Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_djmunonfn6ka0goejdul8i8d14, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ايم ڪيو ايم سياسي پارٽي يا هڪ پروجيڪٽ !؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ايم ڪيو ايم سياسي پارٽي يا هڪ پروجيڪٽ !؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

ايم ڪيو ايم سياسي پارٽي يا هڪ پروجيڪٽ !؟

مھاجر قومي موومينٽ جو بنياد 18 مارچ 1984ع ۾ رکيو ويو، جڏھن ته ايم ڪيو ايم کي گھڻائي ۾ ماڻھو ھڪ سياسي پارٽي سمجھن ٿا پر ايم ڪيو ايم ڪا سياسي پارٽي نه ھئي پر ھڪ سياسي پروجيڪٽ ھو جيڪو بري طرح ناڪام ويو. ايم ڪيو ايم پروجيڪٽ جي باري ۾ پاڪستان جي مشھور صحافي اياز امير ڪجھه ڏينھن اڳ ھڪ ٽي وي چينل تي ڳالھائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم کي سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ لانچ ڪيو ويو، اياز امير کان سواءِ ٻين به ڪافي ماڻھن جو اھو خيال آھي پر مان اياز امير جو حوالو ان ڪري ٿو ڏيان ڇو ته اياز امير جو تعلق انھي قبيلي سان رھيو آھي جنھن ايم ڪيو ايم پروجيڪٽ لانچ ڪيو.
ايم ڪيو ايم جي عروج جي دور ۾ ڪراچي کان عمرڪوٽ ۽ سکر تائين جيڪو ھنن جو اثر ھو اھو ڪمال جو ھو ۽ عام ماڻھو ان جي زيراثر ھو انڪري سنڌي ماڻھن به ايم ڪيو ايم جوائن ڪئي پر ھن پروجيڪٽ جا ٽي اھم مقصد ھن وقت تائين سامھون آيا آھن، ان ۾ ھڪ اھم مقصد اھو ھو ته مھاجرن کي سنڌين سان ڪنھن به صورت ۾ ضم ناھي ٿيڻ ڏيڻو ۽ ٻيو مقصد اھو ھو ته ڪراچي جي ڊيموگرافي تبديل ڪبي، پر اوھان کي خاموش رھڻو آھي ۽ ٽيون اھم مقصد ھو ته پيپلزپارٽي کي آساني سان حڪومت ڪرڻ نه ڏجي.
ايم ڪيو ايم کي ايتري ڇوٽ ڏني وئي جو جيڪڏهن انھن جي سامھون سندن ڪو پنھنجو عظيم طارق يا حڪيم سعيد آيو ته ان کي به ھنن اڏائي ڇڏيو پر انھن کي ڪجھه نه ٿيو ۽ اھڙي طرح ڪافي ايم ڪيو جي سرگرم ليڊرن کي به ماريو ويو جن جي خبر ئي نه پئي انھن کي ڇو ماريو ويو .
مھاجرن جي نالي تي سياست ڪندڙ ھي پارٽي مطالبو ڪندي رهي ته سنڌ ۾ مھاجر صوبو ٺاهيو وڃي، جڏھن ته دنيا جي ھي واحد مھاجر ڪميونٽي آھي جيڪا اصلوڪين کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي جڏھن ته سنڌي مھاجرن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آھن ۽ انھن جو صرف اھو مطالبو آھي اوھان سنڌ جي وحدت جي خلاف نه ڳالھايو، پر اھا ڳالھه انھن جي پروجڪٽ جو اھم شرط ھيو جنھن کي ھو ڪنھن به صورت ۾ مڃڻ لاءِ تيار نه آھن.
ٻي اھم ڳالھه ته ايم ڪيو ايم ڪڏھن به سنڌ جي حقن جي معاملي ۾ آواز نه اٿاريو، انھن ڪڏھن افغانين يا ٻين صوبن جي ماڻھن جو ڪراچي ۾ آباد ٿيڻ ۽ ڪراچي جي ڊيموگرافي کي خراب ڪرڻ تي آواز نه اٿاريو آھي جنھنجو گھڻو نقصان ئي مھاجرن کي ٿيو آھي، مھاجر ھاڻي ڪراچي ۾ پنھنجي اڪثريت وڃائي چڪا آھن ۽ نه وري ملڪ رياض جي قبضن تي ھنن احتجاج ڪيو آھي، نه وري مشرف دور ۾ يا ھاڻي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي تي ڪو اعتراض ڪيو آهي جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ڪراچي سان ئي سچي ھئي ته گھت ۾ گھٽ ڪراچي جي لاڳاپيل مسئلن تي ته آواز اٿاري پر انھن پنھنجي آقائن کي ڪڏھن به ناراض نه ڪيو، انھن ھميشه شڪايت رڳو سنڌ حڪومت سان ڪئي وفاقي حڪومت جيڪڏهن پي پي جي آھي ته ان تي به اختلاف ڪندا رھيا پر ڪڏھن به نواز شريف يا ھاڻي عمران خان لاءِ ڪي به مسئلا پئدا نه ڪيا پوءِ ڀلي انھن جي حڪومت ۾ انھن کي وڌيڪ سوڙھو ڇو نه ڪيو ويو ھجي.
ايم ڪيو ايم جي قيادت کي جڏھن سوڙھو ڪيو ويو ته ان جي پريشاني وڌي وئي ۽ ان ملڪ خلاف ڳالھائڻ شروع ڪيو ان کان اڳ ھو پنھنجي آقائن کان معافيون وٺندو رھيو. مشرف جي دور ۾ جڏھن ايم ڪيو ايم اڇي ڪاري جي مالڪ ھئي ايم ڪيو ايم جو باني انڊيا جو وزٽ ڪري ھندستان جي تقسيم تي سوال اٿاريا پر ان وقت پرويز مشرف ھن تي ڪو به ايڪشن نه کنيو .
جڏھن اھو ڏٺو ويو ته ايم ڪيو ايم جو باني پنھنجي آقائن جي وس کان نڪري ويو آھي انکان پوءِ اھو فيصلو ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم واري پروجيڪٽ کي ئي بند ڪجي ۽ اوھان ڏٺو ھوندو ايم ڪيو ايم جيڪا ڪجھه ڪلاڪن ۾ ڪراچي شھر کي بند ڪرائي ڇڏيندي ھئي اھا ھاڻي پنھنجي طاقت مڪمل وڃائي چڪي آھي ايئن ٿو نظر اچي ڄڻ ڪو بٽڻ بند ڪيو ويو ھجي ۽ ايم ڪيو ايم جو اثر ختم ٿي ويو ھجي.
ھاڻي جيڪا ايم ڪيو ايم پاڪستان اوھان کي نظر اچي ٿي اھا ايم ڪيو ايم جو تسلسل ضرور آھي پر ان جي قيادت تي عام مھاجر اعتبار ئي نٿا ڪن، ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ ڪي وڏيرا ته ھئا ڪونه، تقريبن مڊل ڪلاس طبقو ھو ان کي ايم ڪيو ايم اسيمبلين تائين پھچايو ۽ اھي اڄ سڀ ڪروڙ پتي آھن جن وٽ پنھنجا بنگلا گاڏيون، ڪاروبار آھي پر مھاجر عوام کي ھنن به ڪجھه ناھي ڏنو ۽ اھو پڻ سبب آھي جو ايم ڪيو ايم پاڪستان جي موجوده قيادت تي عام مھاجر جو اعتبار ئي نٿو ٿئي.
ايم ڪيو ايم پاڪستان ھن وقت پاڻ کي زنده رکڻ لاءِ صوبي جو مطالبو ڪري رھي آھي پر انھن جي نفرت واري سياست بري طرح ناڪام وئي آھي، 40 سال ھنن جيڪي مھاجرن جي نالي تي صوبي جي ڳالھه ڪندا ھئا اھي ھاڻي وري ڪراچي کي صوبي بڻائڻ جي ڳالھه ٿا ڪن. ھن وقت سنڌين جو وڏو تعداد ڪراچي ۾ آباد ٿي ويو آھي ۽ جيڪو ھنن لاءِ سڀ کان وڏو چئليج ھوندو. انکاسواءِ مھاجرن جو وڏو تعداد حيدرآباد سکر، نوابشاھه ۽ ميرپورخاص ۾ رھي ٿو ان جو رڳو ڪراچي کي الڳ ڪرڻ سان ڪو فائدو نظر نٿو اچي انڪري انھن جي دلچسپي رڳو ڪراچي کي الڳ ڪرڻ ۾ نه ھوندي.
ڪجھه طاقتون جيڪي چاھين ٿيون پنجاب نه ٽٽي اھي ھاڻوڪي ايم ڪيو ايم کي استعمال ڪري رھيا آھن جيئن پنجاب ۾ صوبي جي مطالبي جي ڳالھه ٿئي ته سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالھه ڪجي جيئن ٻئي ڪم نه ٿي سگھن انڪري ھي ھمراھه سرائيڪين جو ڪم خراب ٿا ڪن . مان سمجھان ٿو جيڪڏهن ايم ڪيو ايم سنڌ دشمني نه ڪري ھا پروجيڪٽ مان ھڪ سياسي پارٽي ٿي اڀري ھا ته ان جو جلدي زوال نه اچي ھا جيڪو نظر اچي رھيو آھي ڇوته مھاجرن جي سڀني مسئلن جو حل سنڌي ماڻھن سان ضم ٿيڻ ۾ آھي ۽ سنڌ کي پنھنجي ڌرتي تسليم ڪرڻ ۾ آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *