تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

بک بڇڙو ٽول

جڏھن به بک سان وڙھڻ ڪو اٿي بيھي ٿو
ته خوبصورت لڳڻ لڳي ٿو
جھڙپيندڙ باز
ڦڻ کنيل نانگ
ٻن پيرن تي بيھي ڪنڊن منجھان
ننڍا پتا کائيندڙ ٻڪرو
جھنگ ۾ بنا آواز جي گھمندڙ
ڦرندڙ چيتو
ٽاري تي ابتو لڙڪي
ميوو کائيندڙ طوطو
يا انھن سڀني جي جاءِ تي
ڪو ماڻھو هجي
جڏھن به بک سان وڙھڻ لاءِ
اٿي بيھي ٿو
خوبصورت لڳڻ لڳي ٿو
سروشور ديال سڪسينه جو اهو نظم بک سان جھيڙڻ لاءِ اتساهيبندڙ آھي پر ان مان اتساھ به فقط انھن کي ئي ملي سگھي ٿو جيڪي بک کي پنھنجو نصيب نه سمجھندا هجن،جيتوڻيڪ استحصالي طبقا عام ماڻھو جي ذھن ۾ سدا کان اهو ئي ٻج پوکيندا آيا آھن ته بک ۽ بدحالي سندن نصيب آھي۔ نصيب جي نالي تي عام ماڻھو جي ڳچي ۾ ھميشه ڳٽ ئي وڌو ويو آھي.
هڪ قصو آھي ته پنھنجي زماني جي ڪنھن بادشاھ ڪنھن ڏوھ جي ڪارڻ ھڪ شخص کي ڦاسي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن حڪم تي عمل جو وقت آيو ۽ جلاد ڏوهي کي ڦاسي ڏيڻ لڳو ته ڦاسي جو ڦندو سوڙھو نڪري پيو جڏهن ته ڏوهي جي ڳچي موٽي هئي. جلاد لاءِ ڦاسي جي حڪم جي تعميل ڪرڻ ڏکي ٿي پئي.جلاد وڃي بادشاهه کي عرض ڪيو ته حضور اوهان جي حڪم جي تعميل ڪرڻ لاءِ جيئن ئي ڦاسي جو ڦندو ڏوهي جي ڳچي ۾ وجھڻ جي ڪوشش ڪيم ته ڦندو ڏوھي جي ڳچي کان سوڙھو هجڻ ڪري ان ۾ نه پئي آيو . سو عرض کڻي دربار ۾ حاضر ٿيو آھيان ته هاڻي ڇا حڪم آھي ؟
بادشاھ مدبرانا انداز ۾ مسئلي جو حل ڪڍندي حڪم ڪيو ته اتي موجود رعايا مان جنھن جي ڳچي ۾ اهو ڦندو پورو اچي ان کي ڦاھي تي چاڙھيو وڃي. جلاد وڃي حڪم جي تعميل ڪئي ۽ اتي بيٺل هڪ ماڻھو جي ڳچي ۾ ڦاهو وجھي کيس ڦاسي تي چاڙھي ڇڏيو. حقيقت هي آھي ته تبديلي جي طلسماتي نعري سان تخت نشين ٿيل پي ٽي آءِ حڪومت به پورن ٻن سالن کان عوام جي ڳچي ۾ ٻين جي نالن جا ڦندا پئي وڌا آھن.ڪڏھن لٽيرن کان لٽيل ملڪي ناڻو واپس ڪرڻ جو ڦندو، ڪڏھن کنڊ مافيا جو ڦندو ،ڪڏهن اٽي مافيا جو ڦندو، ڪڏھن پيٽرول مافيا جو ڦندو ،ته ڪڏھن دوائن جي مافيا جو ڦندوپر ٻن سالن کان ڪوبه ڦندو ڪنھن به مافياجي موٽي ڳچي ۾ فٽ نه پيو اچي جنھن ڪري اهو ڦندو عوام جي ڳچي ۾ وجھي کيس ڦاهي چاڙھيو پيو وڃي. پاڪستان ٺھڻ جي پھرين ڏينھن کان وٺي عوام کي ئي ڪٺو ويو آھي، هر حڪومت اهي رٽيل جملا ڳالهائيندي آھي ته خزانو خالي آھي.ملڪ تي قرضن جو وڏو بار آھي ان ڪري عوام کي ٽئڪسن ۽ مهانگائي جو اضافي بار برداشت ڪرڻو پوندو. ايئن هر ڦاهو عوام جي ڳچي ۾ ئي فٽ ايندو آھي.
خود ڪو جس ڪي سپرد ڪرتا هون
وه اپني حصي ڪا نوچ ليتا هي .
پاڪستان جي تاريخ جو هر ورق اها شاهدي ڏيندو ته عوام اڄ تائين جنھن به حڪمران جنھن به پارٽي جي سپرد ٿيو آھي ان پنھنجي حرفت سان کيس پئي نپوڙيو آھي.
جرمن فلسفي شوپنھار جي عادت هئي ته هو جڏھن هوٽل ۾ کاڌو کائڻ ويندو هو ته پنھنجي کيسي مان هڪ سونو سڪو ڪڍي ٽيبل تي رکندو هو ۽ ماني کائي وڃڻ کان پوءِ اهو سڪو واپس پنھنجي کيسي ۾ وجھي روانو ٿي ويندو هو . سندس ان معمول کي نوٽ ڪندڙ بيري هڪ دفعي هن کان ان جو سبب پڇيو تنھن تي شوپنھار کيس جواب ڏنو ته مان روزانو پاڻ سان اها شرط لڳائيندو آھيان ته جنھن ڏينھن هوٽل ۾ کاڌو کائڻ لاء ويٺل انگريز آفيسرن گھوڙن ،ڪتن ۽ عورتن بدران ڪنھن ٻئي موضوع تي ڳالھايو ان ڏينھن مان هي سڪو خيرات ڪري ڇڏيندم.
خبر ناھي پوءِ ڪڏھن شوپنھار جي اها باس جھڙي شرط پوري ٿي يا نه پر اسان کڻي پاڻ سان ڪھڙي به شرط رکون باس باسيون پر هن ملڪ جا حڪمران عوام دشمن غريب دشمن پاليسين کان سواءِ ڪابه پاليسي ڪونه جوڙيندا. اٽي لٽي اجھي جو نعرو هجي، ووٽ ڪو عزت دو جو نعرو هجي يا تبديلي جو نعرو.انھن سڀني کي اڳتي آڻڻ کان پوءِ صرف ڀوڳيو ئي آھي۔.پڇتايو ئي آھي. انھن دل کي ڇھندڙ نعرن سان پيار ڪرڻ جي عيوض غريب ماڻھن کي غم ئي غم پئي مليو آھي.مشھور شاعر جوش مليح آبادي کان هڪ دفعي ڪنھن پڇيو ته جوش صاحب اوهان جي شاعري ۾ شوخي ۽ جوش ته آھي پر ان ۾ درد ۽ تڙپ ڪونھي. تنھن جي جواب ۾ جوش وراڻيو ته مون پنھنجي زندگي ۾ ٽوٽل 18 عشق ڪيا ۽ ڪنھن ۾ به ناڪام نه ٿيس ته پوءِ ڀلا شاعري ۾ درد ڪٿان ايندو.
جڏھن اسان غريب عوام هن مھل تائين جنھن به سياسي پارٽي سان عشق ڪيو آھي اهو ناڪام ويو آھي اهو ئي سبب آھي جو عام ماڻھو درد ۽ پيڙا کان سواءِ پاڇي ۾ڪجھه به ڪونه بچيو آھي. تحريڪ انصاف مان چڱائي جون سوين اميدون رکندڙ عام ماڻھو جو ساھ ئي سوڙھو ڪيو ويو آھي. بک بدحالي مهانگائي توڙي بيروزگاري پاڪستاني تاريخ جي بلند ترين سطح تي پھچي عوامي اميدن تي ٺٺوليون ڪري رهيا آھن۔. سڌاري جي سولي زندگي جي ڪا به اميد نظر نه پئي اچي. مرزا غالب چواڻي
ڪوئي اميد بر نظر نهين آتي
ڪوئي صورت نظر نهين آتي

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *