Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_2hdc0fao7oqk8p8djuj7c6rbq0, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اپوزيشن جي تحريڪ ۽ نهتي لڙڪي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اپوزيشن جي تحريڪ ۽ نهتي لڙڪي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*
  • *جوهي ۾ پٽ پاران پيرسن امڙ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو *ايس ايس پي دادو جي هدايت تي جوهي پوليس جي ڪارروائي گرفتاري نه ٿي سگهي *دادو: پٽ کي معاف ڪيو آهي، کيس گرفتار نه ڪيو وڃي: پيرسن مسمات مريم جون پوليس کي منٿون*

اپوزيشن جي تحريڪ ۽ نهتي لڙڪي

پاڪستان جمهوري تحريڪ پهريون جلسو پنجاب جي شهر گجرانوالا ۾ ڪري رهي آهي. عمران خان جي حڪومت خلاف پاڪستان جا 3 هيوي ويٽ مريم نواز، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان گڏجي هڪ وڏي عوامي ريلي جي صورت ۾ جلسي ۾ ايندا ۽ عوام آڏو جمهوريت جو ڪيس پيش ڪندا. هن کان اڳ اهي اڳواڻ اجلاسن ۾ يا وري الڳ الڳ پنهنجي طور تي جلسا ڪندا رهيا آهن. اڄ جڏهن مريم نواز لاهور مان قافلي جي شڪل ۾ گجرانوالا لاءِ نڪري پئي، ٻئي پاسي بلاول ڀٽو لالا موسيٰ مان ساڳي طريقي سان جلسي واري شهر روانو ٿيڻو آهي. هوڏانهن مولانا فضل الرحمان جنهن کي اپوزيشن جي هن اتحاد جي تحريڪ هلائڻ لاءِ مک ڪردار طور سامهون آندو ويو آهي سو به ڪو اڪيلو ڪو نه ايندو. مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو جڏهن ڪاروانن جي صورت ۾ جلسي لاءِ نڪرندا ته رستي ۾ جتي ڪٿي خطاب ڪندا ۽ موبلائيزيشن ڪندا ويندا. ائين لاهور ۽ لالا موسيٰ کان گجرانوالا تائين هڪ وڏي سياسي سرگرمي ۽ سجاڳي اچڻي آهي. ڳالهه رڳو اتي بس نه ڪندي. پي ڊي ايم جي قيادت جا گجرانوالا کان علاوه ٻيا 2 جلسا به پنجاب ۾ ٿيڻا آهن. جيڪي لاهور ۽ ملتان ۾ ٿيندا، جيڪي اتر پنجاب، وچولي پنجاب ۽ ڏکڻ پنجاب سڀني هنڌن تي ڪيا ويندا، اتي هلچل پيدا ڪندا. ان مان اهو تاثر اڀرندو ته هاڻي سمورو پنجاب رستن تي نڪري آيو آهي.
پي ڊي ايم نواز ليگ جي آواز تي پهريون جلوس گجرانوالا جو شهر چونڊيو ۽ گجرانوالا گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان گهريلو استعمال جون ننيون وڏيون شيون ۽ مشنري ٺاهيندڙ شهر طور مشهور آهي، جنهن جو سنڌ ۾ مثال ڏنو ويندو آهي. اهو شهر صنعتڪارن يا اڀرندڙ سرمائيدار جي طور سڃاڻپ رکي ٿو. اها به حقيقت آهي ته گجرانوالا جون قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جون سموريون سيٽون نواز ليگ وٽ ئي آهن. لاهور شهر بابت به اهو تاثر موجود آهي ته نواز ليگ هن شهر جي ترقي تي وڏيون رقمون خرچ ڪيون آهن. جڏهن اهي سڀ شيون ڳڻپ ۾ آڻجن ٿيون ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته عمران خان حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ هن شهر کي ڇو چونڊيو ويو. پي ڊي ايم ۽ نواز ليگ ٻئي چاهينديون ته تحريڪ جي ”بسم الله” اهڙي هنڌان ڪجي جو اهو يقيني طور وڏو شو ٿئي. اصل ۾ اڄوڪو جلسو ئي مجموعي طور تحريڪ جو رخ ۽ لهجو طئه ڪندو. نواز ليگ کي هر حال ۾ هي جلسو ڪامياب ڪرائڻو آهي. ان جي عزت جو ئي نه پر سڄي تحريڪ ۽ سياسي مستقبل داءُ تي لڳل آهي. هن جلسي کي بظاهر وزيراعظم ”معمولي واقعو” قرار ڏئي رهيو آهي. پر وزيرن جي ٽيم هن جلسي بابت جيتري واويلا ڪئي تنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته حڪومت ڪيتري گهٻرايل آهي. وزيراعظم هائوس ۾ گڏجاڻيون ٿيون پوءِ جلسي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ورنه ڊپ هو ته لاهور يا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ڪو فيصلو اچي وڃي ها. عمران خان اهڙو مثال سمجهي ڌرڻن ذريعي قائم ڪري چڪو هو. جلسي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ان ڪري به ڪيو ويو جو عمران خان حڪومت توڙي “وڏا”اپوزيشن جي حيثيت ۽ ماڻهن وٽ اپوزيشن جي سڏ کي ملندڙ مڃتا ماپڻ چاهين ٿا. پر خود جلسي جي ڪاميابي حڪومت توڙي ”وڏن“ سڀني جي لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي. پر پوءِ به لٽمس پيپر جيان تجربي ذريعي ڏسڻ ضروري پيو سمجهيو وڃي.
اسلام آباد جي هڪ ذريعي جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه کي رد نٿو ڪري سگهجي ته پي ڊي ايم جي جلسن واري مهم جي ٽوڙ طور عمران خان به هڪ ٻه جلسا ڪري وجهي ۽ اهو ڏيکاري ته هو به وڏا جلسا ڪري سگهي ٿو. اها حڪمت عملي هڪ حد تائين ته صحيح لڳي ٿي پر اپوزيشن جيڪو وڏو ۽ سخت مطالبو کنيو آهي. ان جي پيش نظر اپوزيشن ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿي. جنهن ۾ پارلياماني بحران پيدا ڪرڻ ۽ لانگ مارچ شامل آهن. مخالف ڌر جي تحريڪ کي منهن ڪيئن ڏجي؟ ان لاءِ حڪومت وٽ ڪابه جاءِ ۽ موثر حڪمت عملي نظر ڪونه ٿي اچي. ڪي تجزيي نگار ماڳهين اهو پيا مڃن ته سياسي بحران کي منهن ڏيڻ جي موجوده حڪومت ۾ صلاحيت به ڪونهي. تحريڪ جو بنياد پنجاب آهي. اصل بي چيني به پنجاب ۾ آهي. فيصلو به اتي ٿيڻو آهي. مصيبت اها آهي ته پنجاب آزاداڻي طور صوبائي حڪومت جي نه پيو هلي. پنجاب بابت فيصلا وزيراعليٰ هائوس مان ٿيڻ جي بدران وزيراعظم هائوس مان پيا ٿين. تنهن ڪري هن تحريڪ کي سياسي توڙي انتظامي طور منهن ڏيڻ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي نه هٿ ۾ آهي ۽ نه ئي وس ۾. وفاقي حڪومت کي هڪ ٻي ڏکيائي اها آهي ته اسٽيبلشمينٽ به وزيراعليٰ بوزدار مان خوش ناهي. ڪڏهن ڪڏهن تحريڪون اهڙا نتيجا ڏينديون آهن ۽ اهڙا اثر ڇڏينديون آهن، جيڪي هونئن ان تحريڪ جو نه مطالبو ۽ موقف هونديون آهن بلڪه انهن جي ڪنهن مطالبي جو ڪو حصو به نه هونديون آهن. ممڪن آهي ته ٿوري ئي وقت ۾ ڪا پنجاب ۾ تبديلي اچي وڃي.
تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪڙو پاسو سياسي هوندو آهي ۽ ٻيو انتظامي. سياسي پاسو به صوبائي سطح تي خالي آهي. نواز ليگ گذريل ٽن ڏهاڪن کان اتي حڪومت پئي ڪئي، ان کان بهتر طور پنجاب کي ڪير به نه سمجهي ٿو نه سڃاڻي ٿو. نواز ليگ اهو سڄو هوم ورڪ ڪرڻ بعد تحريڪ ۾ ڪاهي پئي آهي. انتظامي پاسي وري بيوروڪريسي جو رول اهم آهي. بيوروڪريسي تي وزيراعظم عمران خان کي پهرين ڏينهن کان اعتبار ڪونهي وري اپوزيشن وٽان تحريڪ جي اعلان ڪرڻ بعد جيڪا اٿل پٿل ڪئي وئي، تنهن بعد هيڪاري بيوروڪريسي همت هاري ويٺي آهي. هوڏانهن نواز ليگ جي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چتاءُ سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن بيوروڪريسي کي پيغام ڏنو آهي ته “چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري داخلا پاڻ کي پاڪستان (شهري) جو ملازم سمجهن، اهي عمران خان جا ملازم ناهن. انهن جيڪڏهن ڪجهه ڪيو ته کين انتظامي معاملن کي منهن ڏيڻو پوندو.”
صورتحال اها آهي جو وزيراعظم عمران خان جيڪو هلندڙ سال جي شروع کان آگسٽ تائين جارحاڻا انداز سان سياسي راند کيڏي رهيو هو، سو آگسٽ ۾ دفاعي پوزيشن ۾ هليو ويو آهي. اوچتو حڪومت کي آگسٽ کانپوءِ ملڪ اندر ڪورونا ۾ اڀار نظر اچڻ لڳو آهي جيڪا ڪورونا جي اوج وارن ڏينهن ۾ اها ڳالهه مڃڻ لاءِ به تيار نه هئي ۽ ڪاروبار کولڻ لاءِ زور ڀري رهي هئي. حڪومت غداري واري ڪيس سميت مختلف معاملن ۾ اپوزيشن جي الزامن بابت وضاحتون ۽ صفايون پيش ڪري رهي آهي.گجرانوالا جلسي جي ڪاميابي يا ان کي ڦٽائڻ ٻنهي صورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ نواز ليگ ۽ اپوزيشن تيار آهن. مريم نواز چوي ٿي ته جيڪي گجرانوالا جلسي ۾ رڪاوٽ وڌي وئي ته معاملو رڳو ايستائين نه بيهندو، سڄي پنجاب ۾ ڦهلجي ويندو. هڪ دفعو وري مون کي حبيب جالب جو شعر “نهتي لڙڪي” ياد اچي ٿو جيڪو هن جنرل ضيا دور ۾ بينظير ڀٽو لاءِ چيو هو. سو مريم نواز به اها نهتي لڙڪي (هٿين خالي، بنا اسلحي جي) ٿي بيهي رهندي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ اهڙي هٿين خالي “نهتي لڙڪي” کان ڏاڍو ڊنل هوندي آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *