Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_qak9j7j6iqijpv30d76hdb93sb, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اين ايف سي ايوارڊ وري رولڙي ڏانهن وڌندڙ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اين ايف سي ايوارڊ وري رولڙي ڏانهن وڌندڙ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

اين ايف سي ايوارڊ وري رولڙي ڏانهن وڌندڙ

نيشنل فنانس ڪميشن ايوارڊ لاءِ وفاقي سرڪار پاران جاري ڪيل نوان ٽرمس آف ريفرنس به تڪراري بڻجي ويا آهن. ڪجھه هفتا اڳ وفاقي سرڪار پاران صدر صاحب جي صحيحن سان اين ايف سي ايوارڊ لاءِ جنهن ڪميشن جو اعلان ڪيو ويو هو، ان جا ٽرمس آف ريفرنس به صوبائي حڪومت خاص طور تي سنڌ پاران رد ڪيا ويا هئا، انهن ٽي او آرز ۾ اين ايف سي بابت آئين ۾ ڄاڻايل اسمن کان ٻاهر معاملا وڌا ويا هئا، جن سان اهي ٽرمس پهرين ڏينهن کان تڪراري بڻجي ويا هئا. انهن ٽي او آرز ۾ ڪميشن کي ڪم سونپيو ويو هو ته اها فاٽا، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ترقي، ملڪ مٿان ڏيهي پرڏيهي قرضن لاهڻ، وفاقي خرچن، قدرتي آفتن جي صورتحال ۾ ٿيندڙ خرچن وغيره ۾ صوبن پاران حصو ڏيڻ جو تعين ڪري، ان تي سنڌ صوبي جي حڪومت ۽ خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي ڪجھه سياسي ڌرين عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪري اهي ٽي او آرز رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ساڳئي وقت وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار جناب حفيظ شيخ کي ڪميشن جو ميمبر بڻائڻ تي به اعتراض واريو ويو. بلوچستان هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ حفيظ شيخ صاحب جي ان مقرريءَ کي پڻ رد ڪري ڇڏيو هو. هوڏانهن بلوچستان حڪومت پاران فني ماهر طور ميمبر کنيل جاويد جبار به ڪجھه حلقن پاران مخالفت تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. ايئن چٽيءَ طرح ڏسجي رهيو هو ته اها ڪميشن پهرين گڏجاڻي کان اڳ ئي ايتري تڪراري بڻجي چڪي هئي جو اين ايف سي ايوارڊ بابت اڳڀرائي ذري گھٽ اڻ ٿيڻي بڻجي چڪي هئي.
21 جولاءِ 2020ع تي فنانس ڊويزن پاران ڏهين اين ايف سي ايوارڊ لاءِ نيشنل فنانس ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. هن ڀيري ڪميشن جي جوڙ جڪ ۾ ان ڳالهه جو خيال رکيو ويو ته ناڻي وارو صلاحڪار ڪميشن جو ميمبر نه هجي. ساڳئي وقت بلوچستان سرڪار قيصر بنگاليءَ کي پنهنجو فني ماهر مقرر ڪيو. البته هن ڀيري به ٽرمس آف ريفرنس ۾ وري اهڙا نقطا شامل ڪيا ويا آهن جن سان هڪ ڀيرو ٻيهر اها ڪميشن تڪراري بڻجندي نظر اچي رهي آهي.
اهي اعتراض جوڳا نقطا هي آهن:
1.وفاق ۽ صوبن پاران هڪ ٻئي جي دائري ۾ ايندڙ اسمن ۽ معاملن ۾ ڪيل ۽ اڳتي هلي ٿيندڙ خرچن ۾ حصي بابت مسئلا.
2.وفاق ۽ صوبن پاران بين الصوبائي معاملن تي اڳ ۾ ڪيل ۽ اڳتي هلي ٿيندڙ خرچن ۾ حصي بابت مسئلا.
3.قومي رٿائن تي ٿيندڙ خرچن ۾ صوبي ۽ وفاق پاران ٿيندڙ خرچن ۾ حصي سان لاڳاپيل مسئلا.
مٿي ڄاڻايل ٽئي نقطا درحقيقت اڳوڻن ٽي او آرز کي ٿوري مختلف شڪل ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جيتوڻيڪ هن ڀيري مستقل خرچن بجاءِ رٿائن جي خرچن کي وچ ۾ آندو ويو آهي پر هڪ ڳالهه ٻنهي صورتن ۾ ساڳي نظر اچي ٿي ۽ اها آهي ته وفاقي حڪومت پنهنجي حصي جي خرچن کي ڪنهن به طرح صوبن ڏانهن منتقل ڪري. جيڪڏهن مٿي ڄاڻايل نقطن جو ڇيد ڪجي ته معلوم ٿيندو ته صوبن ۽ وفاق وچ ۾ اهڙو بحث شروع ٿي ويندو جيڪو ڪٿي به دنگ نه ڪندو. ڪميشن وٽ محدود وقت هوندو آهي، جنهن ۾ ان کي گڏيل راءِ سان ايوارڊ جاري ڪرڻو هوندو آهي. هن قسم جا معاملا رکڻ جو لازمي نتيجو اهو نڪرندو جو وفاق ۽ صوبا ڪٿي به ڪنهن اتفاق راءِ تي نه پهچي سگھندا ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ايوارڊ جاري نه ٿي سگھندو.
پهرين نقطي ۾ وفاق ۽ صوبن پاران هڪ ٻئي جي دائري ۾ ايندڙ اسمن تي ڪيل ۽ اڳتي هلي ٿيندڙ خرچن ۾ ڀائيواريءَ جو ذڪر آهي. درحقيقت وفاقي حڪومت ان طرح سان صوبن اندر وفاقي حڪومت جي ترقياتي رٿائن ۾ صوبن کان حصو وٺڻ گھري ٿي. پهرين ڳالهه ته وفاقي حڪومت کي صوبائي اسيمبلين وارن معاملن تي وزارتون قائم ڪري پراجيڪٽ هلائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. نه اهي وزارتون هجن ۽ نه انهن پاران اهڙيون رٿائون ترقياتي پروگرام جو حصو بڻجن. ٻيو ته صوبن اندر وڏين ترقياتي رٿائن ۾ جيڪڏهن وفاق حصوڏيندو آهي ته ان ۾ صوبن جو حصو اڳواٽ موجود هوندو آهي. البته ڪڏهن ڪڏهن وفاقي حڪومت پاران صوبن اندر پنهنجي اتحادين کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙيون رٿائون شروع ڪيون وينديون آهن، جن ۾ صوبائي حڪومت کي شامل ناهي ڪيو ويندو. مثال طور تي هن وقت سنڌ ۾ گورنر جي سربراهيءَ هيٺ انفرااسٽرڪچر ٺاهڻ لاءِ وفاقي حڪومت پاران ٺاهيل هڪ ڪمپني ڪم ڪري رهي آهي. ان ڪمپنيءَ کي رٿائون وفاقي حڪومت پاران سونپيون ويون آهن، جيڪي گھڻو تڻو ڪراچي شهر لاءِ محدود آهن. وفاقي حڪومت هن سال جي بجيٽ ۾ ڪيبنيٽ ڊويزن اندر ڪراچي ۽ حيدرآباد شهر ۾ انفرااسٽرڪچر سڌارڻ لاءِ رٿائون رکيون آهن، جيڪي گھڻي ڀاڱي وفاقي حڪومت جي اتحادي ڌرين جي علائقن لاءِ محدود آهن. ظاهر آهي ته ان قسم جي هڪ طرفين ترقياتي رٿائن لاءِ صوبو خرچن ۾ حصو ڇو ڏيندو جنهن ۾ ان کي اعتماد ۾ ئي ناهي ورتو ويو ۽ وفاقي حڪومت پنهنجي سياسي اتحادين کي خوش ڪرڻ لاءِ اهي رٿائون شروع ڪيون آهن. ٻي ڳالهه ته ترقياتي رٿائن بابت ٻيا انتظامي فورم موجود آهن، جتي اهي معاملا نبيرجي سگھن ٿا، ان لاءِ اين ايف سي کي وچ ۾ آڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. صوبن جي اسمن مٿان وفاق پاران قائم ڪيل وزارتون ۽ کاتا هونئن ئي غير آئيني آهن. وفاق کي اهي کاتا ئي ختم ڪري گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي انتظام هيٺ ڏيڻ گھرجن. صوبن جي اسمن تي صوبا پاڻ خرچ ڪن ۽ جتي وڏيون رٿائون هجن ۽ وفاق کي ڪنهن صوبي جي واهر ڪرڻي هجي اتي موجوده فورمز وسيلي ان جو تعين ٿيڻ گھرجي.
ساڳئي طرح بين الصوبائي رٿائن وارو معاملو به نوان سوال اٿاريندو. مثال طور نيشنل هاءِ ويز، ريلويز وغيره ان ڏس ۾ بحث هيٺ اچي سگھن ٿا. مثال طور وفاقي حڪومت هاءِ ويز ۽ موٽر ويز ٺاهي رهي آهي، جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان کي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا سان ڳنڍيندا. بنيادي طور اهي رستا انهن ٻين صوبن ڏانهن سامان جي پهچ جي ضرورت لاءِ ٺاهيا وڃن ٿا. انهن جو فائدو به سنڌ کان وڌيڪ مٿين صوبن کي پهچي ٿو، ٻي ڳالهه ته نيشنل هاءِ وي جي پنجاب ۽ سنڌ اندر حالت ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. سنڌ اندر نيشنل هاءِ وي جي حالت ڏسي اهو ڪنهن جنگي علائقي جو روڊ لڳندو آهي. اهڙن بين الصوبائي رٿائن تي صوبا ڇا لاءِ پئسا ڏيندا. ٻي ڳالهه ته وفاق جو ذمو ئي بين الصوبائي رٿائون ٺاهڻ آهي نه ته ان جي سالياني ترقياتي پروگرام جو ڪهڙو مقصد باقي رهندو.
مٿين ٻنهي حوالن سان هڪ ٻي ڳالهه به اهم آهي ته ان ۾ اڳي ڪيل خرچن جو به ڄاڻايل آهي. ظاهر ڳالهه آهي ته ماضيءَ جي خرچن کي به صوبن جي ڳچيءَ ۾ وجھڻ جو ملطب آهي معاملا اينگھائي خراب ڪرڻ. هڪ ٻيو سوال اهو آهي ته جيڪڏهن بين الصوبائي رٿائن لاءِ صوبن کان خرچ ڀرائڻا آهن ته پوءِ انهن رٿائن سان ٿيندڙ آمدنيءَ جي ورهاست ۽ انتظامڪاريءَ تي به صوبن جو اختيار هجڻ گھرجي. مثال طور هاءِ ويز تان ملندڙ ٽول ٽئڪس ۽ ريلوي ٽڪيٽن جي آمدني به ان صوبي کي ڏيڻي پوندي. اهي معاملا اين ايف سي ۾ نبيرجي ئي نه سگھندا.
ٽيون اعتراض جوڳو معاملو قومي رٿائن ۾ صوبن کان پئسا گھرڻ آهي ان قسم جي رٿائن جو هڪ مثال ڀاشا ڊيم ٿي سگھي ٿو، ان قسم جون قومي مفادن واريون رٿائون اڄ ڪلهه گھڻو ڪري مٿين ٻن صوبن ۾ ئي تعمير ٿين ٿيون. ڀاشا ڊيم کي هڪ حوالي طور ڏسون ٿا. اها رٿا جنهن علائقي ۾ تعمير ٿي رهي آهي ان کي زميني ۽ ٻين مدن ۾ رقمون ملنديون. مقامي سطح تي ٽئڪس ملندا ۽ ڪيتريون ئي نوڪريون به اتي جي رهواسين کي ملنديون. رائلٽي ان صوبي کي ملندي جتي بجلي گھر لڳندا. باقي پنجاب ۽ سنڌ کي پاڻي ملندو. ان مان پختونخوا به پاڻي جو حصو وٺندو، ان قسم جي رٿائن ۾ صوبن کان خرچ وٺڻ جو فارمولو ڇا ٺهندو؟ اهو معاملو به نبيرجي نه سگھندو. اهي رٿائون ٺهرائڻ ۽ هلائڻ وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ان کي ئي انهن جا خرچ کڻڻ گھرجن. ان قسم جي ٽرمس آف ريفرنس رکڻ جو نتيجو اهو نڪرندو ته هيءَ ڪميشن به گذريل ٻن ڪميشنز جيان ڪنهن نتيجي تي نه پهچندي ۽ مالياتي ورڇ وارو ايوارڊ رولڙي جو ئي شڪار رهندو.
درحقيقت صوبن کي گھرجي ته ڪميشن جي گڏجاڻيءَ ۾ انهن معاملن تي ڳالهائڻ بجاءِ صوبن کي بهتر حصو ڏيارڻ سي سي آءِ ۽ نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل کي سگھارو ڪرڻ ۽ وسيلن جي ورهاست ۾ آدمشماريءَ جو سيڪڙو گھٽائي ٻين اهڃاڻن جو وزن وڌائڻ تي زور ڀرين.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *