Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_02qj5s58basgo8tkrvo8vvgpgv, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
بي ڌياني جو شڪار نئين گاج - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar بي ڌياني جو شڪار نئين گاج - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

بي ڌياني جو شڪار نئين گاج

نئين گاج جو مفاصلو ڪجهه هن طرح آهي، جيڪو ٿخ سان سلهاڙيل آهي، ٿخ کان خضدار جو مفاصلو 110 ڪلو ميٽر آهي، ٿخ کان ڪچرڪ جو مفاصلو 5 ڪلو ميٽر ، ٿخ کان گورک هل اسٽيشن جو مفاصلو 9 ڪلو ميٽر آهي ۽ ٿخ کان گاج زيرو پوائنٽ جو مفاصلو 25 ڪلو ميٽر آهي. هونئن ته سنڌ ۾ ڪافي نيون آهن پر نئين گاج سڀني کان مختلف آهي ڇو ته هي نئين جڏهن به ايندي آهي ته وڏي گجگوڙ سان ايندي آهي پوءِ نه هيٺاهين ڏسندي آهي نه مٿانهين ڏسندي آهي. ملڪ ملير ڪيو هلي ويندي آهي، اڪثر ماڻهن جو الهه تلهه چٽ ڪري ڇڏيندي آهي، روڊن رستن جو نشان ئي نه ڇڏيندي آهي ته ڪي هتي روڊ رستا به هيا، وري ٻئي طرف طرف خوشحالي به ايڏي ٿئي جو ڪو به هڪ ان جي خوشحالي کان محروم نه رهي سگهي، ماڻهو ته ڇا جانورن پکين ۽ وڻن جي لاءِ به کاڌ خوراڪ جا وسيع وسيلا ڇڏي وڃي، ڇو ته خشڪ سالي جي ڪري جانورن پکين ۽ وڻن جي واڌ ويجهه ۾ ڪمي اچي ويندي آهي پوءِ اهي جانور پکي ۽ وڻ زنده ته هوندا آهن پر ڏٻرا هيڻا ۽ ڪمزور نظر ايندا آهن. 1932ع کان پوءِ گاج جو رخ پراڻي وهڪري کان موڙي ڊائيورشن بند ڏئي ڪري هڪ نئون رخ ڏنو ويو پر انهي نئين رخ جي ڪري ان مهل ته ايڏي وڏي نقصان جو انديشو نه هئو جيڪو هاڻي محسوس ٿي رهيو آهي، ڇو ته گاج جڏهن به وڏي پئماني تي وهي اچي ٿي ته ماڻهن جا گهر ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ ٻيو سڀ ڪجهه مليا ميٽ ڪري ٿي ڇڏي، جنهن جو ازالو ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ ئي نه آهي، پر انگريز سرڪار کي انهي جو اندازو هيو انهن ان پاڻي جي وهڪري جي شدت کي سمجهيو پئي، ليڪن اسان جي حڪومتن هن پاڻي کي واهن شاخن ۽ بيراجن جو پاڻي سمجهي ان تي ايترو ڌيان نه ڏنو جيترو ڏيڻ کپندو هو، جنهن جو نتيجو توهان اسان سڀني جي سامهون آهي.
انگريز سرڪار پاران ڪرايل ڪمن جو تفصيل ڪجهه هن طرح هيو، سڀ کان پهرئين گاج زيرو پوائنٽ وٽ هنن تير ڀت جو بنياد وڌو جيئن پاڻي جي پهرئين ۽ زوردار وهڪري کي هڪ مضبوط ۽ منظم دڳ ڏجي، جيئن نقصان نه ڪري جيڪڏهن نقصان به ٿئي ته اهو گهٽ کان گهٽ ٿئي ۽ پوءِ تير ڀت سان گڏوگڏ وڏو ۽ ڊگهو پٿرن جو مضبوط بند ڏنو ويو ته جيئن پاڻي وڌيڪ آساني سان پنهنجي رخ سان وهي وڃي ۽ انهي پٿرن جي بند کي پڪيون موريون ڏئي واھه ۽ شاخون ڪڍيون ويون جيئن اتي رهندڙ ماڻهو پنهنجو اچڻ واري وقت کي بهتر ڪري سگهن ۽ پاڻي جيڪڏهن گهڻو ٿي وڃي ته اهو سڌو سنئون منڇر ڍنڍ ڏانهن هليو وڃي ته جيئن منڇر کي به طاقت ملي جيڪڏهن منڇر کان به پاڻي گهڻو ٿي وڃي ته اڙل واھه جي ذريعي اهو پاڻي وري سنڌو درياهه کي ڏئي سگهجي. اها هڪ چين هئي گاج کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ۽ گاج جي نئين جي پيٽ ۾ جتي نئين جو پيٽ سوڙهو هيو اتي اتي هڪ نئين سائيٽ ٺاهي وئي جنهن جو نالو ڊسچارج سائيٽ گاج بنگلو هو، جيڪو پاڻي ايندو هو اٽڪل 20 فٽ يا 30 فٽ ان کي ٽرالي ( هندورو ) وسيلي ڇوڙ ڪيو ويندو هو ۽ ان کان پوءِ انگريز ۽ واپڊا جا آفيسر انهي پاڻي مان هڪ بوتل ڀري کڻي ويندا هيا ۽ ان بوتل تي تاريخ ۽ سائيٽ جو نالو لکندا هيا پوءِ اهو پاڻي ليبارٽرين ۾ چڪاس ٿيندو هيو ته ان پاڻي مان زمين کي ڪيترو فائدو ملندو ( اهو پاڻي صاف شفاف نه هوندو هيو پر ميرو لڙيو هوندو هيو) ڇو ته نئين جي اچڻ ڪري پاڻي سان گڏ سلٽ يعني واري به لڙهي ايندي هئي ان جي ڪري پاڻي لڙيو يا ميرو هوندو هيو ۽ ان سائيٽ ۾ گيج به لڳل هوندا هيا ۽ ٽاور پڻ لڳل هوندو هيو جنهن جي اوچائي 37 فٽ هئي ۽ ان جي مٿان هڪ رڪارڊر لڳل هوندو هيو جيڪو پاڻي ڏيکاريندو هيو ته پاڻي ڪيترا فوٽ آيو آهي ۽ گيج آبزرور پاڻي جي گيج لکندو هيو ۽ اها گيج آبزرور جي گيج ۽ رڪارڊر جي گيج ساڳي هوندي هئي ته پاڻي ڪيترو آيو آهي. انهن جي ماپ ۾ ڪڏهن به تضاد نه آيو ليڪن بدقسمتي سان اها سائيٽ ئي 1972ع ۾ ختم ڪئي وئي جنهن جو مکيه ڪارڻ علائقائي بدنظمي وغيره چيو وڃي ٿو ۽ وري گاج بنگلو تي هڪ ٻي نئين اسٽيشن 1963ع ۾ٺاهي وئي. ڪلائينٽ اسٽيشن گاج بنگلو جنهن ۾ واٽر سر فيس هيڊرولاجي ٿرڊ واپڊا قائم ڪئي وئي جنهن ۾ هيٺيان اوزار ڪتب آندا ويندا هيا ميگزيمم ٿرماميٽر ،منيمم ٿرماميٽر ترا ۽ ويٽ ٿرماميٽر، ايناما ميٽر ايئر پريشر پين اينڊ رين گيج رڪارڊر جنهن جو ڪم گرمي توڙي سردي ۾ پاڻي بخارات، هوا في ڪلاڪ ڪيتري ۽ مينهن ڪيترو پيو انهن سڀني جو اندازو ڪرڻ. بدقسمتي سان اها سائيٽ به گاج بنگلو تان ختم ڪئي وئي. آفيسرن جي قيام جي لاءِ اتي هڪ عاليشان ريسٽ هائوس ٺاهيو ويو هو، جيئن اتي آفيسر آساني سان رهي سگهن ۽ پنهنجي ذميواري چڱي نموني سان ادا ڪري سگهن، پر شايد اها هتان جي ماڻهن جي بدقسمتي چئبي جو اسان جي حڪومتن هن هيڏي ساري وڏي نئين تي ايترو ڌيان نه ڏنو جنهن جي ڪري مها وهڪري ۾ ڪاڇي واسي در بدر ٿين ٿا. انهن جا ٺهيل ڪچا گهر مٽي جو ڍير بڻجي وڃن ٿا ٽيوب ويل ۽ اتي تيار ٿيل فصل ختم ٿي وڃن ٿا ماڻهن جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿئي ٿو ۽ هڪڙو وهڪرو ڪاڇي کي ڪيترا سال پوئتي ڌڪي ٿو ڇڏي ۽ سرڪار جو انڌو منڊو ٺهيل انفراسٽرڪچر روڊ رستا تباهه ٿين ٿا، پوءِ به صاحب اقتدار انهي نئين تي الائي ڇو پنهنجو ڌيان نه ٿا ڏين ۽ نه وري ڪو ڪاڇي واسين جو خيال ٿا ڪن ته اهي جيئرا آهن يا مري ويا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *