تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

بجلي ڪمپنيون حڪومتن کان به زور آهن ڇا؟

سنڌ ٻري رهي آهي، سنڌ تپيل آهي،گرمي سنڌ ۾ ماڻهن جو ساهه ڪڍي رهي آهي ۽ انهي حالت ۾ سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ 12 کان 18 ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي عوام بجلي لاءِ دانهون ڪري رهيو آهي پر انهن جي ڪير دانهن ورنائڻ وارو نه آهي، نه وفاقي حڪومت ۽ نه ئي صوبائي حڪومت کي عوام جو بجلي سان لاڳاپيل مسئلو حل ڪرڻ ۾ دلچسپي آهي ۽ نه ئي انهن عوام جي لڳاتار بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف ٿيندڙ دانهن تي ڌيان ڏنو آهي. سنڌ ۾ مارچ جي پڇاڙي کان گرميون شروع ٿي وينديون آهن،۽ انهن ئي ڏينهن کان بجلي جي لوڊشيڊنگ شروع ٿي وئي هئي ۽ عوام جو احتجاج به انهن ئي ڏينهن کان شروع هيو وفاقي سرڪار کي ته خير سنڌ ۾ ٿيندڙ دانهن جي پرواهه نه هئي پر سنڌ حڪومت جيڪا انهن ئي ماڻهن جي ووٽن سان اقتدار ۾ ويٺل آهي انهي به انهي معاملي تي ڪو ڌيان نه ڏنو،پر مس مس وڃي سنڌ حڪومت سجاڳ ٿي آهي ۽ توانائي واري وزير جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو وارن کان لوڊشيڊنگ جو پڇاڻو ڪيو ويو آهي.
ڪراچي جي بجلي جو معاملو ته اڪثر ڪري قومي اسيمبلي کان وٺي اقتدار جي ايوانن ۾ بحث هيٺ رهندو آهي ۽ وفاقي سرڪار کي به انهي جو وڌيڪ لاچار هوندو آهي پر ٻين شهرن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ته ڄڻ ڪنهن جي ايجنڊا تي ئي نه هئي پر صوبائي سرڪار حيسڪو ۽ سيپڪو وارن کان به پڇاڻو ڪري ٻين شهرن جي به ڄڻ سار لڌي آهي باقي مسئلو ڪڏهن ۽ ڪيترو ٿو حل ٿئي اهو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ئي خبر پئجي سگهندي. توڙي جو بجلي ورهاست جون ذميوار اهي ڪمپنيون سڌو سنئون وفاقي سرڪار جي نگراني ۾ آهن پر لڳي ايئن ٿو ته اهي ڪمپنيون ڪنهن به حڪومت آڏو پاڻ کي پابند نه ٿيون سمجهن جو وفاق ۾ حڪومت ڪندڙ پارٽي جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ڪي اليڪٽرڪ خلاف احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ويٺا ۽ توانائي واري صوبائي وزير اجلاس دوران چتاءُ ٿو ڏئي ته مسئلو حل نه ٿيو ته احتجاج ڪيو ويندو . حڪومتن جو ڪم احتجاج ڪرڻ نه هوندو آهي اهو به انهي معاملي تي جيڪي اهي پنهنجي انتظامي آرڊر سان حل ڪري سگهن ٿيون. ها وفاقي حڪومت جيڪڏهن صوبائي حڪومت جو ڪو مسئلو حل نه ڪري ته صوبائي حڪومت جو احتجاج ڪرڻ ٺهي ٿو پر وفاقي سرڪار جا نمائندا پنهنجي حڪومت جي ماتحت ادارن خلاف ڇو احتجاج ڪري رهيا هيا؟ ڇا انهن ئي چونڊيل نمائندن جي ڳالهه ڪمپني ته ڇڏيو پنهنجي پارٽي جي ئي حڪومت نه ٻڌي رهي هئي.
اها حقيقت آهي ته سنڌ سان وفاقي سرڪار جو سلوڪ سدائين ماٽيجي ماءُ وارو رهيو آهي ،اها پ پ حڪومت هجي ،نواز ليگ جي يا وري ٻين پارٽين جي،پر ڪڏهن به سنڌ کي پنهنجي حصي موجب ترقياتي رٿائن،نوڪرين ۽ ٻين ڪمن ۾ پورو حصو نه مليو آهي.پر هاڻوڪي حڪومت ۾ ته سنڌ کي ايئن وساريو ويو آهي ڄڻ وفاقي سرڪار کي سنڌ ۾ ڪجهه ڪرڻو ئي ناهي جنهن ڪري وفاقي ادارا به سنڌ سان اهڙو ئي سلوڪ ڪري رهيا آهن.جنهن جو ثبوت اهو آهي جو بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ به وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي چونڊيل نمائندن کي احتجاج ڪرڻو ٿو پوي يا احتجاج جو چتاءُ ڏيڻو ٿو پوي. حيسڪو ،سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ وارن جو صارفين سان رويو ۽ سلوڪ انتهائي نامناسب آهي جڏهن ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار جي کوٽ ايتري ناهي ته پوءِ ڇو 18 ،18 ڪلاڪ تائين لوڊشيڊنگ ڪري عوام کي عذاب ۾ مبتلا ڪيو ٿو وڃي ،بجلي جي اضافي بلن، مهينن جا مهينا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ ،ڏنڊ لڳائڻ ۽ ٻيون شڪايتون ته اڃان الڳ آهن.
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت جي اها ذميواري آهي ته اها انهن ڪمپنين سان لڳاتار رابطي ۾ رهي بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ انهن ڪمپنين کي پابند بڻائي جيڪڏهن لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل نه ٿئي ته وفاق آڏو لکت ۾ انهن ڪمپنين خلاف احتجاج ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن پوءِ به مسئلو حل نه ٿئي توانائي واري صوبائي وزير جي ڏنل چتاءُ تحت صوبائي حڪومت به احتجاج شروع ڪري عوام ته اڳ ئي احتجاج ۾ آهي اهو به انهي احتجاج ۾ شامل ٿي ويندو .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *