تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

برساتن سنڌ کي ڪيئن ٻوڙيو !؟

هن سال برساتن ڪري سڄي سنڌ ٻڏي آهي. ڪڏهن رڳو حيدرآباد ۾ برساتون پونديون هيون ته ڪڏهن درياهه جي کاٻي پاسي ڏانهن پر هن سال سنڌ جو ڪو ٽڪرو نه بچيو آهي جتي مينهن نه پيا هجن. ڪراچي کي ٿا وٺون. احمد ڳوٺ ۾ ايترا مينهن پيا جو ماڻهو اتان لڏڻ تي مجبور ٿي ويا. ڊفينس واري علائقي ۾ به ڪن هنڌن تي ايترو پاڻي بيٺو جو ماڻهن ڪلفٽن ڪينٽونمينٽ بورڊ سامهون احتجاج ڪيا. جيڪا ڪراچي جي هڪ پوش آبادي ليکي وڃي ٿي. ناظم آباد ۾ ايترو پاڻي بيٺو جو اتي ٽريفڪ جام ٿي وئي. ڪراچي شهر جي ٻين ڪيترن علائقن ۾ به ٽريفڪ جام ٿي . سرجاڻي واري علائقي ۾ تمام گهڻي برسات پئي ۽ سڄو علائقو ٻڏي ويو.
اچو شهر حيدرآباد تي. ون يونٽ بلڊنگ وارو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو. ٿڌي سڙڪ ٻڏي وئي. لطيف آباد جي ڪن علائقن ۾ ٻيڙيون هلڻ لڳيون. قاسم آباد وارو علائقو ٻڏي ويو. سواءِ سول لائين واري علائقي جي سڄو حيدرآباد شهر ٻڏي ويو.
اچو جوهي واري علائقي ۾ جتي هميشه پاڻي جي کوٽ رهي ٿي. ليفٽ بينڪ بند ۽ گاج نئين واري علائقي ۾ کنڊ پوڻ ڪري سڄو علائقو ٻڏي ويو. ڪا جاءِ نه بچي جتي ڪجهه پوکي جا نشان ملن. ماڻهو ايترو ته تنگ ٿيا جو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي پيا.
اچو ميرپورخاص واري علائقي ۾، شهر ۾ ايترو پاڻي بيهي رهيو جو ماڻهن جي اچ وڃ بند ٿي وئي آهي. ايتري حد تائين جو شهر مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ماهرن جي هڪ ڪميٽي ٺاهڻي پئي.
اچو لاڙڪاڻي واري علائقي ۾ روڊن تي پاڻي بيٺو آهي ۽ انهيءَ کي ڪڍڻ جي واهه سمجهه ۾ نٿي اچي. الائي ڪيترا ڏينهن اهو پاڻي بيٺو رهندو.
اچو شهيد بينظير آباد ضلعي تي، جتي ڪٿي پاڻي بيٺو آهي خاص طرح هيٺاهين جاين ۾ جنهن ۾ سرڪاري بنگلا اچي وڃن ٿا. سرڪاري ڪامورا ڪهڙي نموني آفيسن ۾ پهچن ٿا.
اچو دادو ضلعي تي، سڄي ايراضي پاڻي سان ڀريل آهي. رستا ٻڏل آهن. اها خبر ناهي ته ڪڏهن پاڻي رستن تان نڪرندو ۽ ڪڏهن رستا هلڻ جهڙا ٿيندا.
اچو ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن تي. اهي سڀ هيٺاهان علائقا آهن. جتي ايترو پاڻي بيهي ٿو جنهن جي ڀيڻي ناهي. اتي مهينن جا مهينا پاڻي بيهي ٿو جيتوڻيڪ روڊ رستا کلي وڃن ٿا پر پوءِ به پاڻي بيٺو رهي ٿو.
مان ڪراچي جو ٻيهر ذڪر ڪندس، اتي ايتري تيز ۽ تکي برسات ڪڏهن به نه پئي آهي. منهنجو گهر مٿاهين تي ٺهيل آهي تنهن هوندي به گهر ۾ پاڻي اچي ويو ۽ قالين ۽ ڦراسيون سڀ خراب ٿيون. مان جڏهن کان اهو گهر ٺاهيو هو تڏهن کان اتي ايترو پاڻي نه آيو هو.
موسمي ڦير گهير:
سڀني کي خبر آهي ته موسمي ڦير گهير جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ تبديليون اچن ٿيون پيون ۽ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته انهيءُ جو سبب دنيا جي گولي جو گرمي پد وڌڻ آهي. گرمي پد انهيءُ ڪري وڌيو آهي ته صنعتي انقلاب جي نتيجي ۾ اسان نامياتي ٻارڻ (fossil fuel) جو استعمال ڪيو آهي. جنهن ڪري گرين هائوس گيس (GHS)پيدا ٿين ٿيون. اهي گيسون دنيا جي گولي جي چوڌاري هڪ ڇلو (ring) ٺاهن ٿيون. اهو ڇلو زمين کان موٽندڙ شعائن کي روڪي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ دنيا جي گولي جو گرمي پد وڌي ٿو ۽ موسمي تبديليون اچن ٿيون. مطلب اهو ته موسمن ۾ ڦير گهير دنيا جي ماڻهن جي نامياتي ٻارڻ استعمال ڪرڻ ڪري آهي ۽ جيڪڏهن اهو استعمال ٿيندو رهيو ته گرمي پد وڌڻ ڪري ماڻهن جو دنيا ۾ رهڻ ڏکيو ٿي پوندو. ڇاڪاڻ ته اهو هڪ ملڪ جو مسئلو ناهي سڄي دنيا جا ماڻهو گرمي پد وڌڻ ڪري متاثر ٿيندا. تنهن ڪري عالمي ادارن ان جو نوٽيس ورتو. گڏيل قومن واري اداري ۽ عالمي موسمياتي اداري انهيءُ ڏس ۾ هڪ عالمي پينل جوڙيو جنهن کي موسمي ڦير گهير جو بين السرڪاري پينل (international panel on climate change) سڏيو ويو جنهن کي مختصر ڪري IPCC سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ اداري کي ٽي ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويو.
1- پهريون اهو ته موسمي ڦير گهير جو سائنسي بنيادن تي جائزو وٺڻ ته ان جو ڪارڻ ڇا آهي.
2- ٻيو اهو ته موسمي ڦير گهير ڪري ڪهڙا اثر ٿين ٿا.
3- ٽيون اهو ته انهن اثرن لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ
ان جي ڪارڻ لاءِ اهو ٻڌايو ويو ته اهو نامياتي ٻارڻ جي استعمال ڪري ٿئي ٿو.جنهن ڪري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ٻيون گيسون پيدا ٿين ٿيون. اثرن بابت انهيءُ پينل ٻڌايو ته جيڪڏهن نامياتي ٻارڻ جو استعمال ايئن ئي ٿيندو رهيو ته هن صدي جي پڇاڙي تائين دنيا جي گولي جو گرمي پد وڌي 6.4 ڊگري سينٽي گريڊ ٿي ويندو ۽ 2 ڊگري جي واڌ انسان برداشت نه ڪري سگهندا. حڪمت عملي بابت انهن ٻڌايو ته 2 ڊگري واڌ لاءِ اسان کي هيرڻو پوندو ۽ 2 ڊگري کان مٿي واڌ لاءِ اسان کي نامياتي ٻارڻ جو استعمال گهٽائڻو پوندو.
نامياتي ٻارڻ ڇا آهي؟
ڪوئلي، تيل ۽ گيس گهٽائڻ جي معنيٰ انهن سان لاڳاپيل صنعتن جي ماڻهن جو نقصان. صنعتن ۾ گاڏين ۾ اهي ٽئي ٻارڻ استعمال ٿين ٿا. هڪڙي پاسي اهو ٻارڻ گهٽائڻ ۽ ٻئي پاسي متبادل ٻارڻ ڳولڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. تنهن ڪري IPCC جي مخالفت سال 2007ع ۾ ويانا ۾ ٿي. انهيءُ لاءِ هڪ ٻي تنظيم ٺاهي وئي جنهن جو نالو IPCC جي ڀيٽ ۾ N-IPCC يعنيٰ نان IPCC رکيو ويو. اها آمريڪي ورجينيا يونيورسٽي جي ڊاڪٽر سنگر ٺاهي.
پيرس معاهدو (2015)
آمريڪا ۾ آيل گهڻي تباهين کانپوءِ آمريڪي صدر بارڪ اوباما کي پڪ ٿي وئي ته موسمي ڦير گهير نامياتي ٻارڻ ڪري ٿئي ٿو ۽ دنيا جا وڌ ۾ وڌ گدلاڻ پيدا ڪندڙ پهريون نمبر چين ۽ ٻيو نمبر آمريڪا هو. انهيءَ سال 2015ع ۾ هن معاهدو ڪرايو جنهن جو نالو پيرس معاهدو رکيو ويو. اڃان اهو معاهدو ٿي رهيو هو ته آمريڪا ۾ نوان صدارتي اليڪشن ٿيڻ لڳا. نئين اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ اليڪشن دوران اعلان ڪيو ته هو ان معاهدي جي مخالفت ڪندو. جڏهن 20 ڊسمبر 2015ع ۾ هو صدر چونڊجي ويو ته هن انهي معاهدي جي مخالفت ڪئي ۽ ان مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو. معاهدي ۾ هڪ شق اها به هئي ته امير ملڪ غريب ملڪن جي مدد ڪندا. جڏهن آمريڪا جهڙو امير ملڪ ان مان نڪري ويو ته هو ڇو ڪنهن ملڪ جي مدد ڪندو؟
جڏهن گيس گهٽائڻ واري معاهدي تي عمل ئي نه ٿيندو ۽ نامياتي ٻارڻ جو استعمال ايئن ئي ٿيندو رهندو ته آسماني آفتون اينديون رهنديون، سنڌ ۽ ٻين علائقن ۾ اهڙا مينهن پوندا رهندا ۽ ملڪ ايئن ٻڏندو رهندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *