تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

بدامني ۾ واڌ،حڪومت ماٺ ڇو؟

سنڌ ۾ امن امان شايد حڪومت جي اوليت ناهي رهي،سڄي سنڌ مان ايندڙ خبرون بدامني جي گواهي ڏئي رهيون آهن،شايد ئي ڪو علائقو بچيو هجي جتان ڪانه ڪا اهڙي خبر نه ايندي هجي جيڪا ڏوهه ۽ ڏوهارين سان ڳنڍيل نه هجي.پرنٽ ميڊيا جي صفحن جا صفحا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جون اسڪرينون انهن خبرن سان ڀريون پيون آهن .هر ماڻهو اوچتو وڌي ويل انهي بدامني تي ڳالهائي ٿو پر ذڪر ناهي ته اتي ناهي جتي انهي جو ذڪر ٿيڻ گهرجي ،پرواهه ناهي ته اتي ناهي جتي انهي معاملي تي ڌيان ڌرڻ گهرجي،حڪومت خبر ناهي ڇو بدامني جي واڌ جي سببن تي سوچڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي اپاءُ وٺڻ لاءِ ڪو تحرڪ وٺندي نظر نه ٿي اچي.
روزاني “پنهنجي اخبار” جي ڪالهوڪي ايڊيشن جون ٻه رپورٽون پڙهي سڄي سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني بابت اندازو ڪري سگهجي ٿو.هڪ رپورٽ حيدرآباد پوليس رينج جي آهي جيڪا پوليس کاتي کان ئي ورتي وئي آهي مطلب اهي ڪيسن جا انگ اکر اهي آهن جيڪي پوليس وٽ درج ٿيل آهن جڏهن ته خبر ناهي ان کان وڌيڪ ٻيون ڪيتريون وارداتون ٿيون هونديون جيڪي پوليس وٽ رپورٽ ئي نه ٿي سگهيون هونديون.انهي رپورٽ مطابق لاڪ ڊائون جي چئن مهينن مارچ، اپريل، مئي ۽ جون دوران حيدرآباد پوليس رينج ۾88 قتل ،110 اغوا،58 موٽر سائڪلون چوري ۽ 42 ڦر جون وارداتون ٿيون ۽ پوليس تي 133 حملا ٿيا ،انهن چئن مهينن ۾ 180 ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،17 عورتن سان زنا ۽ 2 اجتماعي زيادتي جا واقعا ٿيا. اهي انک اکر انهي علائقن جا آهن جيڪي عام طور پرامن علائقا يا گهٽ ڏوهن وارن علائقن ۾ شمار ٿيندا آهن جيڪڏهن انهن انگ اکرن تي غور ڪجي ته اهي ڪنهن به ريت پرامن علائقن جي شاهدي نه ٿا ڏين مطلب ته ڏوهي قانون جي خوف کانسواءِ آزاداڻي نموني ڪارروايون ڪري رهيا آهن،پوليس چئن مهينن دوران وارداتن جا انگ اکر ته گڏ ڪيا آهن پر ان جي سدباب لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي اها ڪٿي به نظر نه ٿي اچي.اهي انگ اکر ته ان دور جي ياد ٿا ڏيارين جڏهن سنڌ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي آمجگاهه بڻيل هئي جڏهن ٽنڊوالهيار ۽ مٽياري کان وٺي شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي تائين روڊ شام جو سنسان ٿي ويندا هئا.هاڻي هي اوچتو اوچتو ڇا ٿي ويو آهي جو وري اهي ساڳيا منظر آڏو اچڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن.هڪڙي پاسي اها رپورٽ آهي ته ٻئي پاسي رائونتي ٻيلي ۾ ڌاڙيلن خلاف هفتي کان هلندڙ آپريش آهي جنهن ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ ايس ايڇ او سميت ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن ۽ ڌاڙيل راڪيٽ لانچرن سان پوليس تي حملا ڪري رهيا آهن،پر پوليس انهي آپريشن ۾ اڃان تائين ڪامياب ٿيندي نظر نه ٿي اچي.اصل مسئلو اهو آهي ته انهن ڏوهارين وٽ ايڏا ڳرا هٿيا اچن ڪٿان ٿا؟ رائونتي ٻيلي ۾ هلندڙ آپريشن جي مک هدف عمر شر جي وائرل ٿيل وڊيو ان سوال جو جواب ڏئي ٿي. هن الزام هنيو ته جيڪا پوليس آپريشن ڪري رهي آهي اها وٽس مانيون کائيندي رهي آهي هوڏانهن شڪارپور جي ڪچي ۾ رهندڙ هڪٻئي ڌاڙيل جي وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته هن جا پوليس جي ڪيترن ئي عملدارن سان دوستي ۽ واسطا آهن ۽ پوليس بلوچستان جي سبي مان گولا ،گوليون،راڪيٽ لانچر ۽ ٻيا هٿيار پهچائيندي آهي.
ڪجهه وقت کان سنڌ جون خراب ٿيندڙ حالتون پوليس جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري رهيون آهن اسان ڏوهارين جي وائرل ٿيل وڊيوز جي ڳالهه تي کڻي اعتبار نه ڪيون پر پوءِ به اهو سوال ته ٿئي ٿو ته انهن ڏوهارين وٽ اهڙا خطرناڪ هٿيار اچن ڪٿان ٿا، جڏهن انهن علائقن ڏانهن ويندڙ لنگهن تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جون چوڪيون قائم آهن جن جي مرضي کانسواءِ انهن علائقن تائين ڪهاڙي پهچڻ به ممڪن نه ٿو ٿي سگهي.
اسان سمجهون ٿا ته رائونتي جو ناڪام ٿيندڙ آپريشن ۽ ٻين علائقن ۾ وڌندڙ بدامني پوليس جي تريبت ،انهن جي اهليت ۽ اداري اندر ڪارين رڍن جي موجودگي تي سوال اٿاري ٿي ،هاڻي پوليس جي اعليٰ عملدارن ۽ سنڌ حڪومت جي اها ذميواري آهي ته اها ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندڙ حالتن ڏانهن ڌيان ڏئي ۽ کاتي تي اٿندڙ سوالن جو به جواب ڏئي جيئن سنڌ وري ڪجهه هٿياربند ٽولن جي رحم ڪرم تي نه هجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *