تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

اڃان ڪي آهن، ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي

                 اڄ جا ٻار دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندا هجن، اهي ئي سڀاڻي جا ذميوار شهري ۽ مستقبل ۾  دنيا جو ڪاروهنوار هلائڻ جي ذميواري پنهنجي ڪلهن تي کڻندا، بلڪل ايئن جيئن اڄ اسين سڀئي پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ سماجي ڪاروهنوار ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪري رهيا آهيون، جيتوڻيڪ اسان جي ٻالڪپڻ جي دور ۾ يعني اڄ کان ڪوئي ٻه ڏهاڪا اڳ نه سوشل ميڊيا جو زمانو هو ۽ نه ئي اليڪٽرانڪ ميڊيا ايڏي تيز هئي، اڄ جهڙيون سهولتون به موجود نه هيون ته اڄ جهڙي وحشيت به نه هئي، نه رڳو رت جي رشتن جو تقدس هوندوهو پر پاڙي جي ٻارن کي به علائقي جا ماڻهو پنهنجي اولاد جيان ڀائيندا هئا. دنيا تيزي سان ترقي طرف وڌڻ لڳي اسين جديد ٽيڪنالاجي واري زماني ۾ داخل ٿياسين ۽ پوءِ پنهنجن کان پري ٿيڻ لڳاسين، پنهنجن سان پري رهڻ، رت جي رشتن جي بيوفائي، بک ۽ بيروزگاري جو ڀيانڪ روپ هن وقت ڪشمور واقعي مان واضح نظر اچي ٿو، مون سميت سمورا انساني جذبو رکندڙ ماڻهو اڃان تائين انهي سڪتي مان نڪري ناهن سگهيا ته ڇا واقعي ايڏي انڌير نگري آهي.؟ ڪراچي جي رهواسڻ ناري سان فون تي ڳالهائيندڙ شخص کيس ڪهڙي قسم جو ڏٽو ڏنو جو هو چار سو ڪلو ميٽر پنڌ ڪري ڪشمور پهتي هئي، بيروزگاري ۽ غربت جي عالم ۾  ڀوڳيندڙ عورت سان پنهنجن جي ڪيل بيوفائي جي نتيجي ۾ هن ڪنهن غير مرد تي اکيون پوري به اعتبار ڪيو ۽ هو پنهنجي انهي معصوم نياڻي جي مستقبل سنوارڻ لاءِ روزگار جي تلاش ۾ ڪشمور پهتي، کيس ڪهڙي خبر سندس جسم جا بکيا اهي وحشي درندا سندس معصوم نياڻي کي به بخش نه ڪندا. اخباري رپورٽن مطابق هن عورت کي جوابدارن جڏهن هڪ هفتي کان وڌيڪ عرصو ڏينهن رات پنهنجي حوس جو نشانو بڻايو تڏهن اها سندن لاءِ بي سواد بڻجي وئي ۽ انهن کيس لاوارث سمجهي سندس معصوم گلن جهڙي ڌيءَ کي قيد ڪري ۽ کيس ان قيد مان آجو انهي شرط تي ڪيو ته جڏهن هوءَ ڪنهن ٻئي معصوم نياڻي جو جسم سندن آڏو پيش ڪندي ته سندس نياڻي کيس واپس ڪئي ويندي، مجبور عورت پنهنجي ممتا کي سنڀاليندي اتان نڪري ۽ پوليس ٿاڻي تي پهتي، سنڌ پوليس روايتي نااهلي جو مظاهرو ڪيو ۽ سندس نياڻي جي بازيابي لاءِ بطور اداري ڪجهه نه ڪيو، جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، پر هٿ جون سڀ آڱريون برابر ناهن، ايئن سمورا پوليس اهلڪار به هڪ جهڙا ناهن، تڏهن ئي ته شاهه سائين چيو آهي ته

اڃان سي آهين، جي سز اوار سنڱين جا

ويٺا وڄائين، جي سناسي تون سڻين

سو پوليس ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي پنهنجي پيشيوراڻي ذميواري سان گڏ انساني همدردي به رکن ٿا، اهڙو ئي ڪردار اسان جي ڀاءُ ڪشمور واسي اهلڪار محمد بخش ٻرڙو ادا ڪيو آهي، اسان جي سماج ۾ جڏهن جوان ڇوڪري ڪنهن غير مرد سان ڪنهن ڪم ڪار سانگي به مخاطب ٿئي ٿي ته نه رڳو اوڙي پاڙي گهٽي محلي جا ماڻهو سندس لاءِ ڳالهيون گهڙين ٿا پر گهر جا ڀاتي به جاني دشمن بڻجي وڃن ٿا، انهي سماج  جي هڪ پوليس اهلڪار جڏهن ڪراچي واسڻ عورت جي واتان ٻڌو ته سندس ڌيءَ کي جوابدارن رڳو انهي ڪري قيد ڪري رکيو آهي جو هنن وحشين کي وڌيڪ هڪ جسم جي بک آهي، تڏهن محمد بخش ٻرڙي پنهنجي زال کي انهي عورت جي فون تان جوابدارن سان ڳالهه ڪرائي ۽ انهن فون تي جيڪي به ڳالهيون ڪيون، اهي هن عورت همت ۽ بردباري سان برداشت ڪري، سندن هر مطالبي کي قبول ڪري ورتو هو ۽ جڏهن جوابدارن تائين پهچڻ جو وقت آيو ته اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو پنهنجي نوجوان ڌيءَ کي هن عورت سان گڏ اماڻي ڇڏيو، جيڪا عورت پنهنجو جسم انهن درندن آڏو اڳ ئي ڏئي چڪي هئي، انهي نوجوان نياڻي جڏهن ڪراچي واسڻ عورت سان گڏ جوابدارن جي آڏو وئي ته وحشي ڪتي وانگر وات ڦاڙي ويٺل جوابدارن انهي ڇوڪري کي ڏسندي ئي فوري طور انهي هنڌ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جتي اها معصوم ٻارڙي قيد ٿيل هئي ۽ ڪراچي واسڻ عورت تبسم پنهنجو جسم انهن جي حوالي ڪري آئي هئي، ان کانپوءِ پوليس پهتي ۽ جوابدار کي گرفتار ڪري، جڏهن سندس نشاندهي تي معصوم نياڻي وٽ  پوليس پهچي جڏهن کيس هڪ ڪپڙي ۾ ويڙهيل ڏٺو ته اتان کيس اٿاري تحويل ۾ ورتو. معصوم نياڻي جڏهن وحشين جي قيد مان بازياب ٿي ته سندس جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، انهي جا لفظ لکڻ لاءِ منهنجو قلم ساٿ نه ٿو ڏئي، اولاد  جي ماءُ هجڻ جي حيثيت سان هن معصوم ٻارڙي جا لفظ مونکي سمهڻ ئي نٿا ڏين ۽ بار بار سماجي بي حسي تي اکيون ڀرجي اچن ٿيون ته واقعي ايئن به ٿئي ٿو جو وحشي جوابدارن 4 سالن جي معصوم نياڻي سان اجتماعي زيادتي ڪئي آهي.؟ جيتوڻيڪ سماجي وحشيت جي ڪري اهو سڀ ڪجهه ممڪن بڻيو آهي پر منهنجي دل ۽ دماغ اهو قبول ئي نٿو ڪري ته ايئن به ٿي سگهي ٿو، جڏهن معصوم نينگري اسپتال داخل ٿي آهي ۽ سندس علاج جاري آهي، الله سائين کيس صحت ڏيندو ۽ انشاءِ الله هو صحتياب ٿي ويندي، پر جنهن جوابدار پنهنجي ساٿي سان گڏجي هن معصوم ٻار جي جسم سان پنهنجي وحشت ۽ درندگي جي باهه اجهائي آهي ان جي جڏهن ٽائيم نيوز تي مون ڳالهه ٻولهه ٻڌي ته مونکي هن سماج مان ڪرهت محسوس ٿي، هن وحشي صفت درندي جون ٻه شاديون ٿيل آهن، هن جا ٻار به آهن پر کيس اهو هڪ لمحي لاءِ به خيال نه آيو ته هي معصوم نينگري به سندس اولاد جهڙي ئي معصوم ۽ نازڪ آهي، گلڙن جهڙي نازڪ نينگري جي وجود کي ايئن چير ڏيندڙ وحشي جوابدارن کي سرعام ڦاسي آخر ڇو نٿي ڏني وڃي؟ هن واقعي جتي وحشيت کي پڌرو ڪيو آهي اتي انهن رشتن لاءِ به پيغام ڇڏيو آهي ته اختلافن جي آڙ ۾ پنهنجي گهر جي عورتن کي ايئن لاوارث نه ڇڏيو وڃي، عورت ڪهڙي به عمر جي هجي پر انساني روپ ۾ موجود وحشي ڪجهه ماڻهو سندن جسم کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪندا، انهي  ڪري خدارا پنهنجي ٻارن ۽ گهر جي عورتن کي لاوارث نه بڻايو، پنهنجي اولاد جي ايئن حوصلا افزائي ڪريو جيئن اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو پاران ڪئي وئي آهي، سنڌ سرڪار پاران محمد بخش ٻرڙو ۽ سندس ڌيءَ لاءِ ڪيل اعلان انتهائي قابل تحسين عمل آهي،ساڳي وقت پنهنجن  پاران ڌڪاريل عورت ۽ سندس معصوم نياڻي جي مالڪي وارو اعلان به هڪ سٺو قدم آهي پر انهي تي انهي اعلان جي روح پٽاندڙ عمل جي ضرورت آهي، صوبيدار محمد بخش ٻرڙو جو ڪردار ڏسي مونکي اها پڪ ٿي وئي آهي ته “اڃان  ڪي آهين، ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي“

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *