تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

اپوزيشن ، سيٽ اپ لاءِ چئلينج ٿي سگهندي … ؟؟

پاڪستان جو سياسي ميدان وڏي عرصي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر گرم ٿي ويو آهي، سياسي ميدان جي تپش جي اڳڪٿي ڪافي عرصي کان ٿي رهي هئي، پر صحيح وقت جي چونڊ جو انتظار هو. هلندڙ سال جون ۾ معيشت جي ڏٻري حالت کانپوءِ وزيراعظم عمران طرفان پنهنجي وزيرن کي ڏنل ڇهن مهينن واري “الٽيميٽم” کي سياسي ڌرين عمران خان جي حڪومت لاءِ الٽيميٽم قرار ڏنو، جنهن جي ٻئي ڏينهن تي عمران خان هڪ معنيٰ خيز بيان ڏنو ته “هو آخري آپشن آهي”. پاڪستاني جي تاريخ ۾ شروعات کان وٺي ئي اقتدار جي اصل مالڪ اسٽيبلشمينٽ رهندي آئي آهي، اسٽيبلشمينٽ اقتدار جون سڌي ريت واڳون جنرل ايوب جي مارشل کانپوءِ سنڀاليون پر اقتدار تي انهن جو حقيقي قبضو گورنر جنرل غلام محمد جي دور ۾ ئي ٿي چڪو هو، اسٽيبلشمينٽ اندر مختلف موقعن، ترجيحن تي تڪرار پڻ سامهون ايندا رهيا آهن پر 2008ع کانپوءِ رياستي ۽ سياسي معاملن ۾ اسٽيبلشمينٽ اندر موجود مختلف لابين اندر پڻ تڪرار نظر ايندو آهي، اهو تڪرار 2018ع وارين چونڊن کانپوءِ نروار ٿي نظر آيو آهي، شايد ان جو سبب آمريڪا سان پراڻي ياراڻي ۽ چين سان نئين ياراڻي هجي، افغانستان ۾ آمريڪا جي گهربل نتيجن جي حاصلات ۽ چين جي اثر رسوخ حاصل ڪرڻ واري معاملي تي پڻ راءِ ورهايل آهي، عالمي پس منظر تي پيش ايندڙ واقعن، گهرجن ۽ تڪرارن جا سڌي ريت ملڪي سياست تي پڻ اثر ظاهر ٿي رهيا آهن، عالمي چئلينجز کي سامهون رکندڙ ملڪي اسٽيبلشمينٽ ڪنهن به ريت ملڪ ڪو به ڏڦيڙ نه پئي چاهي، ڇاڪاڻ ته ڏڦيڙ جي صورت گهربل ٽارگيٽ ڪنهن به ريت حاصل نه ٿي سگهندا. قرضن جي بار هيٺ دٻيل معيشت ڪو به اهڙو سياسي تڪرار برداشت نه ٿي ڪري سگهي، جنهن سان ڪي به وڏا چئلينجز پيدا ٿي سگهن، ان لاءِ ملڪي ڪرتا ڌرتائن جون مهيني کان ئي ملڪي سياسي قيادت کي ڪجهه گرين سگنلز ڏنا ته جيئن ويهي سگهجي ، ڳالهائي سگهجي ۽ گهٽ ۾ گهٽ تي راضي ٿي سگهجي. هاڻي جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ڪجهه “ انگيجمينٽ ” جي پاليسي ڏيکاري ته سياسي قيادت پڻ لچڪ جو مظاهرو ڪيو، ملڪي سياسي قيادت ۾ اپوزيشن جون ٻه وڏيون ڌريون پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن آهن، قومي پاليسين ۽ اسلام آباد جي سياسي منظر نامي کي ڏسجي ته پيپلز پارٽي جو اسٽيبلشمينٽ ڏانهن رويو ن ليگ جي نسبت ڪجهه لچڪدار نظر اچي ٿو، 2018ع واري اليڪشن کان اڳ سينيٽ جي چونڊن ۾ جهڙي ريت پيپلز پارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ خاموش انڊراسٽينڊنگ سان گڏيل چيئرمين آندو، اهو ان جو وڏو مثال آهي، اليڪشن کان پوءِ پنجاب ۾ حقيقي چئلينج سبب پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ ڪنٽرولڊ اسپيس ڏنو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ حڪومت ته ٺاهي پر لياري ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي شڪست ۽ لاڙڪاڻي واري سيٽ تي ٽف ٽائم ڏياري پنهنجي اثر رسوخ جو پڻ احساس ڏياريو ويو، جڏهن ته ن ليگ پنجاب ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ باوجو حڪومت نه ٺاهي سگهي . 2018ع جي چونڊن کانپوءِ هميشه جيان ن ليگ اندر هڪ بيڪ ڊور چينل مسلسل طاقتور ڌرين سان رابطي ۾ پڻ رهيو آهي، نواز شريف جو پرڏيهه وڃڻ پڻ اهڙن ئي بيڪ ڊور چينلز جي ڳالهين جو نتيجو آهي، جنهن ۾ ٻاهرين قوتن جو پڻ اهم ڪردار هو، حالتن جو جائزو وٺجي ته سڌ پوي ٿي ته هن وقت مسلم ليگ ن جي اندر پڻ اها ڳالهه وزن وٺي رهي آهي ته جيڪڏهن عمران حڪومت جنوري تائين ڏنل ٽائيم ۾ ڪجهه پرفام نه ڪري سگهي ته موقعي جي مناسبت سان طاقتور حلقن سان ڳالهه ٻولهه ڪري پنهنجي لاءِ جاءِ وٺجي، ڪجهه حلقن طرفان گرين سگنل ملڻ کانپوءِ ن ليگ پارٽي جي سافٽ آپشن شهباز شريف ذريعي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي ۽ شهباز شريف هڪ ڀيرو پنهنجي وڏي ڀاءُ نواز شريف کي قائل ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي، پر نواز شريف ۽ خاص طور تي سندس ڌيءُ مريم اهڙي ڪنهن به سافٽ ڊيل ڪرڻ جي موڊ ۾ نظر نه اچي رهيا آهن.
آچر ڏهاڙي ٿيل اي پي سي کان اڳ به ڪجهه ڳالهيون واضع هيون ته نواز شريف ملڪ ۾ نيون چونڊون چاهي ٿو، جڏهن ته شهباز شريف ان سيٽ اپ اندر ئي حصيداري تي راضي ٿيڻ لاءِ به تيار آهي، جڏهن ان جي نسبت آصف زرداري ان هائوس تبديلي ذريعي عمران خان حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ چاهي ٿو، پر ان سان گڏوگڏ ٻنهي پارٽين جي اندر اها طاقت ور راءِ پڻ موجود آهي ته ڪمزور ۽ تباهه ٿيل معيشت، اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت ۽ ٻاهرين چئلينجز واري دور ۾ ڇا ڪمزور اقتدار حاصل ڪرڻ عقلمندي هوندي! اي پي سي ۾ نواز شريف جي جارحاڻي موقف ۽ اي پي سي جي بلڪل ٻئي ڏينهن پنڊي جي روح روان آواز شيخ رشيد طرفان اي پي سي جي سياسي اثر کي گهٽائڻ لاءِ آرمي چيف ۽ ڊي جي آئي ايس آئي جي پارلياماني اڳواڻن سان ملاقات واري بيان کانپوءِ ڪيئي سوال پيدا ٿي ويا ته هڪ ٻئي پاسي اي پي سي ۾ اهي سڀ سياستدان اسٽيبلشمينٽ جو سياسي رول گهٽائڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ته ٻئي پاسي وري پاڻ ڳجهيون ملاقاتون پڻ ڪن ٿا. اهي ڳالهيون پڻ سامهون آيون ته نواز شريف جي ڪنهن خاص نمائندي آرمي چيف سان ملاقات ڪئي ۽ کيس نواز شريف جي حق ۾ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ملاقات جو حوالو شيخ رشيد پنهنجي بيان ۾ ڏنو، پر مريم نواز ان ملاقاتن کي رد ڪيو ۽ چيو ته نواز شريف جي ڪنهن به نمائندي آرمي چيف سان ملاقات ناهي ڪئي، مريم نواز نه رڳو ان ملاقات کان انڪار ڪيو پر آرمي چيف سان ملاقات ڪندڙ سياستدانن کي به تنقيد جو نشانو بڻايو، ۽ خاص طور اڻ سڌي ريت پنهنجي چاچي شهباز شريف جي سياست کي پڻ وڏو ڌڪ رسايو آهي، جنهن مان هڪ ڀيرو ٻيهر واضع ٿي ويو ته موجوده سياسي پچ تي ساڳي ٽيم ۾ هئڻ باوجود مريم نواز ۽ شهباز شريف ٻه الڳ سوچ رکندڙ رانديگر آهن. بلاول ڀٽو زرداري پڻ انهن ملاقاتن کي ڳجهو نه رکڻ ۽ انهن کي سياسي هٿيار طور استمعال ڪرڻ جي اڻ سڌي شڪايت ڪئي آهي، هن سموري سياسي هلچل ۾ مولانا فضل الرحمان جو ڪردار سندس سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صرف پريشر گروپ وارو ئي بچيو آهي، جنهن وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي پر ٻين کي نقصان پهچائن لاءِ گهڻو ڪجهه آهي.
اي پي سي، نواز شريف جي جارحاڻي موقف، مريم نواز طرفان آرمي چيف سان ڪنهن به ڳجهي ملاقات جي انڪار کانپوءِ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير طرفان آرمي چيف سان ٿيل ملاقات جي تصديق ڪرڻ ڪيترين ئي شين کي واضع ڪري ڇڏيو آهي، محمد زبير جي ميڊيا تي آيل موقف کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ ۾ اهو ثابت ٿي ويو ته ن ليگ جي سربراهه نواز شريف جي سخت موقف سبب اسٽيبلشمينٽ ۽ ن ليگ ڪنهن به ريت في الحال ڪنهن وچئين دڳ لاءِ راضي ناهن. ان سڄي سياسي مانڊاڻ ۾ آصف زرداري گهڻ طرفو شين جي جائزو وٺي رهيو آهي ، آصف زرداري کي ويجهي سياسي تاريخ جا ڪجهه واقعا پڻ ياد آهن ته ڪهڙي ريت 2011 ع ۾ جنرل اشفاق پرويز ڪياني ۽ افتخار چوڌري جي منشا کي سامهون رکندڙ نواز شريف ميمو گيٽ واري معاملي تي ڪارو ڪوٽ پائي خواجا آصف سان گڏ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو هو، ڊسمبر 2013ع ۾ جڏهن نواز شريف پرويز مشرف کي ڪاٺ ۾ وجهڻ لاءِ اعتماد ۾ ورتو ته آصف زرداري فوري طور تيار ٿي ويو پر نواز شريف اقتدار خاطر چوڌري نثار جي چوڻ تي پرويز مشرف لاءِ ڊيل تي تيار ٿي ويو، وري آخري سياسي ڌڪ ان وقت جڏهن جون 2015ع ۾ آصف زرداري “ اينٽ سي اينٽ بجاني والي ” تقرير ڪري ٻئي ڏينهن نواز شريف سان ملڻ چاهيو پر نواز ساڻس ملاقات کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو، تنهن جي ڪري هن وقت آصف زرداري سنڌ جي اقتدار عيوض ڪنهن به وڏي سياسي ايڊونچر کان بچڻ چاهي ٿو پر ان سان گڏوگڏ وفاقي حڪومت تي دٻاءُ پڻ برقرار رکڻ چاهي ٿو. ان سموري صورتحال ۾مخالف ڌر جو موجوده سيٽ لاءِ چئلينج بڻجڻ انتهائي ڏکيو نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان لاءِ وڏي عوامي موبلائيزيشن جي ضرورت هوندي آهي، جنهن لاءِ اپوزيشن جي ڪا به ڌر پوري طرح تيار ناهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *