تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

بلدياتي چونڊون ۽ نئين سياسي صف بندي!

اڃا ته اھا به پڪ ناھي ته نيون مڪاني چونڊون وقت سر ٿينديون به يا نه؟ پر سجاول جي ضلعي ڪائونسل ۽ ٽائون ڪاميٽي جون واڳون سنڀالڻ لاءِ ڪيترائي سياسي ماڻھو سنبري رھيا آھن، ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين عثمان خان ملڪاڻي يقينن اھو ئي سوچيندو ھوندو ته ھو جنھن ڪرسي تي ويٺل آھي ٻيھر به ساڳي ڪرسي سندس ئي حوالي ٿئي ته بھتر ٿيندو ۽ ھو ان لاءِ ھر قسم جي ممڪن ڪوشش ضرور ڪندو. ھڪ ڀيري جڏھن عثمان خان ملڪاڻي کان ڪنھن صحافي پاران اھو سوال پڇيو ويو ھو ته ڇا توھان وري به ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين شپ جا اميدوار آھيو؟ ته ھن وراڻيو ھو يقينن آئون ته اميدوار آھيان پر فيصلو پيپلز پارٽي جي قيادت ڪندي، قيادت جنھن کي به ان سيٽ تي آڻيندي اسان قيادت جو فيصلو قبول ڪنداسين.
جڏھن به سياسي اڳواڻ اھو روايتي جواب ڏيندو آھي ته جيڪو فيصلو پارٽي قيادت ڪندي اھو قبول ھوندو تڏھن ان مان اھو سادو مطلب ھوندو آھي ته قيادت جو فيصلو قبول ڪرڻ مجبوري آھي پر اھو اڳواڻ ننھن چوٽي جو زور ضرور لڳائيندو آھي ته شال قيادت مٿس راضي ٿئي ۽ وري به ساڳي سيٽ کيس ڏيڻ جي عنايت ڪري ڇو ته پيپلز پارٽي جيڪا ھڪ عوامي ۽ جمھوري پارٽي ھجڻ جي دعوي ڪندي رھي آھي ان پارٽي جي پنھنجي تنظيمي جوڙ جڪ ۾ به ڪا جمھوريت نظر نٿي اچي، پارٽي جي تنظيمي جوڙ جڪ لاءِ ڪنھن کي ڪھڙو عھدو ڏيڻو آھي اھو فيصلو قيادت پاڻمرادو ڪري ڇڏيندي آھي ۽ باقي سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سچي دل سان يا مٿين دل سان ان فيصلي تي لبيڪ چوڻو پوندو آھي، اھڙا ڪيئي مثال موجود آھن، ھڪ ڀيري جڏھن پ پ قيادت شيرازي اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏيڻ تي غور ڪري رھي ھئي تڏھن سجاول جي ھڪ جذباتي اڳواڻ اعلان ڪيو ھو ته جيڪڏھن شيرازين کي ٽڪيٽ ڏني وئي ته آئون احتجاج طور پاڻ کي باھ ڏئي ڇڏيندس، پر وري به قيادت چونڊن لاءِ ٽڪيٽون شيرازي اميدوارن کي ڏئي ڇڏيون ھيون ۽ ضلعي جي سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي لبيڪ چوڻو پئجي ويو ھو، ان کان گھڻو پوءِ جڏھن ارباب وزير ميمڻ پيپلز پارٽي ضلعي جو صدر ھو تڏھن ڪيترن ئي تعلقي صدرن سندس خلاف احتجاج ڪندي گھر ڪئي ھئي ته کيس ضلعي صدارت تان ھٽايو وڃي، تعلقي صدرن پنھنجا حامي جيالا ساڻ ڪري ڪراچي وڃي بلاول ھائوس تي دانھون ڪيون ھيون پر سندن دانھون ڪنھن به نه ورنايون ۽ ارباب ضلعي صدر ئي برقرار رھيو. وري جڏھن نثار کھڙي جي اڳواڻي ۾ پارٽي جي جوڙيل ڪاميٽي نئين سر تنظيم سازي لاءِ سجاول جي تعلقي ميرپور بٺوري ۾ پھچي نئون ضلعي صدر چونڊڻ لاءِ ڪارڪنن کان راءِ وٺڻ لاءِ پھتي ھئي تڏھن ضلعي جي اڪثر ڪارڪنن وري به ارباب وزير ميمڻ تي اعتماد ڪندي کيس ئي ضلعي صدر برقرار رکڻ جي راءِ ڏني پر جڏھن ڪاميٽي راين جا ڀنڊار کڻي قيادت وٽ پھتي ته قيادت ھڪ فرمان جاري ڪري ارباب وزير بدران محمد علي ملڪاڻي کي ضلعي صدر مقرر ڪري ڇڏيو جيڪو اڄ تائين ان عھدي تي برقرار آھي، اھڙي ريت کوڙ سارا مثال موجود آھن جيڪي گواھي ڏين ٿا ته پيپلز پارٽي جي قيادت جيڪو فيصلو ڪري ڇڏيندي آھي اھو حتمي ھوندو آھي ان ۾ مقامي ڪارڪنن يا اڳواڻن جو ڪو عمل دخل ناھي ھوندو. اھوئي سبب آھي جو جنھن به اڳواڻ کان ڪو سوال پڇيو ويندو آھي ته ھو جواب ۾ چوندو آھي ته جيڪو فيصلو قيادت ڪندي اھو قبول ھوندو، ڇو ته کيس خبر ھوندي آھي سندس راءِ جي قيادت آڏو شايد ڪا اھميت نه ھوندي، پوءِ اڳواڻ قيادت جي ويجھن ماڻھن کي ريجھائڻ جون ڪوششون ڪندا آھن. ھن ڀيري جڏھن آگسٽ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن جو مدو پورو ٿي رھيو آھي تڏھن ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين شپ لاءِ ڪيترائي اڳواڻ سنبري پيا آھن، ھڪ طرف موجوده ضلعي چيئرمين عثمان ملڪاڻي به ساڳي ڪرسي تي ويھڻ لاءِ سوچي رھيو آھي ته ٻئي طرف شيرازي گروپ پاران پڻ ڪوششون ڪيون وينديون ته ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين ھن ڀيري سندن اميدوار بڻجي. اھي پڻ چوٻول آھن ته محمد علي ملڪاڻي ۽ عثمان ملڪاڻي وارين ڌرين ۾ ان بابت اندروني جوڙ توڙ بابت ڳالھيون ھلندڙ آھن.
ٻئي طرف سجاول ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شپ لاءِ موجوده چيئرمين شير علي شاھ بخاري يقينن ھر ممڪن ڪوشش ڪندو ته ھو وري به ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شپ ماڻي ۽ خلق جي ساڳي خدمت ڪري جيڪا ھو گذريل عرصي دوران ڪندو رھيو آھي ته ساڳي وقت جي يو آءِ جي ڪائونسلر حاجي اسلم ميمڻ پاران پڻ ٽائون چيئرمين ٿيڻ لاءِ ڪوششن جا افواھ گردش ڪرڻ لڳا آھن، گذريل چونڊن بعد اھو حاجي اسلم ميمڻ ئي ھو جنھن شھري اتحاد جي اڳواڻن کي سڏائي کين چيو ھو ته چيئرمين شھر جي ڀينگ ڪري ڇڏي آھي بجيٽ ھڙپ ڪري ويو آھي ڪو ترقياتي ڪم نه ٿيو آھي توھان ساٿ ڏيو ته چيئرمين خلاف تحريڪ ھلايون ۽ پوءِ جڏھن شھري اتحاد ٽائون چيئرمين خلاف ميدان ۾ لھي پيو تڏھن اسلم ميمڻ پويان پير ڪري غائب ٿي ويو ۽ ڪنھن به احتجاج ۾ نظر ڪونه آيو. تجزئي نگار چون ٿا ته اسلم ميمڻ ھاڻي ارباب رميز ميمڻ معرفت ڪوششون ڪري رھيو آھي ته ٽائون چيئرمين شپ ماڻي وٺي. ان کان علاوه ليبر جي سيٽ تي چونڊيل ڪائونسلر نياز ميمڻ کي پڻ مقامي قيادت ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين بنائڻ جو خواب ڏيکاريو ھو جيڪو پورو نه ٿي سگھڻ ڪري ھن شھري اتحاد سان گڏجي چيئرمين خلاف ھلايل تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو ھو. جڏھن ته ٽائون جي وائيس چيئرمين اقبال ولي ميمڻ بابت پڻ پ پ ذريعا ٻڌائين ٿا ته کيس چيئرمين بنائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون ھيون پر بعد ۾ بخاري خاندان جي اڳواڻ اڳوڻي ايم پي اي شفيق شاھ بخاري کي راضي ڪرڻ لاءِ سندس ڀائٽي شير علي شاھ کي چيئرمين بڻايو ويو ھو. پ پ ذريعا اھو پڻ ٻڌائين ٿا ته ريحانا لغاري جي ڪوشش ھئي ته سجاول ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين لغاري برادري جو ڪائونسلر ساجد لغاري کي بڻايو وڃي پر پ پ قيادت جو فيصلو مڃڻ سڀني جي مجبوري ھئي. اھڙي صورتحال ۾ ھن ڀيري مڪاني چونڊن ۾ سجاول ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شپ ماڻڻ لاءِ شيرازين، لغارين، ميمڻن ۽ بخارين وچ ۾ وري به دنگل ٿيڻ جو امڪان آھي ۽ پوءِ پ پ قيادت جنھن جي سر تي سهرو سجائيندي اھو ئي سجاول شھر کي پيرس بڻائڻ جا اعلان ڪندو ۽ عوام تاڙيون وڄائڻ شروع ڪري ڇڏيندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *