تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

بحرانن ۾ ورتل مخالف ڌر جي اي پي سي نتيجا ڏيندي!؟

اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ مخالف ڌر جي پارٽين جي اي پي سي جو هنڌ ٽيون ڀيرو تبديل ڪيو ويو آھي، پهريان رهبر ڪميٽي اي پي سي زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر ان بعد اي پي سي جي ميزباني ڪندڙ پيپلزپارٽي زرداري هائوس ۾ محدود هال جو احساس ڪندي اسلام آباد ڪلب ڀرسان هڪ هوٽل ۾ بڪنگ ڪرائي هئي پر پوءِ پيپلزپارٽي اهو هنڌ به تبديل ڪري اي پي سي ميريٽ هوٽل ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، جتي اڄ ٻارهين وڳي مخالف ڌر جي پارٽين جي اي پي سي شروع ٿيندي. ان اي پي سي جي اهميت ان ڪري به وڌي وئي آھي جو بلاول ڀٽو جي ڪوٺ کي مان ڏيندي ن ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف ڪانفرنس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيڻ ۽ ڪانفرنس کي خطاب ڪرڻ جي حامي ڀري ورتي آھي. ان اي پي سي جي اهميت ۾ اڃان به ان ڪري واڌ ٿي وئي آھي جو اڳوڻو صدر آصف زرداري به وڊيو لنڪ ذريعي اي پي سي ۾ شريڪ ٿي رهيو آھي نه رڳو ايترو پر شهباز شريف جي سربراهي ۾ ن ليگ جي 11 رڪني وفد سان گڏ مريم نواز به اي پي سي ۾ شرڪت ڪري رهي آھي، مطلب ته مخالف ڌر جي جن پارٽين کي پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن کان جيڪي شڪايتون آھن اهي جڏهن ڪانفرنس ۾ رکيون وينديون تڏهن انهن ٻنهي پارٽين جا سربراهه به موجود هوندا جنهن سان اهي شڪايتون دور ڪري حڪومت خلاف ڪا موثر احتجاجي تحريڪ بابت اڳڀرائي ڪرڻ ۾ آساني ٿي سگهندي. ظاهر آهي ن ليگ سربراهه ميان نواز شريف جي جيئن ئي اي پي سي کي خطاب وارو مامرو سامهون آيو آھي ته وفاقي حڪومت ميڊيا مٿان واضح ڪري ڇڏيو آھي ته جيڪڏهن ڪنهن نواز شريف جو خطاب ٽي وي تي نشر ڪيو ته پيمرا قانون تحت ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. ظاهر آھي ته اڳ ئي گهڻن مسئلن ۾ گهيريل خاص طور تي اليڪٽرانڪ ميڊيا حڪومت جي اهڙي واضح پيغام بعد شايد ئي نواز شريف جو خطاب ڏيکاري سگهڻ جي همٿ ڪري سگهندي، ان ڪري ن ليگ به ان جو متبادل رستو ڳولي ورتو آھي ۽ نواز شريف جو خطاب سوشل ميڊيا ذريعي عوام تائين پهچائڻ جي تياري ڪري ورتي آھي. فلحال ته سوشل ميڊيا کي سو سيڪڙو لغام ڏيڻ جو ڪو طريقو موجود نه آھي پر اڄ ان ميڊيا جو به پتو پئجي ويندو ته اها ڪارروائي جي خوف بعد نواز شريف کي ڏيکاري ٿي يا نه جنهن ميڊيا جي ماضي جي طاقت بابت ٻه ٽي ڏينهن اڳ ئي بلاول ڀٽو اهو پريس ڪانفرنس ۾ چيوهو ته اسان کي ڪجهه ميڊيا مالڪ چوندا هئا ته اسان حڪومتن کي ٺاهيندا به آهيون ۽ ڊاهيندا به آھيون. خير جيئن هن وقت ميڊيا پنهنجي بحراني دور مان گذري رهي آھي ان کان وڌيڪ بحرانن ۾ مخالف ڌر جون پارٽيون نظر اچي رهيون آھن پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن کي اقتداري رمزن جو سمورين پارٽين کان وڌيڪ تجربو هجڻ سان گڏ ٻنهي پارٽين کي مخالف ڌر جي ڪردار جو به وسيع تجربو آھي نه رڳو ايترو پر ماضي ۾ لانگ مارچن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي رستن تي آڻيندڙ جماعت اسلامي ، جي يو آءِ ف به مخالف ڌر ۾ آھي انهن سميت مخالف ڌر ۾ شامل ٻين پارٽين کي ڏسي محسوس ٿيندو هو ته ايتري مضبوط مخالف ڌر جي موجودگي ۾ پهريون ڀيرو اقتدار ۾ ايندڙ پي ٽي آءِ ڪيئن هلي سگهندي، پر ٻن سالن جي گذريل وقت مان اهو محسوس ٿيو آھي ته مخالف ڌر جون اڪثر پارٽيون خاص طور تي ٻئي وڏيون پارٽيون عملي طور حڪومت خلاف ميدان ۾ اچڻ لاءِ تيار نه آھن. مخالف ڌر جي پارٽين وچ ۾ نااتفاقي سان حڪومت کي مخالف ڌر ڪو خاص پريشان ڪرڻ ۾ ته ڪامياب نه ٿي آھي پر حڪومت مخالف ڌر کي دفاعي پوزيشن ۾ آڻي ڇڏيو آھي.
ماضي ۾ به مخالف ڌر کي حڪمران مختلف قانونن کي استعمال ڪري کين نشانو بنائيدا رهيا آھن پر ماضي ۾ مخالف ڌر ايتري دفاعي پوزيشن ۾ ڪڏهن نظر نه آئي آھي جيتري هن وقت نظر اچي رهي آھي. هڪ سينئر تجزيئي نگار جو چوڻ آھي ته ايئن محسوس ٿيندو آھي ته مخالف ڌر جي پارٽين وچ ۾ طاقتور حلقن اندر پاڻ کي وڻائڻ جو مقابلو شروع ٿيل آھي، اهو ئي سبب آهي ته مخالف ڌر هڪ آواز ٿي ڪو احتجاجي تحريڪ بابت موثر فيصلو نه پئي ڪري سگهي. ٿي سگهي ٿو پاڻ وڻائڻ واري تجزيئي نگار جي ڳالهه درست نه هجي پر مخالف ڌر جي رڌڻي ۾ ڪو ته رولو آھي جنهن جو حل ڪڍڻ کانسواءِ حڪومت خلاف تحريڪ ڪامياب ٿيندي نظر نٿي اچي، ڇو ته اي پي سي طلب ڪرڻ سان ڪاميابي نه ٿيندي پر اي پي سي ۾ حڪومت مخالف تحريڪ بابت ڪهڙا فيصلا ٿين ٿا ڪاميابي جو اندازو ان مان لڳائي سگهبو. ملڪي تاريخ ۾ شايد ئي ڪنهن مخالف ڌر جي تحريڪ سبب ڪنهن حڪومت جو خاتمو ٿيو هجي پر ماضي ۾ حڪومت مخالف ڪجهه تحريڪون اهڙيون ضرور نظر اچن ٿيون جن حڪومتن کي نه رڳو ڪمزور ڪيو پر حڪمرانن کي هوڏ تان به لاٿو پر اهڙا نتيجا موثر ۽ واضح طور تي بنا ڪنهن ڪارروائي جو خوف ڪرڻ جي ئي ملي سگهن ٿا پر موجوده مخالف ڌر جيڪا پنهنجي چونڊيل ميمبرن جي وفاداري کي نه سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ وقت يقيني بنائي سگهي نه ئي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ اڪثريت هجڻ باوجود بلن جي منظوري روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ته اها مخالف ڌر حڪومت خلاف تحريڪ لاءِ عوام کي ڪيئن متحد ڪري سگهندي. خير انهي صورتحال تي ته مخالف ڌر کي اڄ غور ڪري حڪمت عملي تيار ڪرڻي آھي چيو وڃي ٿو ته ميثاق جمهوريت جي طرز تي مخالف ڌر جي پارٽين وچ ۾ ڪنهن معاهدي جي ڊرافٽ تي اتفاق ٿي سگهي ٿو پر سوال هي آھي ته ان ڊرافٽ سان عمران خان جي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيئن ڪري سگهبو ؟ سوال هي به آهي ته ميثاق جمهوريت جو معاهدو پ پ ۽ ن ليگ ۾ ٿيو هو ڇا ان معاهدي تحت ن ليگ آئيني ڪورٽ ٺاهڻ لاءِ راضي ٿي هئي ظاهر آھي معاهدن ۽ قراردادن سان حڪومتن کي پريشان نه ڪري سگهبو آھي ان لاءِ موثر احتجاجي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي آھي. ڏسجي ته مخالف ڌر اي پي سي ۾ ڪهڙو فيصلو ڪري ٿي، اي پي سي کي با معنيٰ بڻايو وڃي ٿو يا نشستن برخاصتن واري ڪار ٿي ٿئي. ڏسڻو اهو به پوندو ته مخالف ڌر جون پارٽيون موجوده حالتن کي سامهون رکي عوام وٽ وڃن ٿيون يا ميڊيا ذريعي ئي پنهنجو پيغام عوام تائين پهچائي ذميواري پوري ڪرڻ واري حڪمت عملي اختيار ڪن ٿيون. ڏسڻو اهو به پوندو ته جنهن ڪورونا ڪري ملڪ اندر سمورا تعليمي ادارا کولڻ ۾ مسئلو محسوس ڪيو پيو وڃي، ڇا ان صورتحال ۾ هزارين ماڻهن کي گڏ ڪري روڊن تي آڻڻ جو فيصلو مخالف ڌر ڪري سگهندي. مهانگائي ،بي روزگاري کي منهن ڏيندڙ عوام جي شرڪت کانسواءِ ڪا به تحريڪ ڪيئن ڪاميياب ٿي سگهندي.
خير اي پي سي جا فيصلا سامهون اچڻ سان ئي معلوم ٿي سگهندو ته مخالف ڌر ڪهڙي موڊ ۾ آهي جيڪڏهن مخالف ڌر مڊٽرم چونڊن جو فيصلو ڪندي ته ان کي پهريان ان مامري تي غور ڪرڻو پوندو ته ڇا مخالف ڌر موجوده قانون تحت چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار آھي جيڪڏهن موجوده قانون صاف شفاف چونڊن اڳيان رڪاوٽ آھي ته پوءِ چونڊ سڌارا ئي ڪرڻا پوندا جنهن لاءِ پارليامينٽ جي موجودگي ضروري آھي. جنهن جو مطلب اهو ٿئي ٿو ته مخالف ڌر پوءِ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين مان به استعفيٰ ڏيڻ جو فيصلو نه ڪري سگهندي. عوامي تحريڪ هلائڻ کانسواءِ حڪومت جي اخلاقي طور خاتمي جو رستو قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين مان استعفيٰ ڏيڻ آھي، ڇا پ پ ايئن ڪري سنڌ ۾ پنهنجي حڪمراني جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي سگهندي. ظاهر آھي ڪنهن وڏي مقصد لاءِ قرباني ۽ جدوجهد به وڏي جي گهرج هوندي آھي ڏسجي ته مخالف ڌر هن حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ڪهڙو رستو ڪڍي ٿي باقي جيڪڏهن مخالف ڌر احتساب قانون ۾ ترميم ڪرائڻ چاهي ٿي ته مخالف ڌر وٽ هڪ رستو اهو آھي ته مخالف ڌر جون پارٽيون گڏجي ڪو بل ڊرافٽ ڪن جنهن کي پهريان سينيٽ ۾ پيش ڪيو وڃي جتي مخالف ڌر وٽ واضح اڪثريت موجود آھي اتان بل منظور ڪرائي اسيمبلي ۾ اماڻيو وڃي، ظاهر آھي اسيمبلي ۾ حڪومت جي اڪثريت آھي حڪومت اتي ان بل کي جيڪڏهن رد به ڪرائي ٿي ته اهو بل گڏيل پارليامينٽ ۾ موڪلي مخالف ڌرگڏيل پارليامينٽ ۾ پنهنجي اڪثريت ثابت ڪري اهو منظور ڪرائي سگهي ٿي. حڪومت ان کي روڪڻ لاءِ ضرور حربا استعمال ڪندي پر آئين ۽ قانون ۾ ان جو به حل موجود آھي پر ان ۾ مخالف ڌر لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو پنهجي ميمبرن کي ئي سنڀالڻ آهي اهو ئي سبب آھي ته مشڪلاتن ۾ گهيريل مخالف ڌر ڏسجي ته حڪومت کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي سامهون آڻي ٿي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *