي سان ماپين ۽ گهڻي ڀاڱي تنظيمي ۽ نظرياتي اختلافن مان ذاتي اختلافن تي پهتل ادبي ڌريون گڏجي اختلاف نبيرن ۽ هڪ هٽي بجاءِ نون کي موقعو ڏين ته انهيءَ ۾ نه صرف سندن وڏ ماڻهپو ظاهر ٿيندو پر ٻوليءَ جي خدمت جو جذبو رکندڙ سنگت ساٿين جي حوصلا افزائي پڻ ٿيندي ٻي صورت ۾ تاريخ کين معاف نه ڪندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *