Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_gm8ds8cab6nvfmcmcbtdmsj9ph, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
بلدياتي چونڊون ۽ اسان جون ذميواريون - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar بلدياتي چونڊون ۽ اسان جون ذميواريون - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

بلدياتي چونڊون ۽ اسان جون ذميواريون

تازو ئي سنڌ ۾ مڪاني ادارن جا ڪائونسلرز، يوسي چيئرمين، ٽائون چيئرمين، ميونسپل چيئرمين ۽ ميئر پنهنجو مدو خير سان پورو ڪري گهر هليا ويا آهن. سندن ڪارڪردگي عوام جي آڏو پڌري پٽ پئي آهي. سندن ڪيل ڪم جي پت تڏهن وائکي ٿي جڏهن تازو برساتن ننڍن وڏن شهرن ۾ نيڪال جو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو . ننڍن وڏن شهر ۾گندگيءَ جو ڍير لڳا پيا آهن. شهرن توڙي ڳوٺن جي حالت جيڪا چار پنج سال اڳ هئي، هاڻي ان کان به بدتر آهي، نه عوام جي تقدير بدلي ۽ نه ئي وري شهرن جي حالت بهتر ٿي پر ها ايترو ضرور ٿيو آهي جو چونڊيل مڪاني ادارن جي سڀني ڪائونسلرن، چيئرمينن جي حالت ضرور تبديل ٿي! سندن مالي حالت بهتر ٿي آهي سندن رهڻ جو انداز بهتر ٿيو آهي جنهن کي اڳ ۾ موٽر سائيڪل هئي ان ڪار ورتي ۽ جنهن کي ننڍي ڪار هئي ان وري نئين ماڊل جي ڪار ورتي ، اڳ ۾ جنهن کي ننڍو گهر هيو ان وري وڏو بنگلو ورتو ۽ بينڪ بيلنس ۾ واڌ ڪئي.
ڀنگيءَ کان وٺي ڪلارڪ تائين جون نوڪريون پنهنجي مائٽن کي ڏنيون. سڄي سنڌ ۾ هڪ به يونين چيئرمين يا ٽائون/ميونسپل چيئرمين نه هيو جنهن ڪائونسلرن سان ملي ڀڳت ڪري عوامي بجيٽ جيڪا لکن نه پر ڪروڙن ۾ هئي ان جي ڀينگ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڇڏي هجي ، بجيٽ ۾ وڌ کان وڌ تيل جا بل، ڪوڙيون ترقياتي اسڪيمون ڏيکاري عوام سان ويساهه گهاتيون ڪيون ويون آهن. عوام جي پيسي کي پنهنجي وڏن جي ملڪيت سمجهي ڦريو ۽ لٽيو آهي ۽ عوام/ماڻهو ويچارا سندن درن تي ڌڪا ٿاٻا کائي رهيو هو، عوام جي اهائي گند کڻڻ، ناليءَ جو ٺهڻ، گهٽي پڪي ڪرڻ واري اميد، اميد ئي رهي.. عوامي نمائندا مدو پورو ڪري گهر روانا ٿيا.
سڄي سنڌ ۾ڪو هڪ به يو سي / ٽائون ڪميٽي، ميونسپل ڪميٽي چيئرمين يا وري ڪنهن ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئرهجي جنھن ڪو ھڪ به شھر ماڊل ڪري ٺاهيو هجي. جيڪو شهري/ عوامي امنگن تي هجي ، جنهن ۾ ڪو نالي / ڊرينيج، صفائي سٿرائي جو نظام پڪيون گهٽيون هجن، جو چئي سگهجي، ته شهر جو نظام درست رخ ۾ آهي.
هيءَ ته هئي گذريل مڪاني نظام جي چونڊيل نمائندن تي ڪجهه نظر! پر سوال هي آهي ته هاڻي نيٺ ڇا ڪجي؟ روئجي پٽجي يا سڌارو آڻجي، ڇو ته مٿان وري مڪاني اليڪشن اچڻي آهي.
هڪ سياسي چوڻي آهي ته “دنيا جي عظيم قومن ووٽ جي طاقت ۽ ان جي درست استعمال وسيلي قومي مفاد، قومي خودمختياري ۽ اعليٰ منزل ماڻي آهي.” ته پوءِ ڇا ايئن سنڌ ۾ ممڪن ڪونهي؟اچو ته ووٽ جو رخ درست ڪيون ، پنهنجي ووٽ کي قومي،سياسي ۽ اجتماعي مفادن سان ڳنڍي ھڪ بھتر انصاف وارو ۽ خوشحال سماج جوڙجي. جنهن لاءِ ڪجهه گذارشون آهن جيڪي پڙهندڙن آڏو پيش ڪجن ٿيون.
1.سڀ کان پهرين گذريل چونڊيل نمائندن کان پڇاڻي وارو عمل. پهرين ڪارڪردگي رپورٽ جي گهر ڪجي. عوامي بجيٽ ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿي؟ وارو سوال ڪجي. ڇو ته هو عوام جي ووٽ تي چونڊيل هئا ۽ اخلاقي طور عوام آڏو جوابده آهن.
2.ٻئي پاسي ڳوٺن، ننڍن توڙي وڏن شهرن جا سنجيده ۽ ايماندار، باڪردار پڙهيا لکيا نوجوان توڙي بزرگ هاڻي کان ئي ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ اليڪشن جي تياري ڪن. صلاح مشورا توڙي رٿا بندي ڪن.
3.جيڪي ماڻهو اليڪشن ۾ بيهن انهن جي همت افزائي ڪن ۽ جيڪي نه ٿا بيهي سگهن سي وري انهن جي هر طرح جي اخلاقي توڙي مالي مدد ڪن. ڇاڪاڻ ته هن مڪاني اليڪشن جي حد تمام ننڍي، يعني وارڊ جيڪو ٽي کان چار هزار آبادي تي مشتمل هجي ٿو. جنهن جي لاءِ هروڀرو به ڪنهن وڏي خرچ جي ضرورت نٿي پوي. بس رڳو همت، جذبي، ايمانداري، نيڪ نيتي ۽ ڪجهه ڪرڻ جو ارادو هجڻ ضروري آهي.
جيستائين سماج جا چڱا ماڻهو سياست جو حصو نه بڻجندا تيستائين ڪابه مثبت تبديلي ڪونه ايندي.
نه ته ساڳيا بيڪار، ناڪارا، بي ايمان، راشي ماڻهو ئي اسان جا نمائندا هوندا. سماج جي ڀڃ ڊاهه ڪندا رهندا ۽ اسين رڳو روئيندا پٽيندا رهنداسين ۽ اهي ئي اسان جي قسمت جا فيصلا ڪندڙ هوندا اچو ته هنن ڪرپٽ ۽ بي ايمان ماڻهن جي رستي روڪ ڪريون ۽ پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن پاڙن، گهٽين جي مالڪي ڪيون. ايندڙ مڪاني اليڪشن کي سنجيده وٺون،اڃان مڪاني اليڪشن جو باضابطا اعلان سرڪار ڪونه ڪيو آھي پر عدالت سڳوريءَ دلچسپي ڏيکاري آھي ان لاءِ صوبائي اليڪشن ڪميشن ۽صوبائي حڪومت کي عدالت گھرائي چيو آھي ته جلد کان جلد مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن
اسانکي ھاڻي کان ئي تياري ڪرڻ شروع ڪرڻ گهرجي ،پاڻ ۾ شروعاتي گڏجاڻيون ڪري ،ماڻھن کي ووٽ/اليڪشن جي اھميت کان آگاھه ڪرڻ گهرجي ۽ ايندڙ نسل لاءِ اهڙو شاندار سماج جوڙجي جنهن تي اسانجو ايندڙ نسل فخر ڪري سگهي. بي ايمان ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي عبرت جو نشان بڻائجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *