تازا ترين
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

برساتي ٻوڏ ڄاڻي عوام ڄاڻي

سرمائي شامن جي شهر حيدرآباد ۾ برسات آئي ۽ هلي به وئي پر برسات جي ڪري پيدا ٿيل ڀوڳنائون بحرحال ختم نه ٿي سگهيون آهن. حيدرآباد جي انتظاميا “مهرباني” ڪري ڪجهه رستن ۽ پاڙن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪري شهرين تي وڏو احسان ڪري ڇڏيو آهي پر هن ننڌڻڪي شهر جا انيڪ علائقا اڃان به برساتي پاڻي جي گهيري هيٺ آهن جنهن ڪري انهن علائقن جي زندگي مفلوج بڻيل آهي. دنيا جي مهذب ملڪن ۾ برسات ايندي آهي ته ماڻهن لاءِ ڄڻ تفريح جو ذريعو بڻجي پوندي آهي. اسان جهڙن ڪرپشن جي ماريل ملڪن ۾ جڏهن برسات وسندي آهي تڏهن اها برسات رحمت بدران زحمت بڻجي ويندي آهي. هي برساتون هر سال زحمت بڻجن ٿيون پر انهن برساتن کي رحمت بڻائڻ لاءِ نه ته اسان جي سنڌ حڪومت ڪڏهن ڪو سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ نه ئي وري سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل ڪامورا ڪو زحمت کي رحمت بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار هجن ٿا. برساتن جي ڪري حيدرآباد ۾ 6 ماڻهو اجل جو شڪار به ٿي ويا. 2 پورهيت ميٽ کاڻ واري علائقي جي ڳوٺ مراد ڪليري ڀرسان مينهن جي واڙي جي ڇت ڪرڻ جي ڪري زندگي وڃائي ويٺا. هڪ عورت هٽڙي باءِ پاس ڀرسان ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي. 2 ڄڻا ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا. هڪ ڄڻو ته ريلوي اسٽيشن جي علائقي ۾ برساتي پاڻي ۾ ٻڏي پوڻ جي ڪري موت جي منهن ۾ هليو ويو.
برساتن حيدرآباد جي تاريخي پڪي قلعي کي به شديد نقصان ڏنو ۽ ان جي هڪ ڀت جو حصو ڪرڻ جي ڪري 6 گهر ڊهي پٽ ٿي ويا. هي ته بظاهر ظاهري نقصان آهي جيڪو ميڊيا ۽ اخبارن به رپورٽ ڪيو. شهرين جو ان کان به وڌيڪ نقصان ٿيو آهي جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪري اليڪٽرانس جون انيڪ قيمتي شيون سڙي ويون ۽ ماڻهن جي گهرن جو فرنيچر به تباهه ٿي ويو. انهن نقصانن جي حوالي سان جڏهن سنڌ سرڪار يا ڊويزنل توڙي ضلعي انتظاميا کان سوال پڇبو آهي ته هميشه اهو جواب ايندو آهي ته برسات قدرتي آفت هئي جنهن نقصان ڪيو،
هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي.؟ سوال اهو آهي ته جڏهن برسات جي نقصانن کي روڪي نٿو سگهجي ۽ نقصانن جو ازالو به نٿو ڪري سگهجي ته پوءِ آخر عوام جي نام نهاد نمائندن ۽ سندن نالي تي نوڪر بڻجي ڪامورڪا ڌنڌا ڪندڙ آفيسرن جي وڏين وڏين ڪرسين تي ويهڻ جو باقي جواز به ڪهڙو ٿو بچي؟ برساتن جي ڪري سڀ کان وڌيڪ قاسم آباد جو علائقو متاثر ٿيو آهي جنهن جا انيڪ علائقا اڃان تائين پاڻي هيٺ آهن. ٻئي نمبر تي لطيف آباد تعلقي جا هيٺاهين وارا علائقا سخت متاثر ٿيا جتي مهر علي ڪالوني ۾ ٻيڙيون به هلائڻيون پيون. ٽئين نمبر تي شهر جي قديم تعلقي سٽي جا اڪثر اهي علائقا متاثر آهن جن کي سنڌي وسنديون ڪوٺيو وڃي ٿو. انهن وسندين جا رهواسي اڄ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي نالي تي انهن اميدوارن کي ووٽ ڏين ٿا جن بابت انهن علائقن جي رهواسين کي اها پڪ هوندي آهي ته سندن نمائندا ننهن چوٽي جو زور لڳائيندا ته به ڪاميابي ماڻي نه سگهندا. صوبي ۾ گذريل 12 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي ۽ سنڌي وسندين جي واسين جون نظرون سدائين واهر لاءِ ان حڪومت جي وزيرن ۽ مشيرن ڏانهن ٽڪيل هونديون آهن پر مجال آهي جو اقتدار سان گڏ ماکي ۽ زيتون جي تيل جي نشي ۾ ڌت ٿيل اهي نمائندا ڪو نظرون کڻي به انهن علائقن ڏانهن نهاريندا هجن.
هيل به جڏهن برساتون ٿيون ته ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومروکانسواءِ ٻيو ڪو به انتظامي آفيسر رستن تي نظر نه آيو ۽ نه ئي انتظاميا نظر آئي. خبر نه آهي ته ڊپٽي ڪمشنر کي شهر جو ڪهڙو درد هو جو هو راتين تائين جاڳندو رهيو نه ته اوسي پاسي ۾ وزير، مشير، ايم پي اي ۽ ايم اين اي به حيدرآباد ۾ ٽڪيل هئا پر ڪنهن به عوامي نمائندي لڙي وڃي ماڻهن جو حال پڇڻ گوارا نه ڪيو. شايد ئي نه پر پڪ سان اهي چونڊيل نمائندا ماکي ۽ زيتون جي تيل جي سحر ۾ گم هوندا ان ڪري انهن نمائندن کي عوام جي اهنجن ۽ عذابن جي ڪا اون ۽ فڪر نه ٿيو هوندو. حيدرآباد شهر ته ڇا پر ان جي ٻهراڙي واري تعلقي جا شهر ۽ ڳوٺ به برساتي پاڻي جي ڀوڳنائن کي ڀوڳي رهيا آهن. برسات سبب جتي ٽنڊو ڄام شهر جي واسين جون ننڍون حرام هيون اتي ئي هوسڙي، ٽنڊو حيدر، ٽنڊو قيصر، بهاول زنئور، موري منگر، جهنڊو کوسو، هٽڙي، مسو ڀرڳڙي ۽ کيسانا موري سميت ٻين ڳوٺن ۽ شهرن جي ماڻهن به سک جو ساهه نه کنيو هوندو. انهن علائقن ۾ موڪلائي ويل بجلي الائي ڪڏهن بحال ٿي ۽ نه ٿي تنهن بابت به چونڊيل نمائندن کي هروڀرو ڪا خبر چار نه هوندي. حيدرآباد سان گڏ ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، مٽياري، هالا، ڀٽ شاهه، سعيد آباد، اڏيرو لال، نصرپور، ڄامشورو، ڪوٽڙي، ٿاڻو بولا خان، نوري آباد سميت ٻين علائقن جو ڪهڙو حال آهي تنهن جي خبر به رڳو هڪ خدا ۽ ٻيو اتي رهندڙ ماڻهن کي ئي هوندي. ڪنهن شاعر خوب چيو ته “جهرڪين جا خدا بازن کي پر نه ڏي، برسات بند ڪر يا ڪچا گهر نه ڏي.” انهن سٽن ۾ ڪيڏو ته درد لڪل آهي. ٽنڊي قيصر جي شاعر آسي زميني چيوهو ته “آءُ گهڙي کن هيٺ لهي آ، پنهنجو جوڙيل ڏيهه ڏسي وڃ، ڪهڙا ماڻهو تنهنجا ماڻهو، پنهنجن تي نشان هڻي وڃ.” هي سٽون ته آسي زميني خبر نه آهي ڪهڙي خيال کان سرجيون هيون پر انهن سٽن کي پڙهي اڄ مون کي خيال آيو ته نه رڳو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پر وزيراعظم عمران خان به پڇان ته هو پنهنجي مسند تان ٿورو هيٺ لهي اهو ٻڌائي وڃن ته هنن جي ترجيح جا شهر ۽ ماڻهو ڪهڙا ڪهڙا آهن،
انهن تي نشان هڻي وڃن ته جيئن نشانن کان رهجي ويل سنڌ جا ٻيا شهر ۽ انهن ۾ رهندڙ ماڻهو سرڪارن تي ڀاڙڻ بدران مينهن جي مند ۾ پنهنجو ئي ڪو بندوبست ڪري سگهن.وڏي وزير ماڻهن تي ايترو ٿورو ڪيو جو رات جي اونداهي ۾ حيدرآباد شهر جو “غور”سان جائزو وٺي هليو ويو ۽ وزيراعظم وري هڪ اجلاس ۾ سنڌ ۾ ٻوڏ تي “ڳڻتي” جو اظهار ڪيو باقي عوام ڄاڻي ۽ برساتي ٻوڏ ڄاڻي.

Bookmark the permalink.

One Response to برساتي ٻوڏ ڄاڻي عوام ڄاڻي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *