تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

تاريخ جي عجيب تبديلي سرڪار

اسان تاريخ جي هڪ اهڙي المياتي دور مان گذرون پيا جنهن ۾ سياسي جماعتن کان ميڊيا تائين ۽ ميڊيا کان عوام تائين هر هڪ گروھ ۽ فرد تنقيد در تنقيد جو ئي بحث ڪري ٿو. انهيءَ تنقيد ۾ عوام جي تنقيد يقيقن حق بجانب آهي ڇو ته ان جي شڪايتن جو، مشڪلاتن ۽ مصيبتن جو ازالو ٿيندي نظر نٿو اچي. عوام پري پري تائين نااميدي جي مصيبتن کي محسوس ڪندي مايوسيءَ مان جيڪا تنقيد ڪري ٿو، اها يقيقن حق بجانب آهي. تنهن ڪري پاڻ انهيءَ تنقيد جي حق بجانب هجڻ تي انهيءَ کي تسليم ڪندي پاڻ تنقيد جي ٻين پرتن ڏي يا گروپن ڏي اچون ٿا يعني سرڪار حڪومتي اپوزيشن ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون جماعتون انهن ۾ جيڪي سرڪار سان سڌي يا اڻ سڌي طرح اتحادي آهن يا وري حڪومت جي مخالفت ۾ مخالف ڌر جي زمري ۾ اچن ٿيون، توڙي جو انهن ۾ مخالف ڌر سان سياسي ۽ نظرياتي اختلاف چڱي خاصي تعداد ۾ موجود آهي. سياسي تاريخ جي دنيا ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي سياسي اختلافن جي ڪري اڪثر پوري دنيا جي اندر تنقيد يا مخالفت ٿيندي رهندي آهي پر هي تنقيد جو دور جنهن مان اسان گذرون پيا ۽ خاص ڪري اسان جي ملڪ جي اندر جيڪا سياسي مخالفن تي تنقيد ٿئي پئي اها تمام گھڻي عجيب ۽ غريب آهي. تبديلي سرڪار جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، جنهن کي ٻه سال گذري چڪا آهن، پر هن وقت تائين حڪومت پنهنجي سڃي توانائي ۽ طاقت مخالف ڌر تي تنقيد ۾ صرف ڪئي آهي، ان ٻن سالن ۾ ڪو هڪڙو ڏينهن به اهڙو ناهي گذريو جنهن ڏينهن سرڪار جي ترجمانن مخالفن تي تنقيد نه ڪئي هجي ۽ نه اسان جي وزيراعظم صاحب جي ڪا هڪڙي به اهڙي تقرير يا پريس ڪانفرنس تنقيد کان سواءِ يعني مخالف ڌر جي مٿان تهمتن جي برسات کان سواءِ گذري هجي. مون جي دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي حڪومت ناهي پڙهي ۽ نه موجوده دور ۾ اسان جي پياري تبديلي سرڪار کان سواءِ دنيا جي اندر ڪا اهڙي حڪومت نظر ايندي هجي جيڪا صرف ۽ صرف تنقيد جي سهاري هلندي نظّر ايندي هجي.
اسان کي سرڪار جي تنقيدي پاليسيءَ تي ڪو به اعتراض ناهي ڀلي جيترو وقت هو تنقيد تي صرف ڪن ٿا انهيءَ کان به وڌيڪ ٻيڻو وقت انهيءَ تي لڳائن مخالف ڌر جي خلاف تنقيد جي نئين کان نئين ٿنڪ ٽينڪ جوڙين پاڻ کي ان تي ڪو به اعتراض ناهي پر پاڻ هڪ شهريءَ جي حيثيت ۾ پنهنجو قانوني ۽ آئيني حق رکندي هيءُ مطالبو لازمي ڪنداسين ته حڪومت جو مينڊيٽ رڳو تنقيد ڪرڻ جو ناهي انهيءَ سان گڏوگڏ حڪومت جو ڪم هيءُ آهي ته هو پنهنجي معاشِي پاليسي جوڙي. هن وقت تائين هن ملڪ ۾ ڪا به اهڙي زرعي پاليسي جڙندي نظر نه آئي آهي، جنهن سان آبادگارن جا پوک کان ويندي منڊيءَ تائين مسئلا حل ٿيندي نظر اچن. ايتري حد تائين جو هن ملڪ جو 70 سيڪڙو معاشي گذر سفر زراعت سان لاڳاپيل آهي، پر ان جون گهرجون ڀاڻ کان زرعي دوائن تائين مهانگيون ٿي رهيون آهن. اناج کان سبزين تائين سرڪار جي پاران ڪو به اسٽوريج جو بندوبست ٿيل ناهي تنهن ڪري اڪثر زرعي پيداوار محفوظ ٿيڻ جي بجاءِ برباد پئي ٿئي. واپاري پنهنجي مرضيءَ سان شين جو ذخيرو ڪن ٿا ۽ جيڪي شيون ذخيرو نٿيون ٿي سگھن خاص ڪري سبزيون اهي سڙي سڪي برباد ٿين پيون.
وفاقي سرڪار کي پاڪستان جو هر ادارو سواءِ عسڪري اداري جي نااهل ۽ ناڪاره نظر پيا اچن، يقينن ائين آهي به، پر ان جي بهتريءَ جي لاءِ ڪا به پاليسي ناهي جوڙي ويئي. ڦري گھري وفاقي سرڪار جي تنقيد 18هين ترميم تي اچي بيهي ٿي پر پاڻ اهو سوچي حيران ۽ پريشان پيا ٿيون ته 18هي ترميم جي ڇيڙڇاڙ ڪرڻ کان سواءِ وفاقي سرڪار جيڪڏهن پنهنجا زرعي پراجيڪٽ اڳتي وڌائي اسٽوريج کان ڀاڻ ۽ دوائن تائين حڪمتِ عملي جوڙي ته کيس ڪير روڪيندو؟ جيڪڏهن ڪرڻ چاهي ته سڀ ڪجھه ڪري سگھي ٿي، ڪراچيءَ جي صفائي لاءِ وفاقي سرڪار ترين جي زور ڏئي مهٽي سهٽي سنڌ حڪومت سان انتظامي معاملن ۾ ڪميٽي جي نالي تي ڳانڊاپو ڪري سگھي ٿي ته پوءِ ڪهڙو مسئلو آهي جو زرعي ترقيءَ لاءِ سرڪار ڪجھه نه ڪري سگھي؟ انهيءَ کان علاوه صنعتي حال اهو آهي جو وفاقي سرڪار کي اها ڳڻتي ناهي ته ملڪي گھرجون جن صنعتي پيداواري بنيادن تي پوريون ڪري سگھجن ٿيون اهي صنعتي يونٽ ڪٿي ۽ ڪيئن ڪهڙين پاليسين سان ۽ حڪمتِ عملين سان لڳائي سگھجن ٿا ۽ انهن جي ترقيءَ کي اڳتي وڌائي سگھجي ٿو. بيشڪ ڪنهن ملڪ جي ترقيءِ ۾ رستا ۽ بلڊنگون اهم هونديون آهن پر بلڊنگن جي قوتِ خريد عوام ۾ تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن مجموعي ملڪ جي معاشي ترقي اڳتي وڌيل هجي. سرڪار چين کان متاثر ٿيندي اسان جو وزير اعظم خان ڀائي ڪيترائي دفعا انهيءَ جا مثال ڏئي چڪو آهي پرخبر ناهي ته هو اهو مثال ڇو نٿو ڏئي ته چين ترقي زراعت ۽ وسيع تر ملڪي ضرورتن جي پورائي لاءِ ملڪي صنعتن جو ڦهلاءُ هو ۽ آهي. هاڻي چين بيشڪ اسان جو پاڙيسري ۽ عظيم دوست ملڪ آهي پر اسان جي سياسي مدبرن ۽ معاشي ماهرن کي ڪڏهن به هيءُ نه وسارڻ گھرجي ته چين جي دوستي پنهنجي ڪاروبار ۽ منافعي سان جڙيل آهي.
چين اسان جي پوري پيداواري صنعتي سگھه کي نانگ وارو وڪڙ ڏئي نپوڙي رهيو آهي. چين جون پيداواري صنعتي شيون ڪولين ماڪوڙن وانگر اسان جي مارڪيٽ ۾ ڦهلجي ويون آهن جيڪڏهن پاڻ چيني پيداوار کي ماڪڙ سان ڀيٽيون ته وڌيڪ ٺيڪ ٿيندو. اسان کي رڳو اهو ناهي ڏسڻو ته سامان سستو ٿو ملي پر اسان کي اهو به ڏسڻ گھرجي ته انهيءَ سامان جي خريداريءَ سان ملڪي معيشت صنعتي بنيادن تي ترقي نٿي ڪري سگھي. اسان کي هيءُ به ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته سرمائيدار دنيا جڏهن پنهنجا ڪاروباري مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ قدم وڌايا هئا ته پوري دنيا ۾ ٽڪراءُ مارڪيٽ جي حاصلات لاءِ شروع ٿيا هئا. خام مال ۽ مارڪيٽ سيل لاءِ دنيا جو مارڪيٽ کين گھربل هو ۽ هن وقت به گهربل آهي. دنيا هر روز ڪمپنين جي قيد ۾ وڪوڙبي پئي وڃي. غريب ملڪ جن وٽ وسيلا ۽ پورهئي جا هٿ آهن، ان ملڪ جي سياسي جماعتن کي پنهنجي ملڪ جي معيشت ۽ حالتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ هڪ هزار دفعو سوچڻ گھرجي، پر جيڪڏهن هڪ هزار جي بجاءِ هڪ دفعو به سوچين ۽ ٿورو ٿورو عمل ڪندي پاليسي جوڙين ته شيون بهتر ٿيڻ ۾ دير نه لڳندي. پاڻ اها اميد رکي هئي ته عمران خان جي تبديلي سرڪار جو مقصد اهو هوندو ته هو صنعت ۽ زراعت کي ترقي وٺرائڻ جي لاءِ نوان نوان پراجيڪٽ متعارف ڪرائيندو.
ماضيءَ جي ڪرپشن کي ڪيتري به طاقت سان احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي پر حڪومت جي ڪارڪردگي جو پهلو اهو ان وقت تائين ڪمزور ۽ بي معنيٰ رهندو جيستائين معيشت کي سگھاري ڪرڻ جي لاءِ نئين پاليسي اختيار نه ڪئي ويندي. اسان کي اهو به ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته ملڪي معيشت ۾ سرماياداريءَ جا ٻه پرت هوندا آهن. هڪ قومي سرمائيدار جنهن کي نيشنل بورزوا سڏيو ويندو آهي ۽ ٻيو دلال سرمائيدار جيڪو غير ملڪي سرمائيڪاريءَ جي واپار جي دلالي ڪندو آهي. ڪڏهن به دلال سرمائيداريءَ سان عوام خوشحال نٿو ٿي سگھي ۽ نه ملڪ جي معيشت ٺيڪ ٿي سگھي ٿي. موجوده سرڪار جي روين مان ائين ٿو لڳي ته هيءَ سرڪار به ماضيءَ جي حڪومتن جيان دلال سرمائيدارن جي ڪميشن خورن جي وڪڙ ۾ آهي، ڇو ته اهو طبقو ڪڏهن به ناهي چاهيندو ته ملڪ جي پنهنجي صنعتي ترقي ٿئي. اپوزيشن جيڪا حب الوطنيءَ جو حلف نامو قدم به قدم دهرائي پئي، ان هن وقت تائين زراعت يا صنعت تي ڪابه سنجيده پاليسي يا پروگرام ناهي ڏنو ۽ نه وري ڪڏهن انهن جماعتن صنعت يا زراعت تي ڪا ڪانفرنس ڪوٺائي آهي. اڄ به ڪنهن به سياسي پارٽيءَ وٽ سنجينده ۽ تحقيق ڪندڙ ماڻهن تي مشتمل ڪو سيل يا ڪاميٽي ٺهيل نظر نه ايندي، جيڪڏهن ڪي سنجيده فرد زراعت ۽ صنعتن جا ماهر ليڊر صاحبن سان رابطو ڪري کين صلاح مشوره ڏيندا آهن، ته اهي صلاحون اسان جي سياسي ليڊرن جي مٿي ۾ هٿوڙن جيان لڳنديون آهن ۽ اسان ڏسون ٿا ته اهي مايوس ماهر پنهنجي پورهئي کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ ميڊيا جو سهارو وٺن ٿا، پر انهن جي سياسي جماعتن ۾ ڪا به حيثيت يا جڳھ ناهي ٺهي سگھي. تنهن ڪري جڏهن تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ سياسي جماعتن وٽ سجيندگي هوندي ئي نه ته پوءِ انهن وٽ هڪ ٻئي تي تنقيد کان سواءِ ڇا ٿو بچي؟ پاڻ ڪيترائي دفعا اهي مثال دهرائي چڪا آهيون ته انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ آزادي ماڻيندڙ هن خطي جي سياستدانن ماضيءَ جي غلاميءَ تي تنقيد ڪئي يا مستقبل جي پلاننگ تي عمل ڪيو ڇا نهرو انگريزن تي تنقيد ۾ وقت ضايع ڪيو؟ يا جناح صاحب ماضيءَ جو روئڻو روئيندو رهيو؟ توڙي جو هن جي زندگي مختصر رهي پر پوءِ به هن مستقبل جي بهتريءَ جي ڳالھه ڪئي. ٻيو ته ڇڏيو پر روس ۽ چين جي انقلابن کان پوءِ لينن يا مائوزيتنگ ماضيءَ جي ظلمن تي تنقيد تي وقت ضايع ڪيو يا حالتن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ جنگي بنيادن تي پنهنجي معيشت کي سگھارو ڪيو؟ ياد رهي ته انهن ملڪن ڪڏهن به بري کان بري وقت ۾ به دنيا کان خيرات نه گھري هئي. انهن صرف ۽ صرف ٻن قوتن تي ڀاڙيو. هڪ عوام ۽ ٻيو سائنسدان. هن ملڪ ۾ به جيڪڏهن تنقيد ۽ تعصبي سياست کان نڪري حڪومت پنهنجي پاليسي خود ڪفالت جي بنيادن تي سنجندگيءَ سان جوڙي ته 70 سال جو عذاب 7 سالن ۾ ختم ٿي سگھي ٿو. پر اها اسان جي خواهش آهي تبديلي سرڪار جي ۽ سياسي پارٽين جي ايجنڊا اهائي آهي جنهن تي هو عمل ڪن پيا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *