تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

بارشون ۽ وهڪرا تباهي ۾ تبديل ڇو ٿا ٿين !؟

هن سال هڪ ڀيرو ٻيهر معمول کان وڌيڪ بارشن واري چوماسي جي موسم ملڪ جي چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ وڏي تباهي ڪئي آهي. چئني صوبن جي مختلف علائقن ۾ جانين، ملڪيتن ۽ فصلن جو نقصان ٿيو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته محدود ذهن رکندڙ“ مخصوص ميڊيا” کي رڳو ڪراچيءَ جي رستن تي بيٺل پاڻي نظر اچي ٿو ۽ باقي سڄي ملڪ جي تباهڪارين لاءِ سڄي نيوز بليٽن ۾ به ٽي منٽ مس رکيا ويندا آهن. ٻوڏون انساني آبادين لاءِ سڄي دنيا ۾ تباهي آڻڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. اسريل ملڪن انفرااسٽرڪچر ۽ رٿابنديءَ سان انهن ٻوڏن جي ناڪاري اثرن کي محدود ڪيو آهي پر پاڪستان جهڙن ٽين دنيا جي اسرندڙ ملڪن لاءِ بارشون ۽ ٻوڏون تباهي ۽ انساني الميا پيدا ڪن ٿيون.
سنڌ ۾ ٻوڏن جا چار مکيه ذريعا آهن. اهي آهن 1- دريائي ٻوڏ 2- جابلو وهڪرن (نئين) جي ٻوڏ 3- ايل بي او ڊي سم نالي جي ٻوڏ 4- شهري علائقن ۾ بارشن جي ٻوڏ.
انهن چئن مان پهريون ٻن قسمن جون ٻوڏون ته تمام آڳاٽيون آهن ۽ ٻيون ٻه ٻوڏون ويجهي ماضيءَ ۾ سامهون آيون آهن. هن سال سنڌ کي چئني ٻوڏن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سڄي صوبي ۾ ماڻهن جا گهر گهاٽ، جانور بيٺل فصل لڙهي ويا آهن. اڃان تائين ان نقصان جا وچور سامهون نه آيا آهن پر سنڌي ميڊيا تي ايندڙ خبرن مان اندازو ٿئي ٿو ته نقصان جو ڪاٿو اربين رپين تائين ويندو.
سنڌ ۾ ٻوڏن جي ڪارڻن جو هڪ جائزو وٺون ٿا.
1.دريائي ٻوڏ: سنڌو درياءَ سنڌ جي سماجي، ثقافتي ۽ معاشي ڍانچي جي ڪرنگهي جيان آهي. هن خطي جي وڏين ندين مان هڪ، سنڌو درياءَ چوماسي جي مينهن مان سڄي ملڪ توڙي پنجاب جي پنجن ندين جو پاڻي به سنڌ ۾ کڻي اچي ٿو ۽ سنڌي سمنڊ ۾ جذب ٿيڻ کان اڳ اتر کان ڏکڻ تائين ڇهه سئو کن ڪلوميٽر سنڌ ۾ وهي ٿو. سنڌ صوبو جيئن ته سنئين زمين تي پکڙيل آهي تنهن ڪري اتي زمين جي لاهي تمام گهڻي يعني ٽن ميلن ۾ رڳو هڪ فوٽ آهي. ڪشادي ميداني علائقي ۾ درياءَ جي سوين ميلن ۾ پکڙجڻ سبب انگريزن جي دور ۾ ان کي ٻنهي پاسي بند ٻڌي سمنڊ تائين ان جي وهڪري کي محدود ڪيو ويو. انگريزن سکر بيراج جي تعمير ڪري سنڌ ۾ سدا واهن جو سرشتو متعارف ڪرايو. ورهاڱي کانپوءِ ڪوٽڙي ۽ گڊو بيراج تعمير ڪري ان سرشتي هيٺ لکين ايڪڙ زمين آبپاشي ۽ زراعت هيٺ آندي وئي.
سنڌو درياهه جي ٻنهي بندن وچ ۾ کليل علائقي کي ڪچو چيو وڃي ٿو جيڪو بنيادي طور تي پاڻيءَ جو لنگهه آهي. سکر بيراج وٽان 15 لک ڪيوسڪ وهڪري جي گنجائش رکي وئي هئي ته جيئن وڏي ۾ وڏي ٻوڏ به اتان لنگهي سگهي. ان حساب سان هيٺ ايترو ڪچو ڇڏيو ويو هو ته جيئن پاڻي پکڙجي بندن اندر وهي هيٺ نڪري وڃي. ڪچي جو اهو علائقو ان لحاظ کان نهايت زرخير پٽيءَ وارو آهي جو ان ۾ قدرتي جزا کڻي ايندڙ لٽ ٻوڏ جي پاڻي وهڻ کانپوءِ تري ۾ رهجي وڃي ٿي. تاريخي طور ڪچي جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ ماڻهن جو جياپو ٻوڏ کانپوءِ زرخيز لٽ تي ٿيندر کيتي، مال، مڇي ۽ ٻيلن جي شين تي هوندو هو. اهي رهواسي ڪچي ۾ عارضي رهائش ٺاهيندا هئا جيڪا آبڪلاڻي ۾ پٽي بندن تي يا ان کان ٻاهر پڪي تي منتقل ٿي ويندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو وڏين ٻوڏن جي باوجود انساني جانين يا ملڪيتن جو نقصان نه ٿيندو هو.
البته وقت گذرڻ سان جيئن آبادي وڌي ۽ رهڻ لاءِ زمين گهٽجڻ لڳي ته ماڻهن ڪچي ۾ مستقل آباديون ٺاهڻ شروع ڪيون. اڳتي هلي سياستدانن ۽ ٻين ادارن ڪچي جي زمين تي مختلف طريقن سان قانوني توڙي غيرقانوني والار شروع ڪري ڏني. ٻوڏن جو زورٽوڙيندڙ ٻيلا وڍي زمين تي زراعت شروع ڪئي وئي. سياسي بنيادن تي ڪچي اندر قائم آبادين کي روڊ، بجلي ۽ اسڪول جي سهولت فراهم ٿيڻ لڳي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪچي جو قدرتي نظام لتاڙجي ويو. درياءَ جو پيٽ سوڙهو ٿيندو ويو. تربيلا ڊيم ۽ ٻيا بيراج ٺهڻ کانپوءِ وڏن وهڪرن جي آمد به گهٽجڻ لڳي ۽ درياءَ جي پيٽ ۾ وڌيڪ زمين خالي ٿيندي وئي. تربيلا ڊيم ٺهڻ کان اڳ هر سال سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي لک ڪيوسڪ جو وهڪرو گذرندو هو، جنهن سان ڪچو هر سال ٻڏندو هو ۽ زمين ٻين مقصدن لاءِ خالي نه ٿيندي هئي. انهن سالن ۾ هر ٽئين سال سراسري طور پنج لک ڪيوسڪ جي وچولي ٻوڏ به ايندي هئي. تربيلا ڊيم ۽ ٻيا بيراج ٺهڻ کانپوءِ وچولي ۽ وڏي ٻوڏ جي آمد گهٽجي وئي تنهن هوندي به ڪجهه سالن جي ساهي کانپوءِ ٻوڏ ايندي رهي ٿي. اڳي اها ٻوڏ نقصان نه ڪندي هئي پر هاڻي اها ٻوڏ جڏهن به اچي ٿي نقصان به ڪري ٿي. 1950ع کان 2011ع وارن سالن دوران 2 وڏيون ٻوڏون اچي چڪيون آهن. 2010ع ۾ ٻوڏ جي حوالي سان هڪ مختلف تجربو ٿيو ان سال دريائي وهڪرو ست کان اٺ لک ڪيوسڪ تائين سنڌ ۾ داخل ٿيڻو هو. البته جڏهن اهو وهڪرو سنڌ مان گذري رهيو هو ته ان ڏينهن ۾ ڏاکڻي پنجاب جي ڪوهه سليمان رينج ۾ زبردست بارشون پيون جن مان نيون وڏا وهڪرا کڻي اچي سنڌو درياءَ سان مليون. ان سان دريائي ٻوڏ ڏهه لک ڪيوسڪ کان به وڌي وئي ۽ وڏي تباهي آئي. هن سال اڃان تائين گڊو وٽ وهڪرو پنج لک ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ آهي ۽ وچولي ٻوڏ آهي جنهن سان ڪچو چڱي طرح ٻڏندو پر هفتو ٻه ڳڻتي وارا ڏينهن آهن.
2.جابلو پٽين واري ٻوڏ: سنڌ-بلوچستان دنگ جي اولهندي پٽي کير ٿر جي پهاڙي سلسلي جو ماڳ آهي ان پٽيءَ ۾ ننڍيون وڏيون ڪيتريون ئي جابلو نئيون وهن ٿيون. انهن نئين ۾ بلوچستان واري پاسي بارشن جو پاڻي وهي سنڌ واري پاسي داخل ٿئي ٿو. جابلو ندين/نئين ۾ ٻوڏ ٿوري وقت اندر تمام وڏو وهڪرو آڻيندي آهي. انهن جابلو علائقن ۾ ٻوڏ اوچتو لهندي آهي ۽ اتي ٻوڏ جي اڳواٽ چتاءُ جو به ڪو اثرائتو سرشتو موجود ناهي. ان علائقي ۾ مولا، بولان، مزاراڻي، سالار، شول، انگئي، نئنگ، گاج ٻيون نيون وهن ٿيون. جيڪي کيرٿر مان لهي درياهه سان ملڻ تائين وچ واري وڏي پٽي مان اتر کان ڏکڻ تائين ٻوڏ آڻن ٿيون. 1942ع، 1944ع، 1956ع، 1973ع، 1975ع، 1976ع، 1995ع ۾انهن جابلو نئين وڏيون ٻوڏون آنديون. اها سڄي پٽي سکر بيراج جي ساڄي پاسي وارن واهن تي آباد ٿيندڙ ۽ ٿوري مٿي بارشن جي پاڻي تي موسمي طور آباد ٿيندڙ علائقي تي ٻڌل آهي. ان پٽي ۾ قدرتي طور پاڻي جي وهڪري جو پراڻو لنگهه مين ناراويلي ڊرين (ايم اين وي ڊي) آهي. جابلو نئين جو پاڻي ان قدرتي ڍوري وسيلي اتر کان وهي ڏکڻ ۾ منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. 1932ع ۾ جڏهن سکر بيراج ٺهيو ته انگريزن ان جي ڪمانڊ کي محفوظ رکڻ لاءِ ان ڍوري کي 70 ميلن تائين باقاعدي ڊرين جي شڪل ڏئي ان ۾ 2235 ڪيوسڪ وهڪري جي گنجائش مهيا ڪئي. اڳتي هلي واپڊا ان ڊرين کي آر بي او ڊي رٿا جي شڪل ڏني. 1935ع ۾ انگريزن سکر بيراج جي ڪمانڊ وارن علائقن کي نئين جي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ فلڊ پروٽيڪشن بند (ايف پي بند) تعيمر ڪرايو. 172 ميل ڊگهي ان بند جو مقصد هو ته جابلو پٽيءَ مان لهندڙ پاڻي کي اتر کان ڏکڻ ڏانهن مٿان ئي وهڪرو فراهم ڪري منڇر ۾ ڇوڙ ڪرائي. ڊيزائن جي لحاظ کان ان کي ماضي جي مٿانهين ٻوڏ کان به ڇهه فوٽ وڌيڪ اوچو رکيو ويو هو. 1995ع ۾ کير ٿر جي پهاڙن ۾ ايڏو وڏو وهڪرو لٿو جو ان بند کي به اورانگهي ويو. انگريزن گاج جي وڏي وهڪري کي سڌو سنئون ايف پي بند سان ٽڪرائجڻ کان بچاءَ لاءِ 10 ميل کن ڊگهي (تير) ڀت به تعمير ڪرائي. 1995ع واري ٻوڏ تيرڀت کي به نقصان پهچايو ته ايف پي بند کي به 30 هنڌن تي گهارا هنيائين. 2010ع ۾ بلوچستان جو پاڻي قمبر شهدادڪوٽ کان ان علائقي ۾ داخل ٿيو. مولا ۽ بولان نئين به وڏا وهڪرا آندا. انهن وهڪرن سان گڏ درياءَ جي ساڄي هٿ تي توڙي بند واري گهاري سبب ان سڄي علائقي ۾ پاڻي پکڙجي ويو. نتيجي ۾ ايف پي بند کي چئن هنڌن تي گهارا لڳا ۽ ايم اين وي ڊرين ۾ 34 هنڌن تي گهارا لڳا ۽ وڏو نقصان ٿيو.
هن سال به نئين جي وهڪرن ڪاڇي جي ڪيترن ئي علائقن کي ٻوڙيو آهي جنهن سبب وهڪري وارن علائقن توڙي آباد ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن کي وڏو نقصان پهتو آهي.
3.سم نالن جي ٻوڏ: 90ع جي ڏهاڪي جي پڇاڙي ۾ ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين ٺهي راس ٿي ۽ ٺهڻ شرط ستت ئي لڙهي وئي. نوابشاهه، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ضلعن جي سم وارين زمينن کي سڌارڻ لاءِ اها رٿا عمل هيٺ آندي وئي. ان رٿا لاءِ ڪل 1600 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ڊيگهه واريون سم ناليون تعمير ٿيون، جيڪي ايل بي او ڊي جي 285 (ڪ .م) ڊگهي مکيه نالي يعنيٰ اسپائنل ڊرين ۾ ڪرن ٿيون. ان مکيه ناليءَ کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڏيڻ لاءِ 42 ڪلوميٽر ڊگهي نالي ٽائيڊل لنڪ تعمير ڪئي وئي. 1998ع ۾ ٽائيڊل لنڪ جي ويئر جو وڏو حصو لڙهي ويو. هڪ سال پوءِ مئي 1999ع ۾ بدين ۾ آيل هڪ خطرناڪ سامونڊي طوفان سبب ٽائيڊل لنڪ ڪينال ۾ 56 گهارا پئجي ويا ۽ عملي طور اهو اسٽرڪچر لڙهي ويو. مٿين ٽن ضلعن مان سم جو پاڻي بدين مان ٿيندو سمنڊ ۾ وڃي ٿو. ڪيترن ئي هنڌن تي انهن سم نالن قدرتي وهڪرن جا لنگهه بند ڪري ڇڏيا.
2011ع ۾ سنڌ جي 16 ضلعن ۾ بارشن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي. ان سال 434 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، جڏهن ته اڌ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا. ان سال بدين ۾ 615 ملي ميٽرن جو رڪارڊ مينهن وسيو جيڪو 121 سالن جو رڪارڊ مينهن هو. آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ لاڙ وارن ضلعن ۾ شديد بارشون ٿيون ۽ ايل بي او ڊي ۾ 40 کان وڌيڪ گهارا پيا. ان صورتحال سبب ايل بي او ڊي ٻوڏن جو هڪ نئون ذريعو ٿي چڪي آهي.
هن سال به نئون ڪوٽ ۽ بدين جي ڪجهه علائقن ۾ ايل بي او ڊي سم نالي کي لڳل گهارن سبب هزارين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن ۽ نئون ڪوٽ شهر کي به ٻڏڻ جو خطرو آهي.
4.شهري علائقن واري ٻوڏ: ويجهڙ وارن سالن ۾ سنڌ جي شهرن خاص ڪري ڪراچي ۾ بارشن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي. شهري ٻوڏ جا اهم ڪارڻ آبادي جي اجهل واڌ، بنا رٿابندي جي پکيڙ، پاڻي جي قدرتي لنگهن ۾ رنڊڪون، گندي پاڻي جي نيڪال وارن نالن مٿان حددخليون ڪري انهن جا لنگهه سوڙها ڪرڻ، هٿرادو طريقن سان وهڪرن ۾ رنڊڪون وجهڻ، غلط ۽ غير معياري انفرااسٽرڪچر ٺاهڻ ۽ انتظامي ڍانچي جي سلهاڙيل نه هجڻ وغيره آهن. ڪراچي جي ٻوڏ جا به ڪارڻ اهي ئي آهن. شهر مان گذرندڙ پاڻي جي نالن مٿان هزارين غيرقانوني اڏاوتن جي نتيجي ۾ پاڻي جو نيڪال ان وقت مشڪل ٿي وڃي ٿو جڏهن بنا ساهي جي وڏو مينهن پوي. هن سال آگسٽ مهيني ۾ بارشن جو هڪ صدي جو رڪارڊ ٽٽو آهي. جڏهن نظام اڳي ئي ناڪارا هجي، مٿان وري بارشون به غير معمولي وسن ته پوءِ شهر جي اها حالت ٿيڻ لازمي نتيجو آهي. شهر ۾ صوبائي حڪومت، ڪي ايم سي، ڪينٽونمينٽ بورڊ ۽ وفاقي ادارن جي انتظام وارا سمورا علائقا ڏينهن جا ڏينهن پاڻي هيٺ رهيا. شهري علائقن جي ٻوڏ رڳو وڏين بارشن ۾ ئي ٿيندي آهي پر ان جا سياسي اثر وڌيڪ ٿين ٿا. ڪراچي جهڙي شهر کي ان مسئلي مان نجات ڏيارڻ ڪنهن هڪ اداري جي وس جي ڳالهه ناهي. ان لاءِ سياسي نيت، مالي وسيلن ۽ ادارن جي گڏيل سهڪار جي ضرورت آهي. اهو عمل ايترو سولو ناهي
مجموعي طور سنڌ مختلف نوعيت جي ٻوڏن جو نشانو بڻجندي رهي ٿي. خوش قسمتي سان اڃان ڪنهن وڏي سامونڊي طوفان يا سونامي سنڌ جي ساحلي پٽي تي حملو نه ڪيو آهي. 1999ع وارو سائڪلون به ايترو نقصان نه ڪري ها جيڪڏهن ايل بي او ڊي جا ڪپر پاڻي جي وهڪري ۾ رنڊڪ نه بڻجن ها. سنڌ جي ساحلي پٽي لاءِ ان ٻوڏ جو به خطرو موجود آهي.
بدقسمتي سان سنڌ ۾ حڪمراني جو معيار بهتر نه هجڻ سبب انهن قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل تياري نه ٿي ٿئي. معياري هيومن ريسورسز جي اڻاٺ، مالي وسيلن جي اڻاٺ ۽ غلط استعمال، سفارشي پوسٽنگس ۽ بدليون، وغيره انهن آفتن جي تباهڪاري کي وڌيڪ هاڃيڪار بڻائڻ وارا ڪارڻ آهن. سنڌ کي قدرتي آفتن جي تباهڪارين کان محفوظ رکڻ لاءِ گهڻ پاسائين رٿابندي ۽ عمل جي ضرورت آهي، اهو نظر نه ٿو اچي. جڏهن ڪا آفت اچي ٿي ته حڪومت چرپر ۾ اچي ٿي. تباهڪارين کانپوءِ ايمرجنسي ريسڪيو ۽ رليف واري ڪم جو معيار به خراب ٿي چڪو آهي. رليف جي اداري ۽ پراونشل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي ڪارڪردگي گهربل معيار کان گهڻي گهٽ آهي.
اصولي طرح رليف ڪمشنر آفيس کي سمورا گهربل مالي مادي وسيلا آبڪلاڻي کان اڳ ئي تيار رکڻ گهرجن ته جيئن ڪنهن هنگامي صورتحال ۾ ماڻهن کي محفوظ ماڳن تائين پهچائڻ، سندن ڇپر، کاڌ خوراڪ ۽ طبي ضرورتن جو جوڳو انتظام موجود هجي پر بدقسمتي سان هاڻي هنگامي صورتحال کان اڳ ته ڇا، ان کانپوءِ به ڪا وقتائتي واهر نظر نٿي اچي. جڏهن به ڪٿي ٻوڏ اچي ٿي، ماڻهو گهڻو ڪري پنهنجي مدد پاڻ هيٺ پناهه ڳولن ٿا يا کليل آسمان هيٺ ويهن ٿا جتي ڪجهه سرڪاري ادارا، ڪجهه خيراتي ادارا ۽ سرندي وارا سندن سار لهن ٿا باقي سرڪار اڪيلي سر ماڻهن کي سهائتا ڏيڻ جي صلاحيت وڃائي چڪي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ تائين پي ڊي ايم اي جي ويب سائيٽ تي بارش ۽ ٻوڏ جي سٽيلن جا انگ ڏسي ڏندين آڱريون اچي ويون ڇو ته ان رپورٽ ۾ اصل نقصان جو معمولي حصو به رپورٽ ٿيل نه هو.
مجموعي طور سرڪاري ادارن جو معيار گهڻو زوال جو شڪار آهي، جنهن ڪري هر نئين قدرتي آفت اڳي کان وڌيڪ هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿي. موسمياتي تبديلي سبب وقت سان گڏ انهن آفتن جي رفتار ۽ شدت ۾ به تيزي اچي رهي آهي هڪ پاسي آفتون وڌي رهيون آهن ۽ ٻئي پاسي انهن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت گهٽجي رهي آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *