Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_s8a5vqc1h4ggrfs7jfkfcedk8m, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اڄ کان کلندڙ تعليمي ادارا ۽ احتياط جي ضرورت - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اڄ کان کلندڙ تعليمي ادارا ۽ احتياط جي ضرورت - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

اڄ کان کلندڙ تعليمي ادارا ۽ احتياط جي ضرورت

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ کان سمورا اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کوليون پيون وڃن. پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جو پهريون ڪيس 26 فيبروري 2020ع تي ظاهر ٿيو هو ۽ ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا 27 فيبروري کان بند ڪيا ويا هئا. وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل صلاح سان سخت ايس او پيز سان نائين، ڏهين، کان اعليٰ تعليم ڏيندڙ ادارا کوليا پيا وڃن. تعليمي ادارا کولڻ لاءِ استادن، شاگردن ۽ والدين لاءِ ڌار ڌار ايس او پيز ڏنيون ويون آهن جن تي لازمي طور عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ايس او پيز ۾ ٻارن ۽ استادن ۽ تعليمي ادارن جي انتظاميا لاءِ ماسڪ پهرڻ، هٿ ڌوئڻ، هٿ نه ملائڻ، ٻارن ۽ استادن يا انتظامي عملي ۾ 6 فوٽن جو مفاصلو قائم رکڻ شامل آهن. جڏهن ته ٻارن کي اسڪول پهچائيندڙ گاڏين لاءِ به ڌار ايس او پيز جوڙيون ويون آهن. گاڏي وارن کي چيو ويو آهي ته هو ٻارن کي گاڏين ۾ ويهارڻ وقت انهن جي وچ ۾ محفوظ فاصلو برقرار رکن. حڪومت پنهنجي اعلان ۾ اهو به چئي چڪي آهي ته جيڪڏهن اسڪول کلڻ بعد ٻارن ۾ ڪورونا وائرس پکڙيو ته انهن اسڪولن کي وري بند ڪيو ويندو. هڪ هفتي تائين ميٽرڪ کان مٿي تائين جي تعليمي ادارن کي کولڻ بعد اتي ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي نظر ۾ رکندي 22 سيپٽمبر کان ڇهين کان اٺين ڪلاس تائين تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو ڪيو ويندو ان بعد 28 سيپٽمبر کان پرائمري اسڪولن کي کوليو ويندو.
هن وقت دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 ڪروڙ 92 لک 79 هزار 546 آهي جن مان 9 لک 29 هزار 897 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. صحتمند ٿيلن جو انگ 2 ڪروڙ 11 لک 5 هزار 582 آهي. ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 72 لک 44 هزار 67 آهي، انهن مان 71 لک 83 هزار 543 يا 99 سيڪڙو مريضن جي حالت بهتر آهي. جڏهن ته 60 زهار 524 جي حالت نازڪ آهي. دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي صحت مند مريضن جي شرح 96 سيڪڙو ۽ فوتين جي شرح 4 سيڪڙو آهي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مريض آمريڪا ۾ آهن جن جو انگ 67 لک 19 هزار 607 آهي، ٻئي نمبر تي ڀارت آهي جتي 48 لک 78 هزار 42 مريض آهن جڏهن ته ٽئين نمبر تي برازيل ۾ مريضن جو انگ 43 لک 35 هزار 66 آهي. جڏهن ته پاڪستان جو نمبر 17هون آهي جتي مريضن جو انگ 3 لک 2 هزار 186 آهي، جن مان 6 هزار 383 فوت ٿي چڪا آهن، انهن مان سنڌ ۾ مريضن جو انگ هڪ لک 32 هزار 250، پنجاب ۾ 97 هزار 760، بلوچستان ۾ 13 هزار 595، خيبرپختون خوا ۾ 36 هزار 992، اسلام آباد ۾ 15 هزار 941، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 227 ۽ آزاد ڪشمير ۾ مريضن جو انگ 2 هزار 421 آهي. پاڪستان ۾ 2 لک 89 هزار 806 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 5 هزار 831 رهجي ويو آهي. ڪالهه هڪ ڏينهن ۾ ڪل 377 نوان مريض سامهون آيا جن مان 166 سنڌ ۾ هئا. صورتحال واضح ڪري ٿي ته ملڪ ۾ مرض جي پکيڙ گهٽجي رهي آهي پر دنيا ۾ انگ ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي. اسان جي حڪومتن ان باري ۾ ڪيترائي قدم کنيا آهن، عوام به احتياط ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ مرض ۾ گهٽتائي آئي آهي. ان ڪري هاڻ دنيا جي ٻين ملڪن جيان اسان وٽ ڪاروبار سان گڏ هاڻ تعليمي ادارا پڻ کوليا پيا وڃن پر اهو رسڪي قدم آهي جيڪو کنيو پيو وڃي. صحت جا ماهر ان راءِ جا آهن ته ڪاروبار ۽ تعليمي ادارا اڃا نه کوليا وڃن پر حڪومت ان ڳالهه تي قائم آهي ته هاڻ ڪاروبار کي وڌيڪ بند نه ٿو رکي سگهجي ۽ نه ئي وري ٻارن کي وڌيڪ عرصي لاءِ اسڪولن کان ٻاهر رکي سگهجي ٿو.
سنڌ سميت ملڪ جي ٻين حڪومتن اڄ کان اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کولڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. هن موقعي تي اسان کي تمام گهڻي احتياط ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته اسڪولن ۾ پڙهندڙ اسان جا ٻارڙا آهن جيڪي هونئن به ڪنهن به وبا ۽ بيماري جو سڀ کان سولائي سان شڪار ٿيندا آهن. حڪومت، اسڪولن جي انتظاميا، ٻارن کي اسڪول پهچائيندڙ ٽرانسپورٽرن، استادن، والدين سان گڏ شاگردن کي به سخت احتياط جي ضرورت آهي ته جيئن هن مرض کي پکڙجڻ کان روڪجي ۽ ٻارن کي محفوظ رکي سگهجي. انتظاميا ۽ حڪومتن جي ذميواري اڃا به وڌي وڃي ٿي ته اهي انهن ايس او پيز تي عمل ڪرائين جن کي لاڳو ڪرڻ جو چيو ويو آهي. جيڪڏهن احتياط نه ڪئي وئي ته هي مرض اسان جي ملڪ ۾ به تيزي سان پکڙجي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هي مرض گهٽجي ضرور ويو آهي پر مڪمل طور تي ختم نه ٿي سگهيو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *