تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

اچـو ته پنھـنجن جي مالڪي ڪريون

سنڌ صوبو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، سمنڊ، درياءَ، واري، جبل ۽ رڻ سميت قدرت جون اهي سموريون نعمتون هن ڌرتي تي موجود آهن، جيڪي انساني جياپي لاءِ انتهائي اهم هجن ٿيون، پر انهن نعمتن کي استعمال ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪٿي وسيلن جي اڻهوند آهي ته ڪٿي سماجي خدمت جي جذبي جي کوٽ آهي، جنهن سبب اسين پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن جي اها مدد ڪرڻ کان قاصر آهيون، جيڪا ڪرڻ چاهيون ته ممڪن ٿي سگهي ٿي.
جيتوڻيڪ اها حڪومت وقت ذميوار آهي ته اها پنهنجي سمورن شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري پر اسين اڃان تائين انهن فلاحي رياستن ۾ ان حد تائين شامل نه ٿي سگهيا آهيون جنهن حد تائين اسانکي شامل هجڻ گهرجي، پر ھر ڪم حڪومت تي ڇڏڻ به بيواجبي آھي. سنڌ حڪومت ھن وقت پنھنجي محدود وسيلن ۽ مختصر معاشي بجيٽ رکڻ باوجود سنڌ جي سڀني ننڍن، وڏن شھرن ڳوٺن جي واھر ۽ سھائتا ۾ رڌل نظر اچي ٿي. اسان وٽ اھو رواج آھي ته سڀ ڪم حڪومت ڪندي پر ڪجھه ڪم اھڙا ھوندا آھن جيڪي ھر انسان پنھنجي ذاتي حيثيت ۾ به ڪري سگھي ٿو، پر ان لاءِ اسان سڀني کي پنھنجي ذميواري ۽ معاشرتي ڪردار ۽ ڪارج کي سمجھڻو پوندو.
اهڙي صورتحال ۾ اسان سڀني جي اها ذميواري آهي ته اسين سماجي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪريون، تعليم، روزگار ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي بنيادي ضرورتون انساني زندگي لاءِ انتهائي اهم آهن، پر جياپي جي بنيادي ضرورت پاڻي آهي، انساني جسم ۾ 70 سيڪڙو پاڻي آهي، ايئن ئي روز جي ڪاروهنوار ۾ به 70 سيڪڙو پاڻي جي گهرج رهي ٿي، پاڻي جيڪو زمين ۾ وافر مقدار ۾ موجود آهي پر انهي کي آساني سان انساني آبادي تائين پهچائڻ لاءِ وسيلن جي اڻهوند جو مسئلو آهي. ٿر جيڪو وارياسي ڀٽن تي مشتمل علائقو آهي اتي آبادي جي گهرج مطابق پاڻي ميسر ناهي، ڪيترن ئي هنڌن تي جر جو پاڻي کارو آهي ۽ ھن وقت ٿر جي حالت جيڪڏھن اسان Samuel taylor Coleridge جي نظم “The Rime of Ancient Mariner” جي ھيءَ سٽ پڙھون “Water Water Every Where, Not a Single Drop to Drink” ته بخوبي محسوس ڪري سگھون ٿا ته ان ملاح ٻيڙي تي بيھي جڏھن پنهنجي چئو طرف پاڻي ڏٺو پر پيئڻ جي لاءِ ھڪ ڍڪ به مٺو پاڻي نه مليس ته ان جي پيڙا ان سٽ مان سمجھي سگھجي ٿي ته مٺي پاڻيءَ جي پيئڻ جي ڪيڏي اھميت آھي.
ٻئي طرف ھيءَ کڻي چئجي ته پاڻي مٿي جھوپڙا مورک اڃ مرن. اڄ به ڪيترائي ٿر جا اهڙا ڳوٺ آهن جتي جا رهواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪيترائي ڪلو ميٽر پنڌ ڪرڻ تي مجبور آهن، پنڌ ڪري پاڻي ڀري ايندڙ ماڻهو ان جو استعمال به احتياط سان ڪن ٿا، يعني ضرورت کان به گهٽ استعمال ڪن ٿا، نتيجي ۾ کين بيماريون به وڪوڙي وڃن ٿيون، اهو پاڻي جيڪو جر ۾ موجود آهي پر مقامي انتظامي سطح تي انهي کي عوام جي استعمال لاءِ جر کان مٿي ڌرتيءَ تائين پهچائڻ لاءِ ڪي جوڳا انتظام نه ڪرڻ تي سڄو ڏينهن تنقيد ڪرڻ سان مسئلي جو حل ممڪن ناهي. اهڙي صورتحال ۾ اسانکي سماجي شعور جي اهم ضرورت آهي، سماجي شعور اهو جيڪو پاڪستان ۾ عبدالستار ايڌي ( جيڪو دنيا جو امير ترين غريب شخص ھو) متعارف ڪرايو، بنا مذهبي تفريق جي رڳو انساني بنيادن تي ماڻهن جي مدد جو جذبو ڌارڻ لاءِ سماجي شعور عام ڪرڻ جي سرڪاري سطح تي رٿا بندي ٿيڻ گهرجي، جيئن شروعاتي طور رڳو ٿر کي ئي فوڪس ڪجي ۽ ٿر ۾ جيڪو جر جو پاڻي موجود آهي اهو انهن ماڻهن جي ڪم آڻي سگهجي جيڪي اتي جا رهواسي آهن، انهن ۾ خوشحال ماڻهن جي هڪڙي لسٽ ٺاهي، انهن کان چندو ڪري، جن ڳوٺن ۾ پاڻي ناهي اتي کوهه کوٽائڻ، هٿ وارا نلڪا يا سولر تي هلندڙ ٽيوب ويل يا بورنگ لڳائي ڏيڻ ۾ ڪا اربين روپين جي سيڙپ ناهي، رڳو ماڻهن ۾ شعور جي کوٽ آهي.
مون ڪجهه عرصو اڳ رضاڪاراڻا طور اهو طئه ڪيو ته ڪجهه ڪجي ۽ پوءِ پنهنجي مٽن مائٽن، واسطيدارن ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن کان چندو گڏ ڪري پنھنجي ٽيم سان گڏ جنھن ۾ مک ڪردار اخلاق احمد ۽ محمد احمد سان ٿر جي ڪجهه ڳوٺن ۾ ضرورت جي بنيادن تي کين کوھه کوٽائي ڏنم، ڪٿي هٿ وارو نلڪو ۽ جتي ٿر ۾ ڪجھه جڳھن تي بجلي موجود نه آھي اتي سولر تي هلندڙ ٽيوب ويل لڳرائي ڏنا، هاڻي ڪنهن حد تائين اتي ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي ملي ويو آهي.
اهڙي ريت ڪاڇي جا رهواسي به پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن، ڪاڇي ۾ به ان قسم جو ڪو به انتظام ڪونھي جو غريب صاف پاڻي، جيڪا بنيادي صحت جي ضرورت آھي استعمال ڪري سگھن. اسان اتي به هڪ ٻن ڳوٺن ۾ ان قسم جو ڪم ڪيو آهي ۽ اڃان به اسانجو اھو منصوبو آھي ته سنڌ بواءِ اسڪائوٽس جي پليٽ فارم تان جنھن جي مان ڪمشنر به آھيان پنھنجي ٽيم سان گڏجي ٿر ۽ ڪاڇي ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻه سئو سولر ٽيوب ويلز لڳرايون، ته جيئن گھڻي کان گھڻن ڳوٺن جي ماڻھن جا سھولتڪار ٿي سگھون. منهنجي هن ڪالم جو مقصد اهو ناهي ته اوهان کي پنهنجي ڪيل ڪم بابت آگاهي ڏيان پر اهو مطلب آهي ته اسان وٽ سماجي شعور بيدار ڪرڻ جي ضرورت آهي، هر هڪ ڳوٺ ۾ ضرور هڪ يا ٻه اهڙا ماڻهو هوندا جيڪي سرندي وارا هوندا. اهي جيڪڏهن پنهنجي ڪمائي مان پنهنجي ئي ماڻهن جي مدد لاءِ رڳو هڪ پاڻي جو وسيلو پيدا ڪري ڏين ته يقين ڄاڻو ماڻهن کي ڪنھن جي اڳيان گهٽ ۾ گهٽ پاڻي جي لاءِ هٿ ٽنگڻ جي ضرورت پيش نه ايندي، ان سان هڪ پاسي پنهنجي ماڻهن ۾ پنهنجن ئي ماڻهن جي مدد جو جذبو پيدا ٿيندو، سماجي سطح تي پيدا ٿيندڙ ننڍا ننڍا اختلاف ختم ٿي ويندا، ساڳي وقت تي شهرن ۾ جيڪي سرندي وارا رهن ٿا اهي پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي مالڪي ڪن ۽ بنيادي ضرورت جي فراهمي لاءِ سماجي خدمت جي جذبي سان اڳتي اچن ته اسان وٽ اڌ کان وڌيڪ مسئلا حل ٿي ويندا.
انهي ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ماڻهن ۾ سماجي شعور اجاڳر ڪجي ته جيئن پيئڻ جي پاڻي جهڙي بنيادي سهولت کان محروم ماڻهن جي مدد ٿي سگهي.ان قسم جي شعور ذريعي روزگا جا موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا، ننڍي سطح تي عورتن جي تنظيمن جي جوڙجڪ ڪري ڳوٺاڻين عورتن کي جيڪڏهن پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي، انهن کي ماهوار ڪنهن هڪ وٽ ڪجهه پئسا گڏ ڪرڻ جي صلاح ڏجي ۽ پوءِ انهن کان ڪجهه سو ئي صحيح پر کين رڳو اهو احساس ڏيارجي ته انهي پاڻي جي نلڪي ۾ انهن جو به حصو شامل آهي، اهي وٺي علائقي جا مخير ماڻهو سندن سهولتن لاءِ ڪوشش ڪن ته سنڌ جون اهي عورتون جيڪي پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪوهين ڏور پنڌ ڪري جواني کان اڳ پيري تائين پهچي وڃن ٿيون تن جي حياتي جي هڪ مشڪل گهٽ ٿي سگهي. ۽ اھڙيون عورتون جيڪي ننڍ پڻ کان ڪم ڪري ڪري پيريءَ ۾ پھچي وڃن ٿيون تن کي به ڪجهه آرام ميسر ٿي سگھي. دنيا جي سڀني ملڪن ۾ مقامي ماڻھن (Community Involvement) جي ڪري گھڻي ڀاڱي منصوبا ڪامياب وڃن ٿا. ٿر ۾ به سنڌ حڪومت ٿرين جي اڃ اجھائڻ لاءِ قيمتي R.O Plants لڳايا آھن پر آخرڪار حڪومت اڪيلي سر ھر شيءِ کي ته نه ڏسندي، اسان سڀني کي اڳتي اچي پنھنجي حڪومت جو ھٿ ونڊائڻو پوندو ۽ ڀرپور ساٿ ڏئي پنھنجي ماڻھن جي زندگي ۾ اجالو ڪرڻو پوندو ته جيئن اسان به جلد دنيا جي سڌريل ملڪن واري ڳڻپ ۾ اچي سگھون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *