تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

برساتي پاڻي، عوام ۽ اسان جا حڪمران

ترقي يافته ۽ سڌريل ملڪن ۽ مهذب معاشرن ۾ اتان جون حڪومتون قدرتي آفتن، مصيبتن، مشڪل حالتن ۽ هر ڏکئي وقت ۾ پنهنجي عوام جي پرگھور لهڻ نه صرف پنهنجي ذميواري، پر پنهنجو بنيادي فرض سمجھي ڪم ڪنديون آهن. پر ترقي پذير ۽ پٺتي پيل ملڪن جي حڪومتن ۽ معاشرن ۾ خاص ڪري پاڪستان يا سنڌ جھڙن ملڪن ۾ جتان جا حڪمران پاڻ کي عوام جو خادم سمجھڻ بجاءِ حاڪم تصور ڪندا هجن، اتان جي چونڊيل نمائندن يا حڪومتن کان اهڙي قسم جون اميدون وابستا ڪرڻ يا توقعات رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ يا کدڙي جي گھر۾ پُٽ ڄمڻ جي برابر هوندو آهي.
پاڪستان ۾ تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان جي حڪومت کي ٻه سال مڪمل ٿي چڪا آهن. حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن پاران پنهنجي ٻن سالن جي ڪارڪردگي به پيش ڪئي وئي آهي. پر سچ اهو آهي ته عوام جيترو جلد هن حڪومت مان بيزار ٿيو آهي اڳ شايد ٿيو هجي. عمران خان اليڪشن کان اڳ جيڪي به عوام سان واعدا ڪيا هئا، انهن مان هڪڙي واعدي تي به پورو لهي ناهي سگھيو. جنهن ڪري مسئلن، مصيبتن ۽ دردن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل عوام مهانگائي، بيروزگاري ۽ ٻين ذلتن جي زنجيرن ۾ وڌيڪ جڪڙجندو پيو وڃي. جيڪڏهن عمران خان جي وفاقي حڪومت کان پوءِ، جيري ڪارڻ ٻڪري ڪهڻ لاءِ هر وقت تيار رهندڙ رئيس وڏي واري پيپلزپارٽيءَ جي ٻارهن ورهن جي حڪومتي ڪارڪردگيءَ تي ايمانداراڻي نظر ڪنداسين ته ڪرپشن، ڪميشن، نالائقين، خودغرضين، ناڪامين ۽ مايوسين کان سواءِ ڪجھه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي.
سنڌ ۾ گذريل ڪيترن ڏينهن کان وٺي وقفي وقفي سان زوردار برساتن جو سلسلو جاري آهي، جنهن سان جاني نقصانن سان گڏ چوپائي مال، اناج ۽ فصلن جو تمام وڏو ڪاپاري نقصان ٿيو آهي. پر حڪومت پاران ڪٿي به، ڪنهن به قسم جا ڪي جوڳا بندوبست ناهن ڪيا ويا. ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ٿرپارڪر، دادو، جوهي، شهدادڪوٽ سميت سنڌ جي ٻين سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ برساتي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي آهي. پاڻي گھرن ۾ ڪاهي پيو آهي، ڪيترن ئي شهرن ۾ ماڻهن جا اجھا ڊهي پيا آهن. جنهن ڪري ويچارا ماڻهو بي يارو مددگار بڻجي کليل آسمان جي هيٺان ويهڻ تي مجبور آهن. ماڻهن جا ڪاروبار تباھ ۽ زندگيءَ جو سمورو ڪارونهوار مفلوج بڻجي چڪو آهي، جنهن سبب محنت مزدوري ڪري روز ڪمائڻ ۽ روز کائڻ وارو پورهيت طبقو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. حڪومتي سطح تي متاثر ماڻهن لاءِ ڪٿي به، ڪوبه بندوبست ٿيل نظر ڪو نه ٿو اچي ۽ نه ئي وري ان سلسلي ۾ وفاقي يا سنڌ حڪومت سنجيده نظر اچي رهي آهي. انيل ڪپور اسٽائيل سنڌ جي وڏي وزير جي هن وقت تائين جي ڪارڪردگي سکڻين ڳالهين، فوٽو سيشن ۽ ميڊيائي خبرن کان علاوه ٻڙي برابر آهي.
ڪراچي ۾ به ساڳي صورتحال آهي، جتي تقريبن چاليهن ورهين کان ايم ڪيو ايم جي حڪومت رهندي آئي آهي. هڪ ته پيپلزپارٽيءَ جي سهولتڪاريءَ ۾، ايم ڪيو ايم ٻين کاتن کان علاوه ميونسپل ادارن ۾ پڻ وڏي تعداد ۾ پنهنجي پارٽيءَ جا ڪارڪن ڀرتي ڪري ڇڏيا آهن. ٻيو ته ڪراچي اندر برسات يا ٻئي گندي پاڻيءَ جي نيڪال جا جيڪي به نيچرلي ۽ قديمي دڳ يا هاڻوڪا مين نالا آهن، انهن سمورن جي مٿان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن پاران قبضا ڪري وڏا بنگلا يا عاليشان پلازه ٺهرايا ويا آهن. جنهنڪري هينئر برساتي پاڻيءَ ۾ ڪراچي ٻڏي رهي آهي. حقيقت اها به آهي ته هڪڙو چور ٻئي چور جي خلاف قدم ناهي کڻي سگھندو. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته، هن وقت پيپلزپارٽيءَ کي وڏو موقعو آهي ته ايم ڪيو ايم جي وائيٽ ڪالر ڀرتي ڪيل هزارين ملازمن جي لسٽ پڌري ڪري انهن کان ڊيوٽي ورتي وڃي ها، يا کين نوڪري مان برطرف ڪيو وڃي ها. پر حقيقت اها آهي ته ايم ڪيو ايم جي سمورن ڏوهن ۾ پيپلزپارٽي سڌي يا اڻ سڌي طرح سندن مددگار، همدرد، ۽ هم صلاح رهي آهي. هن وقت طوفاني برساتن ۽ سنڌ حڪومت جي ڪوتاهين، خودغرضين ۽ خراب حڪمراني سبب سڄي سنڌ مصيبتن ۽ مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهي. برساتي ٻوڏ ۾ ماڻهن جي الھه تلھه لڙهي وڃڻ سان گڏ سندن اميدون ۽ امنگون به لڙهي ويون آهن. عوام جي چونڊيل ووٽن سان عوامي ۽ جمهوري حڪومت عوام جي پرگھور لهڻ، مدد ڪرڻ يا پنهنجون ذميواريون نڀائڻ کان بلڪل بيوس ۽ قاصر نظر اچي رهي آهي. اهڙين حالتن ۾ وري به ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت مصيبتن کي منهن ڏئي رهيا آهن يا وري ڪٿي ڪي صاحبِ حيثيت ماڻهو سندن مدد ڪندي نظر اچن پيا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *