تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

ايڪتا ڏهاڙو، ڪراچي سنڌ آھي

ڊسمبر ھونئن ھميشه ڏکيو ۽ ڳرو مھينو رھيو آھي جنھن جي درد ڪٿا اھي سمجھي سگھن ٿا جن جا پيارا انھي مھيني ۾ وڇڙيا ھوندا، شھيد راڻي جا لکين چاهيندڙ ھجن يا شيخ اياز جي پر اثر لفظن جا پڙھندڙ ، نصرت فتح علي خان جي سحر انگيز موسيقي تي جھومندڙ جوان ھجن ياوري سنڌ جي مڌر آواز مالڪ سرمد سنڌي ۽ اھڙا کوڙ ڌرتي ڌڻي جن سال جي آخري مھيني ڊسمبر سان گڏ ھي وطن ڇڏيو پر اڄ به لکين انسانن جي دلين تي راڄ ڪن ٿا. ڊسمبر جي انگڙائين ۾ ھڪ انگڙائي اھا به آھي جنھن يارنھن سال اڳي سنڌ جي ماڻھن کي ھڪ ٻيو جنم ڏنو. انھي جنم کي اسين سڀ ايڪتا جي نالي سان سڃاڻون ٿا ۽ وڏي ڌام ڌوم سان ملھايون به ٿا.
ايڪتا ڏينهن جي جيڪڏهن اصل ڪٿا ڏسجي ته سنڌي قوم تمام پراڻي تاريخ ۽ ثقافت رکي ٿي. موئن جي دڙي سان ئي انهي عمر ۽ ثقافت جي ڪڇ ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ته پنج هزار سالن کان به وڏي آهي. ظاهر آهي ايڏي پراڻي تاريخ ۽ ثقافت رکندڙ قوم جي جيون ۾ ڪيترا ئي لاها چاڙها آيا هوندا پر انجي باوجود جيڪڏهن اڄ به سنڌي قوم آهي، ٻولي آهي، ثقافت آهي ۽ پوري دنيا جي گولي تي آهي ته انهي مان هن قوم ۽ انجي تاريخ جي گهرائپ کي چڱي نموني سمجهي سگهجي ٿو. اڄ کان ٺيڪ يارنھن سال پهريان 2009ع ۾ اردو ميڊيا جي هڪ تعصب پرست اينڪر پرسن پنهنجي مختلف ٽي وي تجزين ۾ ان وقت جي صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي بين الاقوامي دورن عام طور تي ۽ خاص طور تي انهي وقت ويجهڙائي ۾ ڪيل ايران جي دوري دوران سنڌي ويس سان پهريل سنڌي ٽوپي تي چٿر ڪئي هئي ته نامياري صحافي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز گروپ جي روح روان علي قاضي ان کي سنڌ جي ثقافت تي حملو قرار ڏيندي ڊسمبر ۾ ايڪتا ڏينهن ملهائڻ جي اعلان ڪيو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته سڄي سنڌ اجرڪ ۽ ٽوپي پائي رستن تي نڪري انهي چٿر جو جواب ڏنو ۽ پنهنجي ثقافت سان پيار جو اظهار ڪيو ۽هر سال اهو ايڪتا ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو وڃي پيو جنهن کي ملڪي توڙي غير ملڪي ليول تي تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي. اتي سنڌ اندر هلندڙ سوشل ميڊيا جو هڪ نئون ميڊيم ويب ٽي وي به ڪنهن کان پوئتي نه رھيو ۽ تقريبن هر سنڌ جي هر شهر مان هلندڙ ويب ٽي وي پنهنجي پنهنجي شهرن کي نمايان طور پيش ڪيو. هاڻ ٿورو انهي ايڪتا ڏينهن جي يارنھن سالن جي تاريخ کي ڏسون ته انهن يارنھن سالن کان ملهائيندڙ ايڪتا ڏينهن سنڌي قوم کي ڇا ڏنو آهي؟. جيڪڏهن باريڪ بيني سان ڏسجي ته ايڪتا ڏينهن هن قوم جي ساهه کي ويساهه ڏنو آهي جنهن ۾.
1.. سنڌي ماڻهن جي زوال پذير هنرن اجرڪ، ٽوپي، ڪاشي، رلي ۽ گج وغيره کي تمام گھڻي پذيرائي ڏني جنهن سبب انهن هنرن جي واپار کي هٿي آئي ۽ ملڪي توڙي غير ملڪي ليول تي انهن جي کپت ۾ هڪ بهترين سطح جو اضافو آيو ۽ ڪجهه واپاري تجزيئي مطابق انهن هنرن جي سيڙپ ۽ کپت ۾ ٽي کان چار سو سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ڪافي بيروزگار نوجوان مرد توڙي عورتون روزگار سان لڳا آهن.
2.پٽڪي اجرڪ ۽ ٽوپي کي پائڻ جي گهٽ ٿيندڙ ٽرينڊ ۾ وڏي پئماني تي بهتري آئي، ميڊيا تي اچڻ سبب اڄ جو نوجوان پٽڪي ٻڌڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو، اڄ جو نوجوان ٽوپي پائڻ پسند ڪري ٿو ۽ اڄ جو نوجوان اجرڪ پهرڻ پسند ڪري ۽ انکي پنهنجي سڃاڻپ سمجهي ٿو جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي.
3.ملڪي توڙي غير ملڪي ليول تي سنڌي بحيثيت قوم ۽ ثقافت جي هڪ عليحده سڃاڻپ برقرار رکي آهي.
4.سنڌين جي سڃاڻپ ڪچهري، مچ ڪچهري ، اوطاقي ۽ ميزباني رسم۽ رواج جيڪا گهٽ ٿي رهي هئي انکي وري نئين سر سان اجاگر ڪيو ويو. ڏور بيت، موسيقي ڳجهارتون وغيره وري هڪ دفعو اڀري سامهون آيون آهن.
5.سنڌي ثقافت واريون شيون سوکڙي پاکڙي ڏيڻ جو رواج وڌيو آهي.
6.پنهنجو پاڻ ۾ ويڇا وساري ملڻ جلڻ کي پڻ هٿي ملي آهي.
7.سنڌي فن موسيقي ۽ شاعري ۾ جدت آئي آهي. مختلف ڌنن ۽ شاعري سان گڏ يڪتارو چپڙي سان گڏ پاپ ميوزڪ ۽ سنڌي ڪلاسڪ ميوزڪ کي به تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي. جنهن سبب فن ۽ فنڪار جو قدر ٿيڻ شروع ٿيو آهي.
8.دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٺهيل هو جمالو، دنيا جو وڏي مان وڏو اجرڪ به هڪ مختلف سڃاڻپ طور پنهنجي مڃتا ماڻي چڪا آهن.
9.وڏن شھرن ۾ رھندڙ مٿئين ڪلاس جي عورتن توڙي مردن اجرڪ کي ماڊرن ڊريس طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آھي ۽ وڏن وڏن ڪپڙي جي برانڊن اجرڪ جي ڊزائين کي اھميت ڏيڻ شروع ڪئي آھي.
اهي ته اهي ڪم آهن جيڪي سٺا ٿيا آهن جن جي تعريف به ڪرڻ گهرجي ۽ همت افزائي به. اهڙي طرح اسان سڀني کي هر سال اهو قومي ڏڻ گڏجي سڏجي ڪري قومي جوش جذبي سان ملهائڻ گهرجي پر ان ۾ هر سال ملهائيجندڙ ايڪتا ڏينهن ۾ ڪو نه ڪو هڪ مقصد هجڻ هئڻ گهرجي ۽ انهي مقصد جو تعين سنڌي قوم جا ساڃاهه وند ماڻهو، ميڊيا، اديب، سول سوسائٽي گڏجي ڪن ۽ انهي مقصد لاءِ گڏجي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ مهم هلائين ته سنڌ انهن مسئلن مان جان ڇڏائي سگھي.
منهنجي ذاتي صلاح اها آهي ته ڪارو ڪاري جي رسم خلاف هڪ منظم تحريڪ هلائي ڪري انهي جو خاتمو ڪرائجي، پري نه پر رڳو گذريل ايڪتا ڏينھن کان ايندڙ ايڪتا ڏينھن هن سال جي ايڪتا تائين ڪيتريون ئي بيگناھه نياڻيون ڪارو ڪاري جو شڪار ٿيون آهن. ھن سال ڄامشوري ضلعي جي تعلقي مانجھند ۾ به ساڳي قسم جي ھڪ واقعي کي ورجايو ويو. اهڙين واقعن سان سنڌ جي تاريخ ڀري پئي آهي جنهن جو ازالو لازمي آهي. اهڙي طرح اتر سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا سنڌي قوم کي اڏوهي وانگر کائي ختم ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن جنهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ انهي ايڪتا ڏينهن جي مدد سان مهم هلائڻ گهرجي. هميشه پر امن رهندڙ سنڌ جنهن جي لاءِ مشهور آهي ته اها صوفين جي سرزمين آهي، پيار جي زمين آهي سا اڄڪلھه عجيب ڪشمڪش ۾ آهي ۽ مذهبي ڪثرپڻي جي ور چڙهيل آهي جنهن جو خاتمو لازمي آهي جيئن اسين پنهنجي قومي تشخص کي برقرار رکندي پنهنجو مستقبل سنواري سگهون. اسين تعليم، سائنس، اسڪلز جي حوالي سان هلندڙ دور کان ڪافي پٺتي آهيون جنهن جي لاءِ به هن ايڪتا ڏينهن کي هاڪاري استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ايڪتا ڏينھن جي حوالي سان “ٽائيم نيوز” ۽ “پنھنجي اخبار” جي سرواڻ علي قاضي وقت جي حالتن ۽ انھن جي نزاڪت کي سمجھندي ھن سال جي ايڪتا ڏهاڙي کي “ڪراچي سنڌ آھي” جي سري ھيٺ ملھائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي جنھن جو ھڪ خاص مقصد اھو به آھي ته صوبي ۾ مخصوص نموني سان حالتون تبديل ٿي رھيون آھن يا ڪيون پيون وڃن ، اھڙي صورتحال ۾ ڪراچي کي ايڪتا سرگرمين جو محور ڪيو وڃي جيئن دنيا ڏانھن پوري سنڌ جي طرفان ھڪ پيغام وڃي ته اسين ھزارين سالن جي تاريخ جا محافظ ۽ امين آھيون ۽ اسان پنھنجي ثقافت، تھذيب ۽ تاريخ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا ۽ ڪنداسين. انھي جي لاءِ سنڌ جي سول سوسائٽي توڙي ساڃاهه وند ۽ سنڌ جو عوام پنھنجو ڪردار ادا ڪندي “ڪراچي سنڌ آھي” جي نعري ھيٺ گڏ ٿي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جون سازشون ڪندڙن کي ڀرپور جواب ڏين.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *