تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

اڃارو انسان کارو پاڻي ۽ موت

ان ڏينهن اسلام ڪوٽ کي ويجهو ٿياسين ته مون کي غلام ٻڌايو ته مسيج آيو  آھي ته ڪارو گذاري ويو آھي کيس اڄ شام سپردخاڪ ڪيو ويندو مون هن کي چيو ته مرڻو ته اوس ئي آھي پر ڏسڻو اهو آھي ته هو زنده ڪيئن رهيو؟ ڪاري ته عمر ساري رنجيدگي ۾ گذاريو. چون ٿا ته هن جو والد پهلوان هو مال جي چاري سانگي سفر دوران ٿڪل ڍورن کي ڪلهي تي کڻي چراگاهه يا وري گهر پهچائيندو هو سفر دوران بيمار ڍورن  کي ڪهي رات ڏينهن دوران پچائي اڪيلو کائي ڇڏيندو هو هن کي جمعون ٺوڙھو  سڏيندا هئا ، هن جي مٿي تي وار نه هئا.ڪاري کي پوئين دفعي جڏھن مون ڏٺو هو ته  بيماري۽ ڪمزوري سبب ايئن ٿي هليو جيئن نابين ماڻھو بنا لٺ جي هلندو آھي شايد جيري جو ڪينسر هوس جيڪو اڪثر ڪري جر جي کاري پاڻي پيئڻ سان ٿئي ٿو.  شھر کي گهڻو قريب پهتاسين ته گاڏي روڊ جي ڪناري بيهاري هيٺ لٿاسين روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٻاجهر مڱ۽ ترن جا فصل ساوا چھچ نظر آيا ٿي  ڪٿي ڪٿي ٻاجهر جا سنگ نسريل نظر آيا ٿي ، ساون فصلن مٿان ڪٿي ڪٿي ڇانيل ڪونڀٽ جي وڻن ۾ هيڊين ، پيلين، ڦلڙين تي جڏھن لهندڙ سج جا پاڇا ٿي پيا ته ايئن ٿي لڳو گويا ٽاري ٽاري مان انڊلٺ اڀري رهي آھي .شھر پهچي اسان هڪ هوٽل تي چانھه پيئڻ لاءِ ترسياسين هوٽل وارن پاڻي ڏيڻ کانسواءِ چانھه اچي اڳيان رکي جڏھن  بيري کي پاڻي آڻڻ لاءِ چيوسين ته هن چيو ته پاڻي پئسن جو آھي پوءِ ھو ويو ۽ پاڻي کڻي آيو اسان جي اڳيان رکي هليو ويو .ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ صدين کان هلندي پيئي اچي  ليڪن ڪافي عرصي کان جر جو پاڻي کارو ٿيڻ ڪري سنڌ جي مختلف ٻين علائقن ۾ به پيئڻ جي صاف ۽ مٺي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري ويئي آھي ، ماڻھو دٻن جو گندو ۽ جر جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن جنهنڪري ماڻھن جي صحت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي ٿي وڃي  پيٽ ، گردن ۽ جگر جي مختلف بيمارين ڪري ماڻھن ۾ موت جي شرح ۾ واڌارو ٿي رهيو آھي، صحت جي عالمي اداري ملڪ جي ڪجھه ٻين علائقن سميت سنڌ ۾ جر جي پاڻي ۾ ٽيھه سيڪڙو سنکيو رپورٽ ڪيو آھي ۽ ان کي پيئڻ لاءِ انتهائي هاڃيڪار قرارڏنو آھي اهڙي پاڻي کي واپرائڻ سان جگر، گردا ۽ تلي آھستي آھستي ڪم ڪرڻ ڇڏي ٿا ڏين ۽ ماڻھو موت طرف ڌڪجڻ لڳي ٿو. ان رپورٽ اچڻ کان اڳ مون کي هڪ ڇوڪري جنهن کاري پاڻي کي مٺو پاڻي ڪرڻ واري پروجيڪٽ تي ڪم ٿي ڪيو ٻڌايو هو ته جر جو  کارو پاڻي پيئڻ خودڪشي ڪرڻ برابر آھي.   هن ڇوڪري اين جي او ۾  ڪم ٿي ڪيو جنهن اين جي او  کاري کي مٺو ۽ کلئي پاڻي کي هٿرادو فلٽر ڪري پيئڻ لائق بنائڻ تي ڪم ٿي ڪيو.  هن مون کي ٻڌايو ته مون تنهنجا ڪتاب پڙھيا آھن جن ۾ محبت، انسانيت ۽ فطرت ڪنهن اوندهه ۾ ٻرندڙ موم بتي جيان  نظر اچي ٿي ،ماڻھو جي جسم کي پائندگي ناهي پر ڪتاب گهڻي عرصي  تائين لکندڙن کي زندھه رکن ٿا . هن ٻڌايو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جو بندوبست حڪومت کي آڳاٽو ڪرڻ کپندو هو ليڪن حڪومت اڃان تائين ان سلسلي ۾ ڪجھه نه ڪري سگهي آھي سواءِ ڪجھه ھنڌن تي آر او پلانٽ ڏيڻ جي ، اهي به گهڻو ڪري ناڪارا بڻجي چڪا آھن. اسان اها رات اسلام ڪوٽ کان ٽيھه ميل کن ڏکڻ اوڀر ۾ هڪ ڳوٺ ڪهڙي ۾ جعفر سميجي وٽ رهيا هئاسين.
 دنيا ۾ پاڻي جي کوٽ قدرتي ٿئي ٿي ليڪن اسان وٽ هٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري ان کي قدرتي کوٽ ڄاڻائي حاڪم طبقو پاڻ کي بي ميار  سڏائڻ لڳي ٿو  آڳاٽي دور ۽ موجوده دور ۾ پيئڻ جي پاڻي ۾ جيڪڏھن ڪو فرق آھي  ته اهو آھي آڳاٽي وقت ۾ ماڻھو کليو پاڻي زياده ۽ ڪٿي ڪٿي کوهن جو پاڻي پيئندا هئا جڏھن هاڻي ماڻھو گهڻي ۾ گهڻو نلڪن جو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا جنهن ۾ سنکئي جو مقدار وڌي ويو آھي جو صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار آھي
واپسي تي مٺي شھر کي ڇڏڻ وقت مون کي ايئن لڳو ته آئون مڌر گيتن جي شھر کي ڇڏي رهيو آھيان جيتوڻيڪ هاڻي مڌر گيتن جي گونج  مهاڪلاڪارن جي مري وڃڻ بعد گهٽجي ويئي آھي جيئن وڏ ڦڙئي وسڻ  جو آواز هوا بدلي ٿيڻ ڪري جهڪو ٿي ويندو آھي مون کي ان وقت چڙ ٿي آئي جنهن وقت چوڪين تي سياحن کي چيڪنگ بهاني گهڻو پريشان ڪيو پئي ويو ۽ بار بار اهو پڇيو ٿي ويو ته ٿر جي انهن هنڌن تي رکيو ڇا آھي جو  توهان سڀ ان طرف وڃي رهيا آھيو ؟ انهن کي ڪهڙي خبر ته ٿر جنهن ۾ سواءِ ڪنهن ٻج ڇٽڻ جي نه فقط هزارين خوبصورت ڦولدار   وڻ ، ٻوٽا ۽ گاهه مورن ٿا ليڪن اهي لوڪ گيت به گونجندا رهن ٿا جن جي صدين کان سيني به سيني ڪايا پلٽ ٿيندي رهندي آھي مون کي گاڏي ۾ گهٽ محسوس ٿيڻ ڪري پياس وڌڻ لڳي مون گاڏي بيهاري پاڻي جي بوتل ورتي ۽ يڪي ساهي پي ويس مون کي اهڙي اڃ سعيدپور جي پهاڙن تي ان وقت لڳي هئي جڏھن اسين پهاڙي مٿي چڙھيا هئاسين  ان وقت مون سوچيو ته ٿر ۾ ته ڪٿي ڏھه پندرهن پرھه ته ڪٿي وري سٺ پرهه کوھه آھن جتي وڏي ورت ۽ ڀاري ڪوس سان پاڻي ڪڍي اڃ اجهائجي ٿي ليڪن پهاڙن ۾ سخت زمين هئڻ ڪري کوهه کوٽجي نه ٿا سگهجن جنهن ڪري اتي پاڻي گاڏين تي پري پري کان آڻڻو ٿو پوي اسين پهاڙي تي جنهن هنڌ بيٺل هئاسين اتي قديم زماني ۾ ٻڌ ڌرم جا ماڻھو رهندا هئا جيڪي مڪتي حاصل ڪرڻ لاءِ تپسائون ڪندا هئا سر رامڪلي ۾  لطيف سائين اهڙن ماڻھن کي ڪاپڙي ، نانگا ،لاهوتي ۽ ٻين نالن سان سڏيو آھي  پهاڙي تان هيٺ لٿاسين ته فون آيو ته داد گذاري ويو آھي مون کي داد جي تصوير ذهن ۾ اڀري آئي، وچولي قد وارو ،ويڪري ڇاتي سان پهلوان جوان هو ،  اڌ مڻيون چيچن ۾ کڻي هٿ مٿي ڪري بيهندو هو ڪڏھن ڪڏھن هلندڙ  بيل گاڏين جي ڦيٿن ۾ ھٿ وجهي ان کي ٻانهن جي ٻل تي بيهاري ڇڏيندو هو پر آھستي آهستي وقت هن کي پيري ڏانهن ڌڪي ڇڏيو هو ۽ هن جي چھري تي وقت جا ڪانگ پيرا ايترا ته پئجي چڪا هئا جيئن سڪندڙ تلاءُ ۾ ڊوڙندڙ پکين جي پيرن جا نشان  ، مون هن جو جوڀن ، مستي ،۽ پيري ڏٺي هئي پيري هن کان لطافت ۽ طاقت کسي ورتي هئي آخر ۾ فالج جي حملي سبب هن جا اهي هٿ کيرا ٿي ويا هئا جيڪي چنبي بازي ۾ ھن کان ڪو پهلوان ڇڏائي نه سگهندو هو. ان شام ستين بجي جڏھن هن جو جنازو نيو پئي ويو ته عجيب اتفاق سان اڪيلو ڪڪر وسي رهيو هو هن جي جنازي واري کٽ تي هٿ رکيم ته ماڻھن جي انبوھه ۾ ڀنواٽي اچي ويئي پوءِ الائي ڇو هن جي زندگي جو سفر ايئن محسوس ٿيو جيئن ڪلوئي کان ڪاسبي جو سفر ، جنهن سفر ۾ پياس ئي پياس هوندي آھي اهڙي سفر ۾  پاڻ سان پاڻي نيڻ انتهائي ضروري هوندو آھي پر هاڻي ته جر  جو پاڻي به کارو ٿي ويو آھي درياءَ مان وهندڙ ڪئنالن جي پاڻي ۾  گندي پاڻي جو ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو جنهن سان اهو کليو پاڻي واپرائڻ به صحت کي نقصان ڏيڻ جي برابر آھي، ڪجي ته ڇاڪجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *