تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

بيمار ي يا بک عوام ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪري !

دنيا ۾ جڏهن به ڪي قدرتي آفتون اينديون آهن يا ٻيا مسئلا آڏو اينديون آهن ته حڪمران عوام جي لاءِ ٻه قدم اڳتي اچي انهن لاءِ سهولتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ خاص پيڪيجز جا اعلان ڪري مصيبتن ۾ مالي طور متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي نه رڳو انهي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر انهن جي بحالي لاءِ به مختلف اسڪيمون ۽ منصوبا جوڙيا ويندا آهن ته جيئن هو پنهنجو ۽ خاندان جو گاڏو آرام سان گهلي سگهن. پر اسان جي ملڪ ۾ صورتحال انهي جي ابتڙ ئي نظر اچي رهي آهي، ڄڻ حڪمرانن فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ڪو ماڻهن کي ساهه ئي سولو کڻڻ ناهي ڏيڻو هڪ مصيبت مٿان ٻي مصيبت مٿن ڪڙڪائي ويندي آهي قدرتي آفتون ته انهي کانسواءِ آهن پر جيڪي ڏچا حڪمرانن جي طرفان پيدا ڪيا پيا وڃن انهن جو تدارڪ ڪيئن ڪجي.؟ گذريل ٻن سالن کان جيڪا مهانگائي وڌي آهي اها مهانگائي عام ماڻهو کي نه رڳو قرض ۾ وڪوڙي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ڪري پر ڪيترائي اهڙا غريب ماڻهو آهن، جن حالتن جي هٿان مجبور ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ جو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهو جي لاءِ هاڻي ته جيئڻ به امتحان بڻجي ويو آهي. هتي عام واهپي جي شين جا اگهه ايترو تڪڙا ۽ بنا سبب جي وڌايا وڃن ٿا جو عوام انهي تي احتجاج ڪرڻ جي به قابل نٿو رهي،
پورهيت طبقي کانپوءِ هاڻي ته سفيد پوش به سورن جي زندگي گذاري پيو. هن وقت جڏهن ڪورونا جهڙي عالمي وبا هن ملڪ جي معيشت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، ڪيتريون ئي بازارون بند ٿي ويون آهن، ڪيترن ئي ڪارخانن کي تالا لڳي چڪا آهن، ڪيترائي مزدور بيروزگار بڻجي چڪا آهن، تڏهن حڪومت پاران رليف ڏيڻ جون رڳو دعوائون ئي نظر اچن ٿيون، ڇاڪاڻ جو عملي طور رڳو احساس ڪفالت ذريعي ماڻهن کي امداد ڏني وئي ۽ دسترخوان کوليا ويا، باقي پورهيتن توڙي نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي نظر نه آئي، ان صورتحال ۾ پيٽرول جي قيمت هجي يا اٽي جو اگهه، اوچتو وڌائي عوام جي مٿان مهانگائي جا بم ڪيرايا ويا، عام واهپي جي شين جي وڌيل اگهن سبب سڪتي ۾ ورتل عوام اڃان پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته مٿان وري دوائن جي قميت ۾ به اضافي جي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.پنهنجي ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان ماڻهو دوائن جي اگهن ۾ واڌ جو بار ڪٿان برداشت ڪري سگهندا.
هونئن به عوام کي سهولت مهيا ڪرڻ ڄڻ حڪمرانن جي اوليت ۾ شامل ناهي جنهن جو مثال صحت لاءِ رکيل بجيٽ آهي جنهن سان هڪ پونسٽان جي ٽڪي به عام ماڻهو کي سرڪاري اسپتالن مان ملڻ مشڪل آهي. سڄي ملڪ جي سرڪاري اسپتالن ۾ جيڪي علاج جون سهولتون موجود آهن، اهي ڪنهن کان ڳجهيون آهن؟ بي پهچ ماڻهو ڪنهن خانگي اسپتال ۾ وڃي پنهنجو علاج ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا۽ دوائن جون وڌايل قيمتون انهن کي پنهنجي علاج کان ئي محروم ڪري ڇڏينديون.
اسان سمجهون ٿا ته هن معاشي طور ڏکي صورتحال ۽ جڏهن سرڪاري اسپتالن ۾ به صحت سهولتون نه هجن ان وقت ۾ دوائن جون قيمتون وڌائڻ عوام سان سڌي سنئين زيادتي آهي.عام خاندان جيڪو اسان جهڙن ملڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 يا 8 ڀاتين تي مشتمل هجي ٿو انهي جو هن ڏکي صورتحال ۾ گذارو ناممڪن بڻجي ويندو ،جيڪڏهن ماڻهو علاج ڪرائڻ چاهيندو ته پنهنجي ٻچن جو پيٽ نه پالي سگهندو ۽ جيڪڏهن هو ٻچن جو يا پنهنجو پيٽ پالڻ جي ڪوشش ڪندو ته سندس خاندان ۾ موجود بيمار ماڻهو دوائن کان محروم رهجي ويندو ڄڻ حڪومت عوام آڏو ٻه آپشن رکيا آهن ته هو بيماري يا بک مان ڪنهن هڪ جي پنهنجي لاءِ چونڊ ڪري، تنهن ڪري ضروري آهي ته حڪومت ڊرگ ريگيوليٽري جي فيصلي تي نظر ثاني ڪري ۽ عوام کي هر ممڪن حد تائين اضافي خرچن کان بچائي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *