تازا ترين
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

بشير ميمڻ جو انٽرويو ۽ احتساب جي حقيقت

اسلام آباد جو شهر ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان خبرن جو مرڪز رهيو آهي، هيل به ڪجهه ايئن ٿيو آهي ته اڳوڻي ڊي جي ايف آئي اي بشير ميمڻ صحافي مطيع الله جان کي سندس يو ٽيوب چينل لاءِ ڏنل انٽرويو ۾ موجوده تبديلي سرڪار ۽ ان جي سربراهه وزير اعظم عمران خان جي ادارن ۾ مداخلت واري پاليسي کي پڌرو ڪري ڇڏيو آهي، بشير ميمڻ پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته تبديلي سرڪار جي حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ کيس ملڪ جي سڀ کان وڏي سرڪاري آفيس ۾ ڪيترائي ڀيرا گهرائي ڪري هر اهو ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويو جيڪو هن وقت نيب جو چيئرمين ڪري رهيو آهي. هن سوال جي جواب ۾ چيو ته وزير اعظم جي حڪم تي پنجاب جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري اڪبر دراني جي سربراهي ۾ لاهور ۾ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ نواز شريف، مريم نواز، ڪيپٽن صفدر جي حوالي سان مون آڏو ريڪارڊ پيش ڪيو ويو ان تي به مون هن رياست جي ملازم هئڻ جي حيثيت سان انهن کي مشورو ڏنو ته ايف آئي اي ان ۾ ڪجهه نه ڪري سگهندي، پيش ڪيل رڪارڊ اينٽي ڪرپشن جي دائره اختيار ۾ اچي ٿو. بشير ميمڻ جو چوڻ هيو ته مونکي وزير اعظم آفيس ۾ جيترا ڀيرا به گهرايو ويو صرف اها ڳالھه ڪئي وئي ته ڪارروائي ڪيئن ٿيندي، مون انهن کي هر ڀيري اهو جواب ڏنو ته قانون مطابق جيڪا ڪارروائي ٿيندي اها ڪنداسين. هن جو چوڻ هيو ته وزير اعظم ته هڪ ڀيري حد ڪري ڇڏي ته سندس جي گهرواري جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ان تي به گهرائي ڪري چيو ويو ته اها تصوير ن ليگ جي سوشل ميڊيا سيل جاري ڪئي آهي ان ڪري مريم خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي وڃي، ان معاملي تي وزير اعظم کي انڪار ڪيو ته اهو ممڪن ناهي ته دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪجي، ان کان پوءِ منهنجي خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي، سپريم ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ورزي ڪندي ريٽائرمنت کان پندرنهن ڏينهن پهريان بدلي ڪري تذليل ڪئي وئي.
بشير ميمڻ جو انٽرويو موجوده صورتحال ۾ هڪ نئون پينڊورا باڪس کوليندي وزير اعظم عمران خان جي ادارن ۾ مداخلت نه ڪرڻ واري نعري کي غلط ثابت ڪري ٿو، ان کان اڳتي ڏسجي ته وزير اعظم جو جيڪڏهن ڪو سرڪاري آفيسر ڪم نٿو ڪري ته ان سان ڪهڙي حالت ڪئي وڃي ٿي، بشير ميمڻ جي انٽرويو مان هڪ ڳالھه ته ثابت ٿئي ٿي ته تبديلي سرڪار پنهنجي حڪومت جي اچڻ واري پهرين ڏينهن کان ادارن ۾ مداخلت ۽ پنھنجي سياسي مخالفن کان انتقام وٺڻ جي ايجنڊا تي ڪيئن ڪم ڪيو. بشير ميمڻ جو انٽرويو اهو به ثابت ڪري ٿو ته ڪيتري حد تائين وڃي ڪري سرڪاري ملازمن کي پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪيئن سياسي مخالفن کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، وزير اعظم جي آفيس جو ڪيئن استعمال ڪيو ويو.بشير ميمڻ جي انٽرويو جي موجوده سياسي صورتحال ۾ پنهنجي جڳهه تي اهميت آهي پر عدالتي سطح تي ڏسجي ته ان جو هن وقت عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن تي ان جو ڪهڙو اثر پوندو، اسان کي ياد آهي ته اسلام آباد جي احتساب عدالت جي اڳوڻي جج ۽ وڊيو ليڪس جي مک ڪردار جج ارشد ملڪ جي وڊيو کي اهڙي طرح سان نواز شريف ۽ مريم نواز شريف جي حوالي سان استعمال ڪيو ويو، ان وڊيو عدالت ۾ هلندڙ ڪيسن مٿان اهڙو ته اثر وڌو جو ان ڪيس جو ڪنهن حد تائين رخ بدلجي ويو، اهڙي طرح هن انٽرويو جو به ڪيسن تي اثر پوندو. هن انٽرويو کي سياسي طور ن ليگ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، مريم اورنگزيب ان تي پريس ڪانفرنس ڪري واضع ڪيو ته سندس قيادت خلاف ڪيئن ادارن جي ڪم ۾ مداخلت ڪئي وئي، ان انٽرويو کي عدالت ۾ به نواز شريف جو وڪيل استعمال ڪري سگهندو ۽ عدالت کان استدعا ڪري سگهي ٿو ته بشير ميمڻ کي گواهه جي حيثيت ۾ طلب ڪري ڀڇيو وڃي ته وزير اعظم کيس ڪيتري حد تائين ڪيس داخل ڪري انڪوائري ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. هن وقت ن ليگ جيڪا سڀ کان وڌيڪ تبديلي سرڪار کان متاثر آهي انهن لاءِ بشير ميمڻ جو انٽرويو ڪنهن تازي هوا جيان آهي، اهو انٽرويو سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ آهي، اهي ان ذريعي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن ته وزير اعظم عمران خان جي ذاتي خواهشن کي نيب چيئرمين پورو ڪري رهيو آهي جن کي بشير ميمڻ پورو نه ڪيو،بشير ميمڻ جي انٽرويو نيب جي ڪردار تي سواليه نشان لڳائي ڇڏيا آهن ته جيڪي ڪم هن ڪرڻ کا انڪار ڪيا اهي نيب موجوده چيئرمين جي موجودگيءَ ۾ ڪري رهي آهي، اسان کي اهو به ذهن ۾ رکڻو پوندو ته سپريم ڪورٽ جي جسٽس مقبول باقر ن ليگي اڳواڻ خواجه سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي ڪيس ۾ جيڪو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ان ۾ نيب مٿان سياسي انجنيئرنگ جا الزام لڳايا ويا، هاڻي انهن لڳايل الزامن مٿان مهر لڳي وئي آهي ته نيب، تبديلي سرڪار جي هٿ جو رانديڪو آهي جتي وڻي ٿو ان کي استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ هي انٽرويو نيب جي مٿي ڪنهن ڪاري داغ کان گهٽ ناهي. نيب کان هن وقت ملڪ جو شايد ئي ڪو جمهوري سوچ رکندڙ شخص بچيل هجي، نواز شريف، شهباز شريف، آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مريم نواز، خورشيد شاهه سميت ڪيترائي سياستدان نيب جي شڪنجي ۾ آهن، بشير ميمڻ جي انهيءَ انٽرويو سوشل ميڊيا تي ايترو ته اثر ڇڏيو آهي جو عمران خان جي سرڪار ۽ نيب لاءِ به پريشاني پيدا ٿي چڪي آهي، حڪومتي حلقا ان انٽرويو کي نيگيٽو انداز ۾ ڏسندي ان انٽرويو جو جائزو وٺي رهيا آهن ته ڇا ڪجي، ان جو جواب ڏيڻ لاءِ ڪهڙي حڪومتي شخصيت کي اڳتي ڪجي.عدالتي محاذ تي جيتوڻيڪ ن ليگ تبديلي سرڪار جي انتقام جو نشانو بڻجي رهي آهي اتي ئي پيپلز پارٽي به انتقام جي چڪي ۾ پيسجي رهي آهي، پيپلز پارٽي به بشير ميمڻ جي انٽرويو کي پنهنجي نظر سان ڏسندي پر اهو ڪو نه وساريندي ته بشير ميمڻ سپريم ڪورٽ ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ بيشڪ عدالت جي حڪم تي ئي ڪهڙي طرح انڪوائري ڪري ثبوت فراهم ڪيا ۽ انهن ثبوتن سامهون اچڻ ڪري اومني گروپ جي سربراهه خواجا انور مجيد ۽ سندس خاندان وارا جيل ڪاٽي رهيا آهن، آصف علي زرداري سميت خواجا فيملي جي سمورن ميمبرن مٿان نيب جي سمورن ڪيسن ۾ فرد جرم لاڳو ٿي چڪي آهي، اهو سڀ بشير ميمڻ جي عدالتي حڪم تي ڪيل انڪوائري جي نتيجي ۾ ٿيو آهي.
مونکان اسلام آباد جا اهي ڏينهن به نٿا وسرن جڏهن عمران خان ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ۽ وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري چونڊ جا نتيجا عوامي يا وري ڪنهن ٻئي طريقي سان پنهنجي حق ۾ ڪرايا،ان ڌرڻي ۾ هن هميشه قانون جي عملداري جي وڏي واڪي ڳالھه ڪئي، پر عملي طور هو حڪومت ۾ اچي قانون تي عملداري واري نعري تي ڪيترو عمل ڪندي نظر آيو، ان جو عملي نمونو بشير ميمڻ پنهنجي انٽرويو ۾ پيش ڪيو آهي ته ڪهڙي طرح هو ادارن جي سربراهن کي پاڻ وٽ گهرائي خواهش مطابق ڪم لاءِ چوندو هيو. ان انٽرويو کي سامھون رکجي ته تبديلي سرڪار جي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ملڪ جي بيوروڪريسي اهو چئي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ته نيب چيئرمين ۽ وزير اعظم جا بيان اھڙا آھن جو ڪم ڪرڻ کان ڊپ لڳي ٿو، اھڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کانپوءِ انهن کي اطمينان ۾ ورتو ويو پوءِ آفيسرن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.
هن تبديلي سرڪار جي دور ۾ نيب جي ڪردار مٿان هونئن ته ڪيترائي سوال اٿندا رهيا پر هن ڀيري سسٽم جو حصو رهندڙ بشير ميمڻ جي انٽرويو انهن سوالن کي حقيقي صورت ۾ هجڻ جو ٺپو لڳائي ڇڏيو ۽ سوچڻ وارن کي مجبور ڪيو ته شخصي خواهشن تي عمل نه ڪرڻ وارا آفيسر ڪيترو پريشان هوندا ۽ جيڪي انهن سان گڏ ھوندا انهن جو ڇا حال هوندو. بحر حال تبديلي سرڪار کي هر ايندڙ ڏينهن سياسي طور پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ اپوزيشن پارٽين جي انهن الزامن کي عوام سچ سمجهي رهيو آھي ته ھن حڪومت ۾ سياسي انتقام لاءِ ادارن جو استعمال ٿئي ٿو، اظهار راءِ جي آزادي کسي پئي وڃي، جيڪڏهن انهن جي خلاف وڃي ڪري ڪا ڳالهه ڪجي ٿي ته ان جا نتيجا ڪنھن به صورت ۾ سامهون اچن ٿا جيئن بشير ميمڻ جي پينشن روڪي ان کي تنگ ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *