تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

برساتن بعد ڪراچي مان غائب ٿيل بجلي..!!

ڪراچي شهر ۾ برساتن جتي زندگي جو سمورو وهنوار مفلوج بڻائي ڇڏيوآهي، اتي شهر ۾ بجلي به لاڳيتو ٽن ڏينهن کان غائب آهي، جنهن ڪري شهري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبورآهن. برسات شهر کي سمنڊ بڻائي ڇڏيو هو، شهر جي ڪيئي علائقن مان برساتي پاڻي اڃا نيڪال ناهي ٿي سگھيو، ڊفينس جهڙي پوش علائقي جا سمورا فيز پاڻي ۾ ٻُڏل آهن، ڊفينس فيز 6 ۽ فيز 7 وارا علائقا تمام گھڻو متاثر ٿيا آهن. شهر جي مُک روڊن جي ڳالهه ڪجي ته شاهراھ فيصل تي ڪارساز، نرسري، ايف ٽي سي بلڊنگ وٽ پاڻي جمع ٿيل آهي. صدر جو سي آءِ اي سينٽرروڊ، ايمپريس مارڪيٽ، ٽاور واروعلائقوبه اڃا تائين برساتي پاڻي ۾ ٻُڏل آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي رهائشگاھ واري علائقي وزير مينشن ۾به پاڻي جو تلاءُ جمع ٿيل آهي. پر اتان به اڃا تائين پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگھيو. سرجاني ٽائون، اورنگي ٽائون، حب ريور روڊ ۽ بلديا ٽائون مان به پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب رهواسي سخت پريشانين ۾مبتلا آهن. ڪلفٽن ۾ باٿ آئيلينڊ واري علائقن ۾به پاڻي جمع ٿيل آهي. پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شهر ۾ بجلي جو نظام به مڪمل طور ٺِپ ٿيل آهي. جنهن ڪري سمورو نظام بيهجي ويو آهي. شهر جا ڪافي اهڙا علائقا آهن جتي ٽن ڏينهن کان بجلي بند آهي. ايتري قدر جو ٽي تلوار جي ڪجهه علائقن، اخترڪالوني، ڪشميرڪالوني، ڊفينس فيز 6، ڊفينس فيز ٽو ۽ صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ تي بجلي بند ٿيل آهي. بجلي بند هجڻ سبب رهائشي عمارتن ۾ پاڻي جو پڻ وڏو بحران پيدا ٿي ويو آهي. جنهن ڪري شهرين جو احتجاج هلي رهيو آهي. شهر جي مختلف علائقن ۾ شهرين پاران احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو آهي، اختر ڪالوني، ٽي تلوار ۽ ٻين علائقن ۾ ڌرڻا به لڳايا ويا آهن، مڇريل ماڻهن جي احتجاجن سبب روڊ رستن تي ٽريفڪ جو نظام به مفلوج بڻجي ويوآهي. پر ان باوجود ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا جي ڪن تي جونءَ ناهي سُري سگھي. ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميا پاران رڳو اهو ئي جواز ڄاڻايو پيو وڃي ته فالٽ ڪٿي به ناهي پر احتياط طور بجلي بحال نه پئي ڪئي وڃي.
ڪالهه نيٺ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاھ کي بجلي بند هجڻ جو خيال اچي ويو ۽ ٻنهي پاران شهرين جي ڪاوڙ کي ماٺو ڪرڻ وارو قدم کڻندي اپاءُ ورتا ويا پر ان باوجود بجلي بحال ناهي ٿي سگھي. ڪالهه گورنر عمران اسماعيل پاران ڪي اليڪٽرڪ جي سي اِي او مونس علوي سان رابطو ڪيو ويو، رابطي دوران هُن ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر کان بجلي بند هجڻ بابت تفصيلي آگاهي ورتي ۽ کيس هدايت ڪئي ته بجلي بحال ڪرڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ ورتا وڃن، وڏي وزيرسيد مرادعلي شاھ به ڪي اليڪٽرڪ آفيس پهچي انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ بجلي بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پر ان جي باوجود شهر جي ڪيئي علائقن ۾ اڃا تائين بجلي بحال ناهي ٿي سگھي. بجلي لاڳيتو ٽن ڏينهن کان بند هجڻ ڪري خاص طورتي پوش علائقن مان عارضي بنيادن تي لڏپلاڻ پڻ شروع ٿي وئي آهي. ماڻهو عارضي طور ڪراچي ڇڏي پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ڏانهن به هليا ويا آهن.
ڪراچي شهر ۾ اهڙو لقاءُ شايد اڳ ڪڏهن به ناهي ٿيو ته شهر ۾ بجلي، پاڻي، موبائيل نيٽ ورڪ، پبلڪ ٽرانسپورٽ مڪمل طوربند آهي، واپارين جي ڪاروبار کي به تالو لڳل آهي، اقبال مارڪيٽ، ايمپريس مارڪيٽ، نارٿ ناظم آباد، يونائيٽيڊ بيڪري روڊ، بوهري بازار، زينب مارڪيٽ، مدينه مال مڪمل طورتي بند آهن، ڇاڪاڻ ته نه بجلي آهي نه ئي ڄاڻايل مارڪيٽن ٻاهران پاڻي نيڪال ٿي سگھيو آهي.
پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ۽ جملي بازي کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪالهه سمورن ڊويزنل ڪمشنرن سان گڏجاڻي ڪئي ۽ سموري صورتحال بابت تفصيلي آگاهي ڪئي. ان دوران ڪراچي جي نئين مقرر ٿيل ڪمشنر سهيل راجپوت پاران “سڀ ٺيڪ” هجڻ جي رپورٽ ڏني! پر وڏي وزير جيڪو پاڻ دورو ڪيو هو کيس چڱي ريت خبر هئي ته ڪراچي جي ڪاروباري مرڪز کان وٺي پوش علائقن واري ضلعي ڏکڻ جي ڪهڙي صورتحال آهي؟ ڪمشنر کي ڇڏي وڏي وزير ڏکڻ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کان نه رڳو معلومات ورتي پر پاڻي جي فوري نيڪالي جي هدايت پڻ ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير سمورن ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هُو سرڪاري سطح تي پاڻي جي نيڪال توڙي امدادي سرگرمين ۾حصو وٺندڙ عملي جي لاءِ ڪنهن خاص لباس جو بندوبست ڪن جيئن ماڻهن کي اها خبر پوي ته سرڪار به ڪم ڪري رهي آهي. وڏي وزير جي انهي هدايت مان اهو ئي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سنڌ سرڪار رڳو فوٽو سيشن ڪرائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪنهن خاص لباس بدران عملي طور اهو ثابت ڪيو وڃي ته سڀ ٺيڪ ٿي چُڪو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *