Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_ehh5ggvud7gkj05s0f1v3lc829, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
برسات متاثر آبادگارن جي سهائتا ۾ ايڏي دير ڇو؟؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar برسات متاثر آبادگارن جي سهائتا ۾ ايڏي دير ڇو؟؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات ٿڌ ۾ واڌ*
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*

برسات متاثر آبادگارن جي سهائتا ۾ ايڏي دير ڇو؟؟

برساتون ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ پيون آهن، نقصان به ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ٿيو آهي، سنڌ جي وڏي وزير ٻه ڀيرا پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ نقصان جو خود اعتراف ڪيو آهي ته برساتن ڪراچي شهر کان وڌيڪ ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ آندي آهي ڪالهه گذريل ڏينهن سنڌ سرڪار جيڪو اجلاس ڪيو آهي ان ۾ ڪراچي جي برساتي نالن تان لڏپلاڻ ڪندڙن لاءِ 12 هزار فليٽ اڏڻ جي منظوري ڏني آهي ۽ اهڙي اعلان تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ 2 ڪميٽيون پڻ جوڙيون آهن، اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته انهن نالن جي ڀرمان لڏ پلاڻ ڪندڙ ماڻهن کي گهر اڏي ڏيڻ لاءِ 258 ارب کان به وڌيڪ خرچ اچي سگهي ٿو،
سنڌ سرڪار جو اهو بهتر فيصلو آهي پر هڪڙو سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هي فيصلو صرف ڪراچي شهر تائين محدود ڇو آهي ڇاڪاڻ ته ڪاڇي کان وٺي سانگهڙ تائين عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، سجاول ضلعن ۾ لکين گهر برسات سبب نه رڳو ڪريا آهن پر پاڻي جي وهڪرن ۾ ماڻهن جو الهه تلهه لڙهي ويو آهي، فصل به انهن ضلعن ۾ مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن روڊ رستا ٽٽي ويا آهن، وڏي تعداد ۾ چوپايو مال پڻ مري ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ سرڪار کي سڄي سنڌ لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن. ماڻهن جي لڏپلاڻ رڳو ڪراچي جي نالن تان ناهي ٿي پر ايل بي او ڊي جي گهارن سبب سوين ڳوٺ مڪمل ميسارجي تباهه ٿي ويا آهن، اتي جا ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري ٻين علائقن ڏانهن هليا ويا آهن انڪري انهن جي بحالي به سرڪار جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي. شهر ۾ برسات سبب ان وقت تائين ڪاروبار بند هوندو آهي جيستائين يا ته برسات وسندي پئي آهي يا ته برسات جو پاڻي بيٺل رهندو آهي،
جيئن ئي برساتي پاڻي نيڪال ٿيندو آهي ته ڪاروباري سرگرميون شروع ٿي وينديون آهن ۽ ماڻهو پنهنجي روزگار سان لڳي ويندا آهن پر ٻهراڙين جو قصو ڪجهه منفرد آهي ڇاڪاڻ ته ٻهراڙين ۾ ماڻهن جو گذر سفر فصل تي ٿئي ٿو ۽ اهو فصل گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينن بعد اپت ڏيندو آهي، 6 مهينن تائين هاري توڙي آبادگار قرض کڻي ٽريڪٽرن ۽ ٽيوبيلن جا تيل ڀري، ڀاڻ، ٻج ۽ زرعي دوائون وٺي فصل ڪاهيندو آهي. برساتي پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ بعد اهو فصل هميشه تباهه ٿي ويندو آهي جنهنڪري ان آبادگار ۽ هاري جا نه رڳو 6 مهينن جا فصل سڙندا آهن پر ايندڙ 6 مهينن جو هو پڻ قرضي ٿي ويندو آهي ان ڪري سنڌ سرڪار کي سڀ کان وڌيڪ ڌيان سنڌ جي انهن ضلعن تي ڏيڻ گهرجي جتان اڃان تائين پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو. جنهنڪري هي 6 مهينن جو فصل ته تباهه ٿي ويو پر ايندڙ 6 مهينن لاءِ پڻ آبادگار نئون فصل پوکي نه سگهندا، سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران اعلان ڪيو هو ته انهن آبادگارن کي ڀاڻ ٻج جي مد ۾ مدد ڪرڻ سان گڏوگڏ وفاقي سرڪار کي به درخواست ڪنداسين ته زرعي قرض ۽ ٻيون وصوليون معطل ڪيون وڃن، وڏي وزير جي اهڙي اعلان کي ٻه هفتا گذري چڪا آهن پر اڃا تائين ان سلسلي ۾ ڪي ڪوششون ناهن ورتيون ويون، هن وقت به سانگهڙ کان بدين تائين ايل بي او ڊي جي ڀر ۾ رهندڙ ماڻهو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب پنهنجي ڳوٺن ۾ وڃي نه سگهيا آهن ۽ اهي مختلف بندن، واهن ۽ شاخن جي ڪنارن تي ويٺل آهن،
اهي ماڻهو پنهنجي ڳوٺن طرف صرف ان صورتحال ۾ وڃي سگهندا جڏهن پاڻي نيڪال ٿي سگهندو، سنڌ سرڪار کي هنگامي بنيادن تي برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ گهرجن، گڏوگڏ عشر، ڍل ۽ آبياني جون وصوليون معاف ڪرڻ جو پڻ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ گهرجي. سنڌ سرڪار کي سنڌ جي آبادگارن جي مالي سهائتا لاءِ ٻج ۽ ڀاڻ جي مد ۾ پڻ ڪو فيصلو ڪرڻ گهرجي انهن فيصلن ۾ جيتري دير ٿيندي اوترو آبادگارن جو نقصان ٿيندو ۽ ان جو سڄو معاشي بار صوبي مٿان ئي پوندو ڇاڪاڻ ته اسان جو صوبو زرعي صوبو آهي ۽ جن علائقن ۾ هن وقت برسات تباهيون آنديون آهن اهي ضلعا زراعت جي حوالي سان انتهائي زرخيز ضلعا آهن انهن ئي ضلعن ۾ ڪڻڪ، مرچ، ڦٽيون، ڪمند، سبزيون ۽ ٻيو اناج ٿئي ٿو.
انڪري پنهنجي صوبي جي معاشي زندگي بچائڻ لاءِ جهڙي ريت ڪراچي شهر بابت تڪڙا فيصلا ڪيا پيا وڃن اهڙي ئي جذبي سان ميرپور خاص ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ برسات متاثرن جي مدد ۽ واهري لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *