تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

اڻپوري آدمشماري ۽ نوان آئيني بحران

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تي ملڪ ۾ 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري ٽي سال گذرڻ باوجود اها اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي ان جي مڪمل رپورٽ جاري ٿي آهي. ملڪ جي شهرين يا آبادي جي ڳڻپ جو حساب ڪتاب ۽ اکر آئيني ۽ سرڪاري طريقيڪار تحت مڪمل نه ٿيڻ ڪري ملڪ ۾ نيون تڪ بنديون ٿيڻ وارا ڪم رڪجي ويا آهن ۽ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ آبادي جي بنياد تي قومي اسيمبلي ، صوبائي اسيمبلين ۽ مڪاني ادارن جون نيون تڪ بنديون ٿيڻ ۽ نئين آدمشماري موجب وفاق ۽ صوبن ۾ملڪ جي معاملن ۾ حصيداري وارو سرشتو درست ڪرڻ ۽ آبادي جي نون انگن اکرن موجب وسيلن ۽ فنڊز جي ورهاست وارو نظام پڻ بد نظمي ۽ تڪرارن جو شڪار ٿي ويو آهي.
گذريل 32 سالن ۾ ملڪ جي آبادي ڪٿان کان وڃي ڪٿي پهتي پر ملڪ جو سياسي ۽ حڪومتي سرشتو سرڪاري سطح تي پنهنجي آدمشماري يا آبادي جو حساب ڪتاب تيار نه ڪري سگهيو. جنهن ڪري ملڪ جي اعليٰ عدالتن وٽ اهڙن ڪيسن جي آخرڪار شنوائي ٿي ۽ تنهن وقت جي چيف جسٽس جناب جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾عدالت عظميٰ جي ڏنل فيصلي تحت اڳوڻي وفاقي حڪومت کي آدمشماري ڪرائڻي پئي. جنهن جي آڌار تي مسلم ليگ (نواز ) جي اڳوڻي حڪومت طرفان فيصلي تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو ۽ ملڪ ۾ 32 سالن جي ڊگهي عرصي بعد آدمشماري ڪرائي ويئي. اهڙي ريت، ملڪ ۾ 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري جي نامڪمل رپورٽ موجب ملڪ جي آبادي ساڍا 21ڪروڙ کان وڌي 22 ڪروڙ تائين وڃي پهتي آهي. جنهن ۾ سنڌ صوبي جي آبادي اڳوڻي سوا 3 ڪروڙ کان ٻيڻي ٿي ويئي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي پنهنجي آبادي کان علاوهه ٻين صوبن ۽ ملڪن جا غير قانوني طور تي آباد ماڻهو پڻ سنڌ جي روزگار ۽ وسيلن کي استعمال ڪري رهيا آهن. جڏهن ته سنڌ صوبو گذريل 32 سالن کان هيڏي وڏي آبادي جي سنڀال ڪري رهيو آهي . سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي مداخلت ۽ فيصلي تحت ملڪ ۾ 32 سالن بعد 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري پڻ پنهنجي جاءِ تي ان وقت جي مسلم ليگ نواز واري وفاقي حڪومت ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ وفاقي کاتن جي بدنيتي ۽ بدانتظامي جو هڪ شاهڪار ئي ثابت ٿيو. جنهن ۾ملڪ جي صوبن ۾ ٿيندڙ آدمشماري واري سموري عمل ۾ صوبن جي حڪومتن ۽ اتان جي انتظاميا کي مڪمل طور تي ٻاهر رکيو ويو. خاص طور تي ان ڳڻپ ۾ سنڌ جي آدمشماري کي اصل کان به گهڻو گهٽ ڏيکارڻ لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا ۽ طريقا استعمال ڪيا ويا. نه صرف اهو لقاءُ ٿيو پر سنڌ جي ڪيترن پنجاب سان لاڳاپيل سرحد وارن ضلعن جي سرائيڪي ڳالهائيندڙ سنڌين کي پڻ پنجاب ۾ شمار ڪيو ويو. اهڙي ريت، آدمشماري جي هن سموري تڪراري عمل ۾سنڌ جي آبادي گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ ڪروڙ گهٽ ڏيکاري ويئي.
سنڌ سرڪار طرفان صوبي جي آدمشماري جي نتيجن کي تڪراري قرار ڏيڻ بعد اهو معاملو وفاقي حڪومت، وفاقي شماريات کاتي جي عملدارن ۽ ملڪ جي عدالتن ۾ پڻ پيش ڪيو ويو. جنهن تي ان وقت جي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي دعوت تي گڏيل مخالف ڌر جي پارلياماني جماعتن طرفان وفاقي حڪومت آڏونتيجن کي پيش ڪيو ويو. جنهن ۾ حڪومت جي اتحادي ڌرين پڻ شرڪت ڪئي. وزير اعظم جي سربراهي ۾ ٿيل ان گڏجاڻي ۾ شريڪ ڌرين ۾آدمشماري جا تڪراري نتيجا هئڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ ان دوران اهو طئي ٿيو ته، ملڪ جي پنج سيڪڙو آدمشماري جي بلاڪن ۾ ٻيهر ڳڻپ ڪرائي ويندي ۽ انهي جي ذريعي آدمشماري کي درست ڪرائڻ بعد حڪومت طرفان آدمشماري جي مڪمل رپورٽ جاري ڪئي ويندي.جنهن جي آڌار تي ملڪ ۾ نيون تڪ بنديون ٿينديون ۽ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن جي تڪن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ شمار ڪيو ويندو. ان عمل جي سلسلي ۾ نگراني لاءِ سمورين ڌرين جي پارليمينٽيرينز تي مشتمل هڪ ڪاميٽي مقرر ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو. پر ان بعد پنج سيڪڙو بلاڪن جي چڪاس ۽ ڳڻپ وارو مرحلو مڪمل نه ٿي سگهيو ۽ ملڪ جي پارليامينٽ ۽ وفاقي حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ وارو وقت اچي پهتو. آخرڪار، ملڪ کي آئيني بحران مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ 2018ع واري عام چونڊن کي هڪ ڀيرو، پراڻي ڳڻپ تحت ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنهن جو آئيني بل پارليامينٽ مان منظور ڪرايو ويو. جنهن تحت ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون ۽ هاڻوڪي پارليامينٽ وجود ۾ آئي ۽ وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومتون قائم ٿي ويون. بيشڪ! ملڪ هن وقت وري ساڳئي آئيني بحران جو شڪار ٿيڻ وڃي رهيو آهي ۽ سنڌ صوبي سميت ملڪ جي سمورن صوبن ۾ نئين تڪ بندين ۽ صوبن ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون پڻ نه ٿيون ٿي سگهن. آئين ۽ قانون موجب مڪمل آدمشماري 2017ع جي مڪمل رپورٽ جاري ٿيڻ بعد ئي ان تحت ملڪ ۾ نيون تڪ بنديون ٿينديون تڏهن ئي ملڪ اڳتي وڌي سگهندو. اهڙي ريت، سنڌ سرڪار جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان پڻ آدمشماري 2017ع جي رپورٽ موجب نيون تڪ بنديون ڪرائڻ کانسواءِ سنڌ صوبي ۾مڪاني يا بلدياتي چونڊون ڪرائڻ وارو اڳوڻو حڪم روڪڻ وارو فيصلو جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت کي آدمشماري 2017ع واري ڳڻپ جي مڪمل رپورٽ جاري ڪرڻ جو پڻ حڪم جاري ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *