تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

برساتن جو پاڻي بيٺل، مالڪي نه ٿي

 جيترو ماضي قريب توڙي حال ۾ ٺٽي ۽ ٺٽي واسين حڪومتي توڙي مڪاني کاتي جي چونڊيل نمائندن کان ويندي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي ڪارڪردگي سبب ڀوڳيو آھي شايد اھو ڪڏھن به ناھي ڀوڳيو، سال 2013ع وارين چونڊن ۾ ته اھا ڳالھه واضح ۽ چٽي ھئي ته مرڪز ۾ نواز حڪومت ھئي ته وري سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت ھئي جنھن جو ٺٽي کي يا ٺٽي واسين کي ڪوئي فائدو رسيو ھجي يا نه اھا جدا ڳالھه آھي پر سياسي طور تي طاقت جي توازن ۾ شيرازي ڀائرن جي نواز حڪومت ۾ ھجڻ ڪري اھو ضرور ھيو ته ضلعي اندر پ پ ۽ ان جي مخالف ڌر جا در کليل. ھاڻ جڏھن سال 2018 ع وارين عام چونڊن کانپوءِ ٺٽي ۾ سياسي توڙي حڪمراني جو مرڪز صرف ۽ صرف پ پ کي مليل آھي ته جيڪا ٺٽي ضلعي ۾ عوام جي مالڪي ھجڻ گھرجي ھا اھا بنھه نه ھجڻ برابر آھي ھر حوالي سان ڏٺو وڃي ته ٺٽي واسين جي مالڪي نه آھي. تازين برساتن سبب ٺٽي ضلعي جي ماڻھن جيترو ڀوڳيو آھي شايد ڪڏھن ايترو ناھي ڀوڳيو ايئن کڻي چئجي ته ٺٽي جي موجوده برساتن جي حوالي سان ھڪ پاسي 80 سيڪڙو زراعت تباھه ٿي وئي ته وري سم نالن ۽ سامونڊي ويرن جي اڳتي وڌڻ سان جيڪي زمينون ھن مھل تائين پاڻي ھيٺ آيون آھن انھن ۾ ڪيئي سالن تائين فصلن جي نه ٿيڻ ڪري آبادگارن جي ڄڻ چيلھه چٻي ٿي وئي آھي ۽ انھن جي ڪيترن سالن تائين معاشي طور ٻيھر پنھنجي پيرن تي بيھڻ مشڪل بڻجي ويو آھي ته  وري برساتن سبب ضلعي ۾ گذريل سال جي پيل برساتن توڙي هاڻوڪي برساتن سبب انفرااسٽرڪچر جي جيڪا تباھي ٿي آھي ممڪن ھجي ان جي بھتر ٿيڻ ۾ ڪيئي سال لڳن. ڇاڪاڻ جو ٺٽي ۾ سياسي طور تي واضع ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي ته ايڏي برساتن جي تباھڪارين جي باوجود متاثرن جي ھن مھل تائين ريسڪيو کان ويندي رليف ۽ انھن جي ٻيھر آبادڪاري تائين موثر اپائن نه وٺڻ ۽ چونڊيل عيوضين جي باقائدگي سان انھن تائين ڏک جي گھڙين ۾ رسائي نه ٿيڻ ڪري عوام جي مالڪي ڪرڻ وارو تصور ختم ٿي ويو آھي ته ٻئي پاسي ضلعي ۾ مقرر سرڪاري ڪامورا شاھي جي پڻ تازين برساتن دوران اها ڪارڪردگي رهي آهي جو سنڌ حڪومت پاران هنگامي بنيادن تي 40 لک ضلعي انتظاميه کي ڏنا ويا ان مان صرف هڪ سئو مڇردانيون ۽ 400 ٽينٽ متاثرن ۾ ورهايا ويا. هن وقت به ضلعي جي سال 2007ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت دوران جيڪو زميني رڪارڊ سڙي ويو هيو اهو 13 سالن جي گذرڻ بعد به درست ناهي ڪيو ويو. ان سبب کاتيدار گذريل 13 سالن کان سخت عذاب ڀوڳي رهيا ته ٻئي پاسي وري تازين برساتن سبب  تعلقي گھوڙاٻاري جي مختلف يونين ڪائونسلن گليل ، جاڙادالي ، محل ۽ مهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ قائم 80 کان مٿي ڳوٺن مان سوا مهينو گذرڻ باوجود برساتن جو پاڻي ناهي نڪتو، ڳوٺ اڄ به ٻڏا پيا آهن.
 

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *