تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

اڏوهيءَ جي روزي بڻيل ادبي خزانو

سموري سنڌ ۾ اديبن، شاعرن، نثر نويسن، ڪهاڻيڪارن، ناول نگارن ۽ محققن وٽ اڻ ڇپيل مواد موجود آهي، ان جي ڪا سروي ٿيل ناهي پر هر اديب، جنهن کي لکندي پڙهندي پنجويهه ٽيهه سال ٿيا آهن، ان وٽ گھٽ ۾گھٽ پنجن ڇهن ڪتابن جو مواد موجود آهي جيڪو هو ڇپائڻ جي طاقت نه ٿو رکي. ضروري ناهي ته ڪنهن جا اڻ ڇپيل سڀ ڪتاب ئي معياري هجن پر ڪجهه ته مواد ڪم جو هوندو. حسن درس جهڙا تمام ٿورا خوشنصيب آهن جن جي مرتئي کان پوءِ سندس مڪمل ڪلام جا رسالا ڇپجن.
ورهاڱي کان اڳ ٽيهن جي ڏهاڪي ۾ بولچند وسومل راجپال سڄي سنڌ جو دورو ڪري، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان صوفي شاعرن جي ڪلام جا اڻ ڇپيل مواد هٿ ڪيا. سلام آهي ان شخص کي جنهن پهريون ڀيرو بيدل فقير، ڪنڊڙيءَ واري جو ڪلام، ٻڍل فقير جي ڪلام سميت ڪيترن صوفي فقيرن جي ڪلام جو ذخيرو گڏ ڪيو ۽ ان بابت “سنڌو” رسالي ۾ هڪ مضمون لکيائين. ڏهن پندرهن سالن کان پوءِ ورهاڱي جو حادثو پيش آيو ۽ بولچند هندستان هليو ويو. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي موجب ته هن بولچند پاران ڪٺو ڪيل مواد لجپت گانڌيءَ جي لائبرريءَ ۾ ڏٺو.   
خليل مورياڻي شڪارپور جو تعارف هيو. ايئن لڳندو هيو ته شڪارپور سندس ليليٰ آهي ۽ مورياڻي صاحب ان جو مجنون. خليل مورياڻيءَ شڪارپور تي ڪجهه ڪتاب سهيڙيا، جيڪي اڄ به اهم حوالاجاتي مواد طور عام جام استعمال ٿين ٿا. هن وٽ شڪارپور جي حوالي سان سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ پنج کن ڪتابن جيترو مواد موجود هو، جيڪو مون به ڏٺو ۽ اڄ به سندس لائبرريءَ ۾ محفوظ آهي. بشير مورياڻي سنڌ جو سٺو ڪهاڻيڪار هو، خليل مورياڻيءَ جو عزيز هو. بشير مورياڻيءَ وٽ شڪارپور تي شاعريءَ جو اڻ ڇپيل مجموعو هيو، جيڪو هن خليل صاحب کي صرف ڏيکاريو پر فوٽو ڪاپيءَ جي اجازت به نه ڏني، ان جو مسودو پوين وٽ هوندو به الائي نه.
وفا ناٿن شاهي سنڌ جو استاد غزل گو شاعر هو. مادري ٻولي پنجابي هيس. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ پنج هزار غزل لکي سنڌي شاعريءَ کي مالا مال ڪري ڇڏيو. مشتاق قريشي (وفا) اينيمل هسبنڊري ۾ هڪ ويڪسينيٽر هو. غريب مسڪين ماڻهو هو. شاعريءَ جا رجسٽر ڪيترا دوست مطالعي لاءِ کڻي ويندا هئا، جن ۾ اسحاق سميجو، ذوالفقار گاڏهي ۽ راقم زبـيـر سـومـرو شامل هيا. ٻيا به هوندا پر مون کي هنن جي ڄاڻ آهي. رضوان پٺاڻ نالي ڪنهن دوست سندس شاعري جي آڊيو ڪيسيٽ به رڪارڊ ڪئي هئي. آفتاب ابڙو ۽ احمد شاڪر وفا جي شاعريءَ جي سلسلي ۾ اهم مدد ڪري سگهن ٿا. مون وٽ به وفا جا ٻه رجسٽر هيا، جيڪي مون کي وفا پاڻ هڪ جهڙن غزلن جي نشاندهي ڪري ڏيڻ لاءِ ڏنا هيا. انهن مان هڪ رجسٽر تاج جوئي کي ڏنو هو، جيڪو “اوجاڳن جو انت” جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. وفا جي غزلن جو ٻيو رجسٽر “حديثِ وطن” جي نالي سان هيو، جيڪو مون موهن مدهوش جي حوالي ڪيو. موهن موجب ته هن وفا سان سندس ڪتاب ڇپائڻ جو واعدو ڪيو هو، جيڪو هو سندس زندگيءَ ۾ پاڙي نه سگهيو. اميد ته موهن مدهوش مرحوم جو واعدو جلد پورو ڪندو. وفا وٽ اهڙا پندرنهن ويهه رجسٽر هيا، جيڪي مون کي هن پنهنجي گهر جي مٿئين ڪمري ۾ هڪ پراڻي لوهي پيٽيءَ ۾ ڏيکاريندي چيو هيائين ته “اها ئي منهنجي حياتيءَ جي جمع پونجي آهي.” هر رجسٽر ۾ سؤ ڏيڍ غزل درج هيا. سندس هٿ اکر چڱا نه هيا، ذوالفقار گاڏهيءَ کان مواد رجسٽرن تي فيئر ڪري لکرائيندو هو. خبر ناهي الائي ڪاڏي ويا. سندس پونئرن ۾ ڪنهن کي به ادبي ذوق شوق ته پري جي ڳالهه آهي، اهميت جي خبر به نه هئي.  
شيخ اياز جو اڻ ڇپيل ڪتاب “پوپٽ جا پر مينهن ۾” الائي ڪاڏي ويو. ڪنهن ٻڌايو ته هن اهو مسودو ابراهيم جوئي کي مهاڳ لکڻ لاءِ ڏنو هو. اوائلي دور ۾ اياز جي شاعريءَ جو مجموعو “باهه جي بنسري” نالي به اڻ ڇپيل مواد ۾ شامل آهي. ان کان علاوه ٻه اردو مجموعا “کف گل فروش” (ٻئي جو نالو معلوم نه آهي) اڻ ڇپيل مواد آهي، جن جو ذڪر ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي پنهنجي ڪتاب “جنم جنم جي جيت اياز” ۾ به ڪيو آهي. نياز همايوني سنڌ جوگھڻ رخو اديب ۽ شاعر هيو. سنڌيءَ کان علاوه اردو، عربي ۽ فارسي ٻولين تي عبور هيس. ساميءَ جي سلوڪن جي چڱي خاصي حصي جو منظوم اردو ترجمو ڪيائين. قرآن پاڪ جو با محاورا ترجمو، شاهه جي رسالي جي سورهن سرن جو منظوم فارسي ترجمو، سنڌ ۾ حڪمت جي تاريخ ۽ ٻيو گھڻو ڪجهه هيو، پر ڪهڙي خبر ته اهو علم جو خزانو ڪاڏي ويو.
اڻ ڇپيل مواد تمام وڏي تعداد ۾ مختلف يونيورسٽين جي سنڌي شعبن ۾ پي ايڇ ڊي، ايم فل جي ٿيسز ۽ ايم جي مونوگرافن جي صورت ۾ سٿيو پيو آهي. گذريل چاليهه پنجاهه سالن کان لطيفيات، فڪشن، شاعري، تنقيد، تحقيق، لسانيات سميت ادب جي هر موضوع تي تمام وڏو ذخيرو بوسيده المارين ۽ ڳاڙهي رنگ جي بافتي جي ڪپڙي ۾ تباهه ۽ برباد ٿي رهيو آهي جنهن مان گھڻو حصو ته اڏوهيءَ جي روزي بڻجي چڪو آهي. سنڌ ۾ هن وقت تقريبن سمورن قلم ڌڻين وٽ وڏو اڻ ڇپيل مواد پيو آهي. انهن مان ڪي صاحب حيثيت آهن ۽ پنهنجي خرچ تي ڇپائي سگهن ٿا پر اديب پنهنجي هڙئون ڪتاب ڇو ڇپائن؟ دنيا ۾ ايئن ڪٿي ٿيندو آهي ته ليکڪ ڪتاب لکي به، ڇپائي به ۽ ورهائي به؟ ليکڪن مان گھڻائي اهڙن مسڪينن جي آهي جيڪي پنهنجي خرچ تي ڪتاب ڇپائڻ جو سوچي به نه ٿا سگهن. مون ڪجهه رائيٽرس کي ميسيج ڪري ڄاڻ ورتي ته امداد حسينيءَ وٽ 5 ڪتاب، انور فگار هڪڙي وٽ 6 ڪتاب، ڀارومل امراڻيءَ وٽ 5 ڪتاب،تاج جويي وٽ 10 ڪتاب، جامي چانڊئي وٽ 9 ڪتاب، ادل سومرو وٽ 5 ڪتاب، اياز گل وٽ 7 ڪتاب، فياض لطيف وٽ 5 ڪتاب، انعام شيخ وٽ 2 ڪتاب، امر اقبال وٽ 12 ڪتاب، منور سراج وٽ 4 ڪتاب، آغا رفيق وٽ 2 ڪتاب، مدد علي سنڌيءَ وٽ 5 ڪتاب، ممتاز بخاريءَ وٽ 3 ڪتاب، آسي زمينيءَ وٽ 2 ڪتاب، نصير ميمڻ وٽ 2 ڪتاب، آدرش وٽ 6 ڪتاب، ضيا شاهه وٽ 5 ڪتاب، محمود مغل وٽ 7 ڪتاب، نواز خان زنئور وٽ 5 ڪتاب، الطاف شيخ وٽ 4 ڪتاب، اسحاق سميجي وٽ 5 ڪتاب ۽ بخشل باغيءَ وٽ 5 ڪتاب موجود آهن. هي ته مون اهي ڪجهه نالا لکيا آهن جن جي مون کي ڄاڻ آهي باقي سنڌ ۾ سون جي تعداد ۾ ليکڪن وٽ هزارين ڪتابن جو مواد رلي رهيو آهي. اهو مواد تخليقار ويچارا جيستائين حيات هوندا آهن، پاڻ سڄي حياتي پيا سنڀاليندا آهن، سندن پرلوڪ پڌارڻ کان پوءِ اهو مواد گھڻو ڪري ضايع ٿي ويندو آهي. جن جي پويان اولاد مان ڪي فضيلت وارا هوندا ته هڪ اڌ ڪتاب ڇپائي وٺندا آهن، نه ته پيءُ جي لائبرري جو به واڪ لڳائي وڪڻندا آهن.
ثقافت کاتي جو هاڻوڪو وزير سردار شاهه پاڻ شاعر آهي. سيڪريٽري اڪبر لغاري هڪ اديب ۽ نقاد آهي . ٻئي ادب ۽ اديبن جا قدردان آهن ۽ سنڌ جي سمورن اديبن، شاعرن، ڪهاڻيڪارن توڙي محققن جي علمي ادبي ڪم کان واقف آهن. ثقافت کاتي پاران هڪ اخباري اشتهار ذريعي سموري سنڌ مان اڻ ڇپيل مواد گھرائي محفوظ ڪيو وڃي. مان سمجهان ٿو ته هزارن جي تعداد ۾ قيمتي ۽ ناياب مسودا حاصل ٿي پوندا، ٿي سگهي ٿو ان ۾ ڪجهه غير اهم به نڪري اچن پر وڏو تعداد ڪم جي شين جو هوندو. ان کان پوءِ سينيئرس ۽ جونيئرس معتبر اديبن جي هڪ ڪاميٽي جوڙجي جيڪا ميرٽ تي ڪتابن جي ڇپجڻ جا ترجيحي اصول طئي ڪري ۽ پوءِ ادارو اهي ڪتاب ڇپرائي منظر عام تي آڻي. في الحال ٻه اڍائي سؤ کن ڪتابن جو مواد جو پراجيڪٽ جوڙجي، جنهن  جو خرچ ٻه ٽي ڪروڙ کان مٿي نه هوندو ۽ اهو حڪومت لاءِ معمولي خرچ آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *