تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

بدامني جو سرڪاري اعتراف

سنڌ ۾ اغوا جي وارداتن ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو آهي ،اها ڳالهه ڪو عام شهري ،سياسي مخالف يا سماجي اڳواڻ نه پيو ڪري پر اهو اعتراف صوبي ۾ امن امان برقرار رکڻ جي ذميوار فورس پوليس جو سربراهه ڪري رهيو آهي اهو به ڪنهن ميڙاڪي ،يا پريس بريفنگ ۾ نه پر امن امان بابت وڏي وزير جي صدارت ۾ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾،جنهن ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي .ڊي جي رينجرس، گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ ٻين ذميوار عملدارن ۽ وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته شهرن ۾ اسٽريت ڪرائيم خاص ڪري موبائيل ڦر جي واقعن ۾ 2019 ع جي ڀيٽ ۾ اضافو ٿيو آهي جڏهن ته ٻهراڙي ۾ اغوا جون وارداتون وڌيون آهن جيڪي 2019ع جي ڀيت ۾ تقريبن ٽيڻ تي آهن.انهي کانسواءِ اجلاس ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ بدامني جا انگ اکر پيش ڪيا ويا،اجلاس ۾ بدامني کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي منهن ڏيڻ بابت ويچاريو ويو خاص ڪري شهرن کي سيف سٽي بڻائڻ لاءِ سي سي ٽي وي لڳائڻ جا فيصلا ڪيا ويا.
جيڪي انگ اکر وڏي وزير جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڏنا ويا آهن جيڪڏهن انهن تي نظر ڦيرائجي ته اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن 2019 ع تائين بدامني گهڻي حد تائين گهٽجي وئي هئي ته پوءِ ان ۾ واڌ ٿيڻ ظاهر ڪري ٿو ته يا ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجو ڪم صحيح نموني ادا نه پيا ڪن يا وري ڏوهارين کي اهڙي حمايت حاصل آهي جتي اهي ادارا به بيوس بڻجي وڃن ٿا.ماضي توڙي حال ۾ انهي بدامني پٺيان يا ڏوهارين جي حمايت جا بااثر ماڻهن تي الزام لڳندا رهياآهن خاص ڪري شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ کي هڪ پارٽي جي عروج واري زماني ۾ وڌندي ڏٺو ويو ته ٻهراڙين ۾ ڪجهه هنڌن تي اغوا جي وارداتن پٺيان با اثر خاندان يا قبيلا نظر آيا،پر گڏوگڏ اهي ڳالهيون به سامهون آيون ته پوليس فورس ۾شامل ڪيترائي ماڻهو اڻ سڌي طرح ڏوهارين جي مدد ڪندا رهيا يا وري ڪيترائي اهلڪار پاڻ انهن ڏوهن ۾ ملوث رهيا جنهن ڪري به انهن ڏوهاري وارداتن ۾ واڌ ٿي .هڪڙي ڊگهي ويڙهه ۽ آپريشن کانپوءِ انهي بدامني تي ضابطو آندو ويو ۽ انهي ۾ ڪيترن اهلڪارن جون قربانيون به شامل آهن پر جيڪڏهن ٿوري غفلت ۽ ڪنهن مصلحت سبب اهي ڏوهي وارداتون وري ڪر کڻي رهيون آهن ته اها نه رڳو انهن قربانين سان زيادتي آهي پر سنڌ جي عوام سان به ظلم ٿيندو جيڪي گهڻي وقت کان مس مس سک جو ساهه کڻي رهيا آهن نه ته ماضي ۾ اهو ڏٺو ويو ته بدامني اهڙي چوٽ چڙهيل هوندي هئي جو ماڻهو پنهنجي پاڇي کان به ڇرڪ ڀريندو هو.
اسان سمجهون ٿا ته هن وڌندڙبدامني کي اتي ئي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي ضرورت آهي جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم کي روڪي سگهجي ٿو پر گڏوگڏ ان تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جتي پوليس به مشڪل سان پهچي ٿي اهڙن علائقن ۾ ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار ڪيئن پهچي ٿا وڃن، ڇو ته ٻه ڏينهن اڳ مارجي ويل ڌاڙيلن وٽ اينٽي ايئر ڪرافٽ گن هٿ آيون هيون،تنهن ڪري حڪومت ۽ پوليس فورس ڌاڙيلن جي سهولتڪارن ۽ انهن کي هٿيار پهچائيندڙن کي پڪڙ ۾ آڻي هٿيارن جي سپلاءِ روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ته پوءِ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ۾ آساني ٿي ويندي ۽ اغوا جي وارداتن کي به روڪي سگهبو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *