Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_l08snc8ajoeuastafpk3qfm5a9, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
بجلي لوڊشيدنگ مان جان ڪيئن آجي ٿيندي؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar بجلي لوڊشيدنگ مان جان ڪيئن آجي ٿيندي؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

بجلي لوڊشيدنگ مان جان ڪيئن آجي ٿيندي؟

برسات ته بهانو آهي،ادارن جي ڪارڪردگي ته اڳ ۾ عوام آڏو پڌري پٽ پئي هئي،بجلي ورهاست جي ذميوار ڪمپنين ڪي اليڪٽرڪ کانوٺي حيسڪو ۽ سيپڪو خلاف ماڻهن جون دانهون انهي برسات کان اڳ ۽ هن گرمي جي موسم ۾ئي شروع ٿي ويون هيون،ساهه ڪڍندڙ گرمي ۽ ٻوساٽيل ماحول ۾ لڳاتار 12، 12 ڪلاڪن جي بجلي جي لوڊشيڊنگ ماڻهن کي گهرن مان نڪري احتجاج تي مجبور ڪري ڇڏيو هو سنڌ جو ڪهڙو شهرو هيو جيڪو لوڊشيڊنگ جي عذاب کان بچيل هجي، ڪهڙو شهر هيو جتي احتجاج نه ٿيندو هجي ،عام ماڻهو ته ٺهيو پر وفاق جي حڪمران پارٽي جا عهديدار ۽ چونڊيل نمائندا جڏهن پاڻ احتجاج ڪرڻ تي لهي اچن ته ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي ته صورتحال ڪيتري خراب آهي ۽ انهن ادارن جي نگراني ڪندڙ وفاقي حڪومت به انهن آڏو ڪيڏو بيوس آهن جو اها پاڻ انهن کي لوڊشيڊنگ کان روڪي نه ٿي سگهي ۽ انهن جا چونڊيل نمائندا به عوام وانگر احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن .
بجلي ورهائڻ جون ذميوار ڪمپنيون سدائين لائين لاسز ،بجلي جي کوٽ ۽ بل نه پيارڻ جا بهانا ڪري لوڊشيڊنگ ڪنديون رهيون آهن۽ عوام اهو عذاب ڀوڳيندو به رهيو آهي پر جڏهن گرمي اهڙي سخت هجي جنهن ۾ ڪانو جي اک پئي نڪري اهڙي گرمي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ عام عوام جي برداشت کان ٻاهر هوندي آهي .بجلي جي انهي لوڊشيڊنگ جو وڌيڪ عذاب ته اهي ننڍا شهر ۽ ڳوٺ ڀوڳين ٿا جتي شايد اهي ڪمپنيون سمجهن ٿيون ته ماڻهو رهن ئي ڪونه ٿا يا انهن کي بجلي جي ضرورت ئي ناهي.هن وقت به سڄي ملڪي ميڊيا تي رڳو ڪراچي جو شهر ۽ ڪي اليڪٽرڪ بحث هيٺ آهي،توڙي جو ڪراچي ۾ به هن وقت بجلي جو بحران آهي پر اهو انهي شدت سان ناهي جيئن ٻين ننڍن ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آهي جتي جيڪڏهن 24 ڪلاڪن مان رڳو 4 ڪلاڪ بجلي اچي ٿي ته به ماڻهو انهي کي غنيمت سمجهن ٿا. هن وقت ته حالت اها آهي جو 2 ڪلاڪ بجلي هوندي آهي ته 22 ڪلاڪ بجلي غائب هوندي آهي ڪٿي ڪو ٽرانسفارمر خراب ٿيو ته مهينن تائين اهو علائقو يا پاڙو بجلي کان محروم هوندو.ماڻهن جو سڄو ڪاروبار ۽ عام وهنوار انهي بجلي سان ئي ڳنڍيل آهي،هن گرمي ۾ بجلي کانسواءِ ماڻهن جي زندگي ۽ ڪاروهنوار جو ڦيٿو ڄڻ بيهي رهي ٿو. هاڻي ته بجلي جي لوڊشيدنگ وارو معاملو وڃي پارليامينٽ ۽ وفاق ۾ حڪمران جماعت جي احتجاج تائين پهتو آهي جن جا چونڊيل ميمبر ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس ٻاهران ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن پر اهو معاملو رڳو ڪي اليڪٽرڪ سان لاڳاپيل آهي باقي حيسڪو ۽ سيپڪو سان ڳنڍيل ماڻهو ڪنهن در دانهن ڏين اها خبر ئي نه آهي نه ئي انهن لاءِ ڪير آواز اٿارڻ لاءِ تيار آهي.
حيسڪو ،سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ خلاف عوام کي رڳو بجلي جي لوڊشيڊنگ جي شڪايت ناهي پر ماڻهو اها به شڪايت ڪندا رهن ٿا ته کين واڌو ۽ غلط بل موڪليا وڃن ٿا ۽ کين ڊٽيڪشن لڳائي اضافي پئسا ورتا وڃن ٿا جڏهن اهي غلط ۽ ڊٽيڪشن وارا بل درستگي لاءِ کڻي آفيسن ۾ وڃن ٿا ته ڪير ان جو ازالو ڪرڻ يا رهنمائي لاءِ تيار نه هوندو آهي ۽ پريشان ماڻهو اهي غلط بل به ڀرڻ تي مجبور هوندا آهن.
سنڌ سرڪار ڪجهه ڏينهن اڳ اها تجويز به وفاقي حڪومت آڏو رکي آهي ته بجلي ورهائڻ جي ڪمپنين جو ڪنٽرول صوبائي حڪومتن کي ڏنو وڃي ،بهرحال انهي تجويز تي وفاق ڪهڙو ٿو جواب ڏئي اها ڳالهه ٻئي حڪومتون وڃي پاڻ ۾ ڄاڻين پر هن وقت جيڪو اهم مسئلو آهي اهو اهو آهي ته عوام کي ڪيئن هن قهر جي گرمي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي عذاب کان بچائجي.
اسان سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت جي اها ذميواري آهي ته اها بجلي ڪمپنين جي ڪارڪردگي کي مانيٽر ڪري، جڏهن اڄڪلهه ڪورونا جي ڪري ڪاروبار ۽ آفيسن جا وقت گهٽجي ويا آهن ۽ اسڪول ۽ ٻيا تعليمي ادار به بند آهن ته بجلي جي کپت به يقينن گهٽ ٿي هوندي ته پوءِ ايتري لوڊشيڊنگ جو ڪهڙو جواز بچي ٿو.هن برسات ۾ ته رڳو ڪمپنين کي بهانو مليو آهي باقي معمول ۾ به اهي عوام کي اهي سروسز مهيا نه ڪري سگهيون آهن جن جون هو پابند آهن .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *