تازا ترين
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

اٽارني جنرل جي رپورٽ ۽ سي سي آءِ جو فيصلو

نواز ليگ جي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ سي سي آءِ جي هڪ گڏجاڻي 27 مئي 2018ع ۾ ٿي. انهي گڏجاڻي ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته اٽارني جنرل آف پاڪستان جي سربراهي ۾ هڪ ڪاميٽي ٺاهي وڃي جنهن ۾ هر صوبي جا نمائندا هجن. ڪاميٽي پاڪستان ۾ پاڻي جي موجوده دستيابي جي مسئلن جو ۽ انهي جو صوبن ۾ ورهاست جو جائزو وٺندي ۽ انهيءَ ڏس ۾ پنهنجون سفارشون سي سي آءِ کي غور ڪرڻ لاءِ پيش ڪندي. انهيءَ ڏس ۾ ڪاميٽي 1991ع ۾ پاڻي ٺاهه جي منظور ٿيڻ جي رڪارڊ جو به جائزو وٺندي. صوبن جي نمائندن جو لکت ۾ جواب ڏيڻ جو چيو ويو ۽ ارسا کي پاڻي ٺاهه جو رڪارڊ ڏيڻ لاءِ چيو ويو.
پاڻي جو جهيڙو سنڌ-پنجاب وچ ۾ آهي جنهن ۾ هاڻي ارسا جا ٻيا ميمبر گڏجي ويا آهن. پهرين مان سنڌ صوبي جو موقف بيان ڪندس، تنهن کانپوءِ پنجاب صوبي جو موقف ۽ پڇاڙي ۾ اٽارني جنرل جي رپورٽ جو
سنڌ جو موقف:
سنڌ صوبي جو موقف اهو آهي ته صوبن ۾ پاڻي ورهاست ٺاهه جي شق نمبر 2 جي نتيجي ۾ ٺهيل ڏهن ڏينهن واري ورهاست مطابق ڪئي وڃي ۽ انهيءَ لاءِ سنڌ هيٺيون ڳالهيون گهريون.
1- ڪنهن ڏهاڪي ۾ جڏهن پاڻي وڌ يا گهٽ هجي ته سي سي آءِ جي 16 سيپٽمبر 1991ع واري فيصلي تي عمل ڪيو وڃي جنهن ۾ هنن ڏهن ڏينهن واري ورهاست جي منظوري ڏني.
2- سڀني صوبن ۾ واڌ يا کوٽ سڄي پاڪستان جي بنياد تي هر ڪنهن صوبي جي حصيداري موجب ڪئي وڃي.
3- سنڌ پنجاب جي انهيءَ موقف سان اتفاق نٿو ڪري ته ٺاهه ۾ ڏنل ڏهن ڏينهن واري ورهاست تي عمل تڏهن ٿي سگهندو جڏهن موجود استعمال جو پورائو ٿئي ۽ مستقبل جي ذخيرن بابت فيصلو ٿئي. سال 1977-82 وارو سراسري کنيل پاڻي ڏهن ڏينهن واري ورهاست لاءِ گائيڊ لائن طور استعمال ٿيو جيئن شق نمبر 14(b) ۾ ڏنل آهي. ڏهن ڏينهن واري ورهاست ٿيڻ کانپوءِ اهو ٺاهه جو حصو ٿي ويو ۽ انهيءَ تي عمل ٿيڻ کپي. وڌيڪ اهو ته پاڻي جي ذخيرن ٺاهڻ جو ڪو واسطو ڪونهي.
اهو فيصلو 16 سيپٽمبر 1991 واري گڏجاڻي ۾ ڪيو ويو جنهن جي تصديق وفاقي لا ڊويزن 16 آڪٽوبر 2000ع ۾ ڪئي.
4- ارسا جو ڪم ٺاهه تي عمل ڪرائڻ آهي. ان جو ڪم ٺاهه ۾ ترميم ڪرڻ ناهي. ارسا جي اڪثريت جي بنياد تي ٺاهه ۾ ترميم ان جي حيثيت کان مٿي آهي ۽ ان کي ايئن ڪرڻ کان جهلڻ کپي.
5- ٽي سطحي فارمولي تي سنڌ سال 2003ع ۾ به راضي نه ٿي هئي. پر سنڌ جي اعتراض باوجود اهو فارمولو هينئر به استعمال ٿئي ٿو جيڪو غيرقانوني ۽ غيراخلاقي آهي.
6- تنهن کانسواءِ بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا کي کوٽ کان آجو ڪيو آهي. ٺاهه ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. اهو ئي سبب آهي ته ارسا وارا سال 2003ع کان پاڻي ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا.
پنجاب جو موقف:
سي سي آءِ جي هدايت موجب اطلاعات واري وزارت پاڻي ٺاهه جي معاهدي سان گڏ هڪ پمفليٽ به جاري ڪيو جنهن ۾ اهو چيو ويو هو ته پاڻي ٺاهه جي ڪري ڪنهن به صوبي جو هينئر تائين پاڻي گهٽ نه ٿيندو. ٺاهه جي شق 14(b) ۾ اهو آهي ته هر ڪنهن صوبي جو حصو سال 1977-82 موجب مقرر ڪيو ويندو. جن موجب پاڻي جي واڌ يا گهٽتائي جو سڄي پاڪستان جي بنياد تي فيصلو ڪيو ويندو. پنجاب 82-1977 سراسري پاڻي جيڪو 102.73 ملين ايڪڙ فوٽ ٿئي ٿو 54.51 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي کڻي ٿو جيڪو ڪل کنيل پاڻي جو 53.10 سيڪڙو ٿئي ٿو پاڻي ٺاهه جي شق نمبر 2 موجب 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ ورهايو ويو. جنهن ڪري پنجاب جو حصو وڌي 55.94 ملين ايڪڙ فوٽ ٿي ويو پر پنجاب جو سيڪڙو گهٽجي 48.9 ٿي ويو. پنجاب انهيءَ شرط تي انهيءَ تي راضي ٿيو ته پاڻي جي دستيابي وڌائي 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ ڪئي ويندي. اها نه وڌائي وئي آهي جنهن ڪري پنجاب انهيءَ حصي کان 4.2 سيڪڙو پاڻي گهٽ کڻي ٿو جيڪو هن ٺاهه کان اڳ ۾ پئي کنيو. ٺاهه جي شق موجب ورهاست انهيءَ مقدار تي آهي جيڪو پاڻي ڪڏهن به دستياب نه هو. جنهن ڪري اها حصيداري قابل عمل ناهي. جڏهن ته 102.73 ملين ايڪڙ فوٽ واري ورهاست شق 2 موجب ڪرڻ سان پنجاب کي وڌ ۾ وڌ نقصان ٿئي ٿو. پنجاب 4.25 پاڻي وڃائي ٿو جيڪو هو اڳي ئي استعمال ڪري ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ پنهنجي اڳ ۾ کڻندڙ پاڻي کان وڌيڪ حصو وٺندو. 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ جي ورهاست تڏهن ممڪن ٿيندي جڏهن ايترو پاڻي هجي جنهن لاءِ پاڻي جا نوان ذخيرا ٺاهڻا پوندا. جيستائين اهو نٿو ڪيو وڃي ٺاهه ۾ ڏنل ڏهن ڏينهن واري ورهاست اڪيلي سر عمل ۾ نٿي آڻي سگهجي. جيستائين هينئر استعمال ٿيندڙ پاڻي جو دفاع نه ڪيو وڃي. پنجاب اهو به چيو ته ٽه سطحي واري ورهاست انصاف واري آهي.
اٽارني جنرل جي رپورٽ:
اٽارني جنرل جي رپورٽ جو تت هيٺ ڏجي ٿو.
1- اصل مسئلو آهي شق نمبر 14(b) جي تشريح جو. انهيءَ ۾ سال 1977ع ۽ سال 1982ع جي سراسري پاڻي جو ذڪر آهي پر ذڪر پاڻي استعمال بابت ناهي پر انهيءُ بابت آهي ته شق 2 موجب ورهايل پاڻي ڪيئن وڌائي 114.35 ملين فوٽ تائين آڻجي. معنيٰ انهيءَ کي بنياد ٺاهي صوبن ۾ ورهايل پاڻي سڄي سال لاءِ ڏهن ڏينهن واري ورهاست نموني ورهائجي. ان وقت جڏهن ڏهن ڏينهن واري ورهاست جڙي وئي ته 1977ع کان 1982ع سراسري ساليانو کنيل پاڻي جو رول ختم ٿي ويو. اها ڳالهه سي سي آءِ جي 16 سيپٽمبر 1991ع گڏجاڻي ۾ سڀني صوبن مڃي ۽ تنهن کانپوءِ ٺاهه ۾ گهربل تبديليون ڪيون ويون. ٻيو مسئلو آهي ته 14(b) ۾ ڏنل هن ڳالهه جو And form basis for sharing shortage and surpluses on all Pakistan basis انهيءَ جو مختصر جواب آهي ته جڏهن سراسري ساليانو 1977ع کان 1982ع کنيل پاڻي جي بنياد تي ڏهن ڏينهن واري ورهاست مڪمل ٿي وئي ته مستقبل جي کوٽ يا واڌ سڀني صوبن ۾ ورهائي ويندي.
2- موجوده حالتن ۾ اهو به اندازو لڳائڻ کپي ته ساليانو پاڻي گهڻو آهي. انهيءَ لاءِ هڪ پاڻي دان hydrologist جون خدمتون وٺڻ کپن. تيستائين ورهايل 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي بنياد تي صوبن ۾ پاڻي ورهاست ڪرڻ کپي.
3- لٽجڻ ڪري ڊيمن جي صلاحيت گهٽجي پئي. تنهن ڪري ٻيا نوان ڊيم ٺاهڻ کپن.
4- پاڻي جي چوري چيڪ ڪرڻ لاءِ Telemetry سسٽم هئڻ کپي. انهيءَذريعي آيل پاڻي بابت ڄاڻ ملندي ۽ صوبن جا شڪ به دور ٿيندا.
6 آگسٽ واري سي سي آءِ گڏجاڻي
اڳ ۾ ٺهيل ڪاميٽي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جو هڪ هڪ ميمبر هو جڏهن ته خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جا ٻه ٻه ميمبر هئا. سنڌ جي چيف منسٽر انهيءَ تي اعتراض ڪيو تنهن ڪري اٽارني جنرل واري ڪاميٽي ٻيهر ٺاهي وئي جنهن ۾ سڀني صوبن جا ٻه ٻه ميمبر آهن. وري انهيءَءُ ڪاميٽي کي مهيني اندر رپورٽ ڏيڻ جو چيو ويو.
سي سي آءِ جي سيڪريٽري وڌيڪ ٻڌايو ته وزيراعظم جي منظوري سان اها ڪاميٽي 20 جولاءِ 2020ع تي ٺاهي وئي آهي. ٽيلي ميٽري سسٽم هئڻ بابت ٻڌايو ويو ته واپڊا انهيءَ جي پي سي ون آگسٽ مهيني ۾ ٺاهيندي. سنڌ جي چيف منسٽر پوئين ڪاميٽي تي اعتراض ڪندي چيو ته انهيءَ ۾ سنڌ جو رڳو هڪڙو ميمبر هو جڏهن ته پنجاب جا ٻه ميمبر هئا. نئين ڪاميٽي ۾ سڀني صوبن جا هڪ جيترا ميمبر هجڻ کپن. اها ڳالهه مڃي وئي.
پنجاب جي وزير چيو ته پاڻي ٺاهه ۾ 10 شقون آهن جيڪي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن جڏهن ته ڪل پاڻي دستياب آهي رڳو 102 ملين ايڪڙ فوٽ. جڏهن ته ڪل پاڻي ورهايو ويو هو 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ. جيستائين نوان ڊيم نه ٺهندا ورهاست خيالي پاڻي تي ته نٿي ٿي سگهي. انهيءَ ڪري پنجاب پنهنجي حصي جو 4 سيڪڙو وڃائي ٿو، هن انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته جيستائين نوان ڊيم نه ٺهندا 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ واري ورهاست نه هلي سگهندي.
سنڌ جي چيف منسٽر چيو ته پاڻي ٺاهه ۾ ڪٿي به لکيل ناهي ته جيستائين نوان ڊيم نه ٺهندا ورهاست نه ٿي سگهندي. پاڻي ٺاهه جي 6 شق جيڪا نون ڊيمن جي باري ۾ آهي ان ۾ به لکيل ناهي ته ورهاست تڏهن ٿيندي جڏهن ڊيم ٺهندا.
آخر ۾ وزيراعظم صاحب چيو ته پاڻي هڪ critical اشو آهي ۽ انهيءَ جو فيصلو خيال سان ڪرڻو پوندو ۽ سڀني صوبن جي هڪ جيتري نمائندگي کپي.
فيصلو
سي سي آءِ فيصلو ڪيو ته اٽارني جنرل جي ڪاميٽي کي ٻيهر ٺاهيو وڃي جنهن ۾ هر صوبي جا هڪ جيترا ميمبر هوندا. ڪاميٽي پنهنجيون سفارشون هڪ مهيني ۾ ڏيندي جنهن ڏينهن notification نڪري ۽ اها رپورٽ سي سي آءِ سيڪريٽ کي ڏيندي.
منهنجي خيال ۾ اٽارني جنرل جي رپورٽ سنڌ جي فيور ۾ آهي جيڪا هن ريت آهي:
جڏهن سراسري ساليانو 1977ع کان 1982ع کنيل پاڻي جي بنياد تي ڏهن ڏينهن واري ورهاست مڪمل ٿي وئي ته مستقبل جي کوٽ يا واڌ سڀني صوبن ۾ ورهائي ويندي.
پر هڪڙي ڳالهه جو خيال رکڻو پوندو. سي سي آءِ ۾ فيصلا اڪثريتي بنياد تي ٿين ٿا. معنيٰ جنهن ڌر جا ووٽ گهڻا انهيءَ کٽيو. جيڪڏهن خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان صوبا پنجاب سان ملي وڃن ٿا ته اڪثريت انهن جي ٿيندي ۽ فيصلو سنڌ جي خلاف به اچي سگهي ٿو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *