تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

برسات جي تباهي ۾ وفاقي ۽ صوبائي آفيسرن جو ڪردار

فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ڪراچي جو فضائي جائزو وٺڻ کانپوءِ اربع تي واپارين سان ملاقات ۾ چيو ته ڪراچي جا مسئلا جلد حل ڪيا ويندا، ڪراچي کي ٽن سالن ۾ مڪمل تبديل ڪيو ويندو. ملاقات ۾ واپارين آرمي چيف کي ڪراچي جي مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته ڪراچي ٻه هزار 600 ارب ساليانو ٽيڪس ڏئي ٿو، شهر جا مسئلا حل ڪيا وڃن. واپارين ٻڌايو ته ڪراچي ۾ برساتن سان معاشي، واپاري ۽ صنعتي سرگرميون بيهي رهيون آهن. بجلي، گيس ۽ پاڻي جي ادارن جي سربراهن کي مسئلا حل ڪرڻ جو پابند ڪيو وڃي. ملاقات ۾ واپارين صوبائي حڪومت خلاف شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. هنن چيو ته برسات کي 6 ڏينهن گذري ويا آهن اڃان تائين پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو. جنرل صاحب چيو ته مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ بزنس ڪميونٽي کي به نمائندگي ڏني ويندي جڏهن ته شهر جي بحالي ڪميٽي ۾ پاڪ فوج سهولت ڪار هوندي. هن چيو ته ڪراچي جي مسئلن کي تيزي سان حل ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ روڊن، پاڻي، بجلي ۽ گيس جا مسئلا سڀ حل ٿيندا. هن ٻڌايو ته ڊي ايڇ اي ۽ شهر جي ٻين علائقن جو جائزو ورتو آهي، ڊي ايڇ اي ۾ اسان جي ماڻهن کان غلطي ٿي آهي. ڊي ايڇ اي ۾ غلطي جي ذميوار ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيندي.
ڊي ايڇ اي ئي نه، سموري صوبي ۾ مڪاني ادارن جي سربراهن کان به اڻ ڳڻيون غلطيون ۽ بي انتها ڪوتاهيون ٿيون آهن، انهن خلاف به ڪارروائي ضروري آهي پر صوبي ۾ جڏهن وڏي پيماني تي انهن ادارن ۾ ماڻهو سفارشن جي بنياد تي ڀرتي ٿين ٿا ان کي نظر ۾ رکندي اميد ئي نٿي ڪري سگهجي،آفيسرن جو احتساب ئي نه ٿيندو آهي، وڌ ۾ وڌ بدلي ٿي ويندا آهن. ماڻهن جو چوڻ آهي ته ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ۾ برسات متاثرن جي صورتحال ڏسي 2011ع ۾ پيل برساتن سبب پيدا ٿيل صورتحال آڏو اچي وئي. سنڌ صوبي جي ضلعي ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ برسات متاثر کليل آسمان هيٺ پاڻي ۾ ڦاٿل آهن. هي اهي ماڻهو آهن جن جا رهائشي علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن ۽ ماڻهن کي پنهنجا اجها ڇڏي روڊن جي ڪنارن تي پنهنجي مال سان ويهڻو پيو آهي. روڊ جي ڪناري ويٺل هنن ماڻهن جي ڪير سار لهڻ وارو ناهي. هڪ ٽي وي چينل جي نمائندي سان ڳالهائيندي ٽنڊو جان محمد جي هڪ متاثر شخص چيو ته اسان کي پاڻي جي هڪ بوتل به ناهي ڏني وئي جن جاين خاص طور ميرپورخاص ۾ جتي هي ماڻهو ويٺا آهن انهن جي ٻنهي پاسي سم نالي جو پاڻي ڪوڙو ۽ کارو هجڻ سبب پيئڻ جوڳو ناهي. انسانن سان گڏوگڏ سندن مال به پاڻي ۽ چاري کان محروم آهي. مٿن ڪنهن قسم جي ڪو ڇپر ناهي. انتظامي کاتي جي هڪ اهلڪار ٻڌايو آهي ته ميرپورخاص ضلعي انتظاميا کي 1700 ٽينٽ مليا هئا انهن کي ورهايو ويو، متاثرن جو انگ ايترو وڌيڪ آهي جو ورهائڻ لاءِ هزارين ٽينٽ گهربل آهن.
هڪ صحافي جو چوڻ آهي ته ماڻهو انتهائي ڪسمپرسي واري حالت۾ آهن. هن ٻڌايو ته اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ سنڌ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ آيو هو. ماڻهن پهريون ڀيرو پنهنجي پنهنجي علائقن جي اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن کي ڏٺو. ميرپورخاص ۾ جنهن مقام تي سم نالي ۾ گهارو پيو آهي اهو گهارو وڌندي وڌندي اڱاري تائين 600 فوٽ ٿي ويو هو پر ان کي بند ڪرڻ وارو ڪم شروع ناهي ٿي سگهيو. هن سم نالي ۾ گهاري سموري علائقي ۾ آباد زرعي زمينن ۽ فصلن کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي. آبپاشي واري وزير سهيل انور سيال جو چوڻ هو ته سم نالي جي گنجائش چار هزار پنج سئو ڪيوسڪ آهي پر هن ۾ 9 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهي رهيو آهي. پاڻي گنجائش کان وڌيڪ هئڻ ڪري ئي سم نالي ۾ هڪ هنڌ تي گهارو پيو آهي. عمرڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر نديم الرحمان ميمڻ موجب سندس ضلعي ۾ هڪ لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو اسڪولن جي عمارتن، ٽينٽن ۾ ته رهن ٿا پر ضلعي ۾ روڊن جي ڪنارن تي به ماڻهو ويٺل آهن. هن ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا ٻن هنڌن تي 11 سئو ٽينٽن تي ٻڌل ٽينٽ سٽي ٺاهيا آهن. انتظاميا کي چار هزار ٽينٽ فراهم ڪيا ويا هئا.
ماڻهن جي کاڌي پيتي بابت سندس چوڻ هو ته سرندي وارن کانسواءِ سيلاني ٽرسٽ کان به مدد ورتي وئي آهي جن پهرئين ڏينهن پنج هزار ماڻهن کي کاڌو ڏنو، ٻئي ڏينهن ٽي هزار کي ۽ ٽئين ڏينهن 15 سئو ماڻهن کي خوراڪ فراهم ڪئي. هو چوي ٿو ته انتظاميا لاءِ ممڪن ناهي ته ايتري وڏي انگ ۾ ماڻهن کي پڪل خوراڪ پهچائي سگهي. حڪومت جي موجودگي باوجود سيلاني جي مدد ڇا معنيٰ رکي ٿي. انتظاميا حڪومت کي چيو هو ته راشن بيگ فراهم ڪري ته جيئن اهي متاثر ماڻهن ۾ ورهايا وڃن. سندس چوڻ هو ته هڪ لک ماڻهن کي پڪل کاڌو پهچائڻ ڏکيو ڪم آهي. حڪومت ويهه هزار ٿيلها فراهم ڪري ڇڏيا جن کي علائقن ۾ ورهايو ويو. پهرئين مرحلي ۾ پيل برسات کانپوءِ ماڻهو سرڪاري اسڪولن جي عمارتن ۾ اچي ويا جتي حڪومت کين خوراڪ فراهم ڪئي هئي. 29 آگسٽ کان پيل برسات کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. متاثر ماڻهن کي جتي جاءِ ملي هنن اتي پناهه ورتي. پلاسٽڪ وغيره سان ڇپر ٺاهي پاڻ کي برسات کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. متاثرن جي اڪثريت انهن ماڻهن تي ٻڌل آهي جيڪي زرعي زمينن تي هارپو ڪن ٿا. هنن ماڻهن سان 2011ع ۾ به ايئن ئي ٿيو هو. هنن جي زميندارن هنن جي سرپرستي ڪرڻ بدران هنن کي ڪٿي به پناهه وٺڻ لاءِ چئي ڇڏيو هو. ماڻهو اهڙي ريت عمرڪوٽ ۾ واري دڙن تي ويٺل هئا. هن ڀيري به ماڻهو روڊن جي ڪنارن ۽ واري جي دڙن تي پناهه وٺي ويٺل آهن. عمرڪوٽ اڌ ضلعو واري جي دڙن تي ٻڌل آهي. جتي جتي کليل ميدان آهن اهي سڀئي پاڻي ۾ ٻڏل آهن.
مون سون اوچتو ناهي آيو. موسميات کاتو لاڳيتو اطلاع ڏئي رهيو هو پر ڪراچي کان صوبي جي ڏورانهن علائقن تائين احتياطي ۽ حفاظتي اپائن جي سخت کوٽ ڏسڻ ۾ آئي. ڪراچي ۾ نالي تي قائم اڏاوتن کي ڪيرائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي پر حڪومت بلڊنگ ڪنٽرول کاتي کان ناهي پڇيو ته هنن حددخلين جي اڏجڻ ۾ سندن ڪهڙو ڪردار آهي. پڪن اڏيل گهرن کي بجلي، پاڻي، گيس ڪنهن ڪهڙن بنيادن تي فراهم ڪئي هئي. مطلب صاف ظاهر آهي ته مختلف کاتن جا اهلڪار ئي ان جا ذميوار آهن ۽ اهي آفيسر ذميوار آهن جن جن جي دور ۾ هي حددخليون قائم ٿيون هيون. ٻين شهرن ۾ به حددخلين جي اها ئي حالت آهي. پاڻي نيڪال جي گذرگاهن تي اڏاوتون ٺهي ويون آهن جنهن سبب برسات متاثر تباهي جي ور چڙهيل آهن. ماڻهو فوج جي سربراهه کي اهو ئي چئي سگهن ٿا ته اي چاره گر، ايڪ نظر اڌر ڀي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *