تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

اي پي سي کان گهڻو اڳتي نڪري ويل نواز ليگ

آل پارٽيز ڪانفرنس جي نتيجي ۾ جنم وٺندڙ پي ڊي ايم پنهنجي پهرين باضابطا اجلاس ۾ 11 آڪٽوبر تي ڪوئيٽا ۾ جلسي ڪرڻ واري اعلان سان گڏ اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي شروعاتي اڳواڻي مسلم ليگ ن جي احسن اقبال حوالي اڃان مس ڪئي هئي جنهن کانپوءِ پي ڊي ايم جي سربراهه کان علاوه ڪوئيٽا واري جلسي کانپوءِ وارن جلسن تي حتمي مشاورت به ٿيڻي هئي پر لڳي ٿو ته اي پي سي وارو پي ڊي ايم ڪافي پوئتي رهجي ويو آهي جڏهن ته نواز ليگ گهڻو اڳتي نڪري وئي آهي جنهن تحريڪ جي شروعات ڪوئيٽاکان ٿيڻ وڃي رهي هئي اها تحريڪ سڌو پنجاب اندر داخل ٿي چڪي آهي، جنهن ڪوئيٽا واري جلسي جو اعلان مخالف ڌر جي گڏيل پي ڊي ايم واري اتحاد ڪيو هو انهيءَ رات ن ليگ مريم نواز جي پنجاب اندر الڳ جلسن کي ترتيب ڏئي رهي هئي. پي ڊي ايم جي شروعاتي اجلاس کانپوءِ مسلم ليگ ن جي ڪور ڪاميٽي واري اجلاس جي نتيجي ۾ نواز شريف جهڙي طريقي سان وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجي تقريرن جي هيٽرڪ مڪمل ڪئي آهي ان کانپوءِ موجوده حڪومتي اتحاد ۽ نواز شريف بلڪل آمهون سامهون اچي چڪا آهن. جنهن ڏينهن تي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي رهي هئي تڏهن به اهي ڳالهيون نتيجن جي صورت ۾ سامهون اچي چڪيون هيون ته نواز شريف جي تقرير ميلو مچائي ڇڏيو آهي هينئر به صورتحال اهڙي بڻجي چڪي آهي جو ڪنهن کي به ڪوئيٽا واري جلسي جو انتظار ئي باقي ناهي رهيو، شهباز شريف جيل وڃي چڪو آهي، نواز شريف لنڊن ۾ آهي مريم نواز پنجاب ۾ ن ليگ جي جلسن کي خطاب ڪندي اهڙي صورتحال ۾ سياسي ٽيمپريچر جا ڏينهن پنهنجي عملي صورت ۾ شروع ٿي چڪا آهن، هاڻي ماحول اهڙو بڻجي چڪو آهي جنهن ۾ ٻين سياسي پارٽين کي مسلم ليگ ن جي شروع ڪيل بيانيي واري تحريڪ ۾ پاڻ کي شامل ڪرڻو پوندو. ان کان اڳ مولانا فضل الرحمان جڏهن رهبر ڪاميٽي جي فيصلن کان اڳ ئي پنهنجا ملين مارچ ۽ لانگ مارچ جو ماحول جوڙي چڪو هيو تڏهن مخالف ڌر جي شرڪت باوجود ان لانگ مارچ کي مولانا جو مارچ تصور ڪيو ويو هو.
ساڳئي وقت اهي سوال به اٿيا هئا ته مولانا صاحب کي ايئن الڳ پنهنجو پروگرام ترتيب ڏيڻ کپي ها پر هينئر معاملو الڳ آهي، هينئر سياسي ميدان انتهائي گرم ٿي چڪو آهي، مخالف ڌر لاءِ واپسي جا دروازا بند نظر اچن ٿا. آڏو لانگ مارچ آهي ته پٺيان نيب آهي، جيڪڏهن شهباز شريف جي مفاهمتي فارمولي تي هلجي ٿو ته پوءِ نيب هٿان گرفتار ٿي جيلن وارو رستو ئي بچي ٿو انهيءَ ڪري مخالف ڌر نيب جي گرفتارين بجاءِ پي ڊي ايم واري تحريڪ کي ترجيح ڏيندي نظر ايندي. ٻئي طرف صورتحال اهڙي بڻجي وئي آهي جو هڪ وقت هو جڏهن نواز شريف ۽ مريم نواز لنڊن کان واپس لاهور پهتا هئا تڏهن سندن شاندار استقبال کي مزاحمتي تحريڪ تصور ڪري شهباز شريف مفاهمتي رستو اختيار ڪيو تڏهن ئي نواز شريف جڏهن ملڪ کان ٻاهر لنڊن روانو ٿيو ته شهباز شريف جو خاندان شهباز شريف کي ڀاءُ کي بچائڻ وارا مبارڪباد جا پيغام موڪلي رهيا هئا. هينئر صورتحال اهڙي آهي جو جڏهن شهباز شريف گرفتار ٿيو آهي تڏهن لنڊن ۾ ويٺل نواز شريف نوٽيس ورتو آهي ته سندس گرفتاري تي احتجاج ڇو ناهي ٿيو. ان ڪري هينئر جڏهن نواز شريف پنهنجي خطاب ۾ چوي ٿو ته هاڻي خاموش نه ويهندس ۽ مون کي ڪير خاموش رهڻ لاءِ به نه چوي تڏهن سمجهه ۾ اچي ٿو ته نواز شريف ڪنهن ڪنهن سان مخاطب ٿي رهيو آهي. جڏهن سندس اهڙي جملي تي پارٽي جا اڳواڻ اٿي بيهي تاڙيون وڄائڻ لڳن ٿا ته اهڙين تاڙين جو مقصد به پارٽي جي اندر نواز شريف جي بيانيي جي فتح تصور ٿئي ٿي، ان ڪري جڏهن شهباز شريف پنهنجي پٽ حمزا شهباز سان گڏ جيل ڀوڳي رهيو آهي تڏهن مفاهمت وارو بيانيو جيل ۾ ۽ نواز شريف جو بيانيو مريم نواز جي صورت ۾ ميدان ۾ اچي چڪو آهي.
ٻئي طرف اي پي سي واري ڏينهن کانپوءِ شيخ رشيد جنهن ڳجهي ملاقات جو راز فاش ڪيو هو تنهن کانپوءِ شيخ رشيد کي سوشل ميڊيا مين آف دي ميچ قرار ڏئي رهي هئي اهڙي صورتحال کانپوءِ سمجهه ۾ ايئن اچي رهيو هو ته اي پي سي جو اثر ٿي چڪو آهي، مخالف ڌر جون پارٽيون وضاحتن ۾ لڳي ويون هيون، حڪومت پنهنجي انهيءَ بيانيي کي وڌائيندي نظر آئي ته احتساب جو عمل جاري رهندو، مطلب ته محمد زبير ڪيتريون به ڳجهيون ملاقاتون ڪري پر اهڙين ملاقاتن جي نتيجي ۾ ملندو ڪجهه به ناهي، ان ملاقات کي جيتوڻيڪ ٻيون پارٽيون مسلم ليگ ن جو اندروني معاملو ڄاڻائي رهيون هيون ته هينئر مسلم ليگ ن پنهنجي اڳواڻ نواز شريف جي هدايت تي احسن اقبال معرفت نه رڳو پارٽي اڳواڻن کي عسڪري قيادت سان ملاقاتن کان منع ڪري ڇڏيو آهي پر انهن پنجاب جي صوبائي ميمبرن کي به پارٽي کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي جن گذريل ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي هئي انهن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن کي به نوٽيس جاري ڪيا آهن جن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي هئي مطلب ته مسلم ليگ ن هينئر سمورا تڪڙا قدم کڻندي نظر اچي رهي آهي جنهن مان اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته مسلم ليگ ن معاملي کي پارليامينٽ کان ٻاهر اسٽريٽ پاور جي بنياد تي آڻڻ وارو ذهن ٺاهي چڪي آهي.
جيڪڏهن قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ ان هائوس تبديلي جو آپشن پارٽي وٽ هجي ها ته ن ليگ اهڙن ميمبرن کي (ڪڍڻ) بجاءِ مفاهمتي طريقي سان انهن کي گڏ کڻي هلڻ واري راهه اختيار ڪري ها. هتي ته نواز شريف پنهنجي پارٽي جي اڳواڻن کان هٿ مٿي کڻائي اهو وچن ورتو آهي ته پنهنجي دل ۽ دماغ کان پڇي واعدو ڪيو ته نظرياتي رستي تي هلندو يا نه.
اهڙي صورتحال ۾ جڏهن مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نواز شريف پنهنجي تقريرن ذريعي عمران خان حڪومت خلاف اهو چئي اعلان جنگ ڪري چڪو آهي ته اسان جو مقابلو عمران خان سان ناهي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ آڪٽوبر نومبر، ڊسمبر ۽ جنوري وارا مهينا ڇا اهي مهينا هوندا جنهن جنوري ۾ نه رڳو مخالف ڌر جو لانگ مارچ ٿيڻو آهي پر عمران خان جي انهن ڇهن مهينن جو مدو به پورو ٿي ويندو جيڪو هن پارليامينٽ جي خطاب دوران چيو هيو ته ڇهن مهينن اندر ڪارڪردگي بهتر ڪريو مان جيڪڏهن مائينس ٿي به وڃان تڏهن به احتساب جو عمل جاري رهندو.
عمران خان ته مخالف ڌر جي تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي پارٽي جي اڳواڻن ۽ ترجمانن جو اجلاس سڏائي ورتو آهي جنهن ۾ طئه ڪيو ويندو ته مخالف ڌر کي ڪيئن منهن ڏجي پر نواز شريف جي تقرير کانپوءِ هينئر کان ئي حڪومتي ترجمان به ميدان ۾ اچي چڪا آهن ته ٻئي طرف نيب جا نوٽيس به مخالف ڌر جي مک اڳواڻن کي ملڻ شروع ٿي ويا آهن. عمران خان جي حڪومت تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ شيخ رشيد جي خطابن کان علاوه پارليامينٽ اندر اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري ڪاميابي کانپوءِ ڪهڙا وڌيڪ قدم کڻندي نظر ايندي. ان جو اعلان ته هڪ ٻن ڏينهن اندر سامهون اچي ويندو پر آصف علي زرداري چواڻي ته هن آل پارٽيز ڪانفرنس کانپوءِ مان ته جيل ۾ هوندس خبر ناهي مولانا فضل الرحمان ملاقات لاءِ ايندو يا نه. آصف علي زرداري جي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر اهڙيون خبرون به گرم آهن ته مريم نواز به گرفتار ٿي سگهي ٿي ته مولانا فضل الرحمان تي به نيب سختي ڪندي نظر ايندي. جڏهن سوال گرفتارين جو سامهون اچي ٿو تڏهن آصف زرداري نواز شريف، مريم نواز، شهباز شريف جي گرفتاري جي سوال جي جواب ۾ چيو وڃي ٿو ته اهي سڀ اڳواڻ هينئر ئي جيلن مان ضمانت تي نڪتا آهن، سندن گرفتارين سان ڪهڙو فرق پيو آهي پر مولانا فضل الرحمان جي امڪاني گرفتاري به ڪيترائي سوال پيدا ڪري رهي آهي جڏهن ته نواز شريف کانسواءِ مولانا فضل الرحمان ٻيو سياسي اڳواڻ آهي جيڪو للڪار واري فارمولي تي عمل ڪري رهيو آهي جنهن جي آڏو پي پي به اهو شرط رکيو آهي ته جيڪڏهن ميان نواز شريف ملڪ واپس اچي ته پيپلزپارٽي سنڌ حڪومت ختم ڪري استعيفائون سندس حوالي ڪري ڇڏيندي، هاڻي ڏسجي ته ميان نواز شريف جي لنڊن کان لاهور تائين پهچڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي ٿو اهو وقت جنوري واري لانگ مارچ کان اڳ اچڻو آهي يا پوءِ اهو فيصلو نواز شريف کي پاڻ کي ڪرڻو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *