تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

تاريخ نئين لکندو ڇھين ڊسمبر 

دنيا جي نقشي تي اھي ئي قومون سدائين لاءِ نراليون ۽ نشامبر رھنديون آھن جيڪي پنھنجي مٽي پنھنجي ماڻھن ۽ پنھنجي ثقافت کي ساھه ۾ سانڍي رکڻ جو ھنر ڄاڻنديون آھن. ڪنھن به قوم جي ثقافت ان جي شناخت ھوندي آھي، اسان سنڌ واسي شايد دنيا جي اھا خوشنصيب ۽ شاھوڪار قوم آھيون جنھن وٽ ھڪ شاھوڪار ثقافت آھي، پـنج ھزار سال پراڻي ثقافت تي سنڌ کي سدائين ناز رھيو آھي  سنڌ نه صرف دنيا جي تھذيبن جي ماءَ وارو رتبو رکي ٿي پر سنڌ جا ميلا ملاکڙا سر سنگيت  لوڪـ فنڪار ڏيھه توڙي پر ڏيھه ۾ به ھڪ الڳ مقام رکن ٿا ! سنڌ مٿان سوين حملي آورن جي ھلائن کان پوءِ به سنڌ جي تھذيب ان ساڳي اوج ۽ موج سان موجود آھي. ترخانن جا ترم خان ھجن يا مغلن جا بدمعاش ھجن يا انگريزن جون ارھه زورايون ھجن پر انھن سڀني قبضا گيرن جو اڄ ڪٿي به ڪو پتو ملڻ مشڪل آھي پر سنڌ جي ثقافت اجرڪ جي ڦلڙين جي رنگ ۾ اڄ به پوري جھان ۾ جرڪي ٿي.
اسان اوھان مان شايد ڪنھن کان نه وسريو ھوندو جڏھن سنڌ جي ان ھزارين سال پراڻي ثقافت تي تعصب جي عينڪ پاتل ھڪ اينڪر چٿر ڪئي هئي ۽ پو ان اينڪر ته  ڇا پر پوري دنيا کي خبر پئجي وئي هئي ته سنڌ جا ماڻھو پنھنجي ثقافت سان پاڻ کان به وڌ پيار ڪـن ٿا. ۽ پوءِ سنڌ جي صحافت جي ھڪ وڏي نالي علي قاضي سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لا ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ جو اعلان ڇا ڪيو ته سموري سنڌ ڪلھن ۾ اجرڪون اوڍي پنھنجي جند جھڙي سنڌ سان وچن ورجائڻ لاءِ ان ايڪتا ڏهاڙي نڪري پئي هئي !!۽ اھڙو منظر ڏسي سنڌ جي ڪنھن شاعر لکيو ھو .
“ھوا ۾ ھڳاءَ آھي ، چوڏس مرڪون 
اوڍيل ھي اجرڪون ،ڪيڏيون ٺھن ٿيون قوم کي”
۽ ان کان پوءِ ڊسمبر جو مھينو ويجھو ايندي ئي سنڌي قوم پنھنجي ثقافتي عيد ملھائڻ لاءِ زور شور سان تياريون شروع ڪري ٿي. ٽوپي ۽ اجرڪ جي رڪارڊ خريداري ٿئي ٿي ھر طرف ثقافت جا رنگ نکري ٿا پون ۽ مھراڻ جي موجن ۾ تيزي اچي وڃي ٿي. سنڌ ان ڏھاڙي ڪنھن جنت جو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿي ۽ ان سموري ثقافت جي رنگن ۾ رنگيل سنڌ جي سونھن جو ڪريڊٽ ان شخص ڏانھن وڃي ٿو جنھن سان منھنجي اڄ تائين صرف ان جي ڪالمن ۽ ٽي وي پروگرامن ذريعي ملاقات ته ٿي آھي پر ڪڏھن روبرو ڪچھري ناھي ٿي ان سنڌ جي يگاني ھڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ جي ثقافت کي پوري دنيا ۾ مڃتا ڏيڻ لاءِ ڇھين ڊسمبر تي سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آھي ۽ سموري سنڌ پنھنجي ثقافتي عيد ايڪتا ڏهاڙو ملھائڻ واري اعلان تي سرھي ٿي پئي آھي !! سنڌ ھر سال مختلف سري ھيٺ پنھنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لا اٿلي  پوندي آھي ڪڏھن درياءَ جا ڏھاڙا ته ڪڏھن سنڌ لاءِ ڌڙڪڻ جا ڏھاڙا ته ڪڏھن اجرڪ ٽوپي جي چمڪ جا ڏھاڙا ملهائيندي پئي اچي پر ھن ڀيري جنھن سري ھيٺ سنڌ پنھنجو ايڪتا ڏينهن ملھائڻ وڃي رھي آھي اھو ايڏو ته وقتائتو ۽ پر اثر آھي جو آءُ چوان ٿو ان سري جو اعلان ڪندڙ جس لھن جن “ڪراچي سنڌ آھي ” جي سري ھيٺ ھي ايڪتاڏينهن ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. جنھن  وقت مورڙي جي  ماڳ کي ھزارين مانگر مڇ وڪوڙي ويٺا ھجن جڏھن سنڌي ماڻھن جي سج ڪراچي کي سنڌ جي نقشي مان ڪپي ڪورڻ جون منحوس سازشون پنھنجي عروج تي ھجن جڏھن بار بار ڪراچي ۽ سنڌ وارو زھر سان ڀريل لفظ استعمال ڪري سنڌ جي وحدت تي وار ٿيندو ھجي جڏھن ڪراچي جي سنڌي وسندين مٿان بلڊوزر چاڙھي اتي بحريا ٽائون جون تختيون ھنيون وڃن جڏھن اسان جي ان ڪراچي ۾ مورڙي جي ڀائرن کي ڪو ڌاريو پناھه گير پنھـنجي وحشت ۽ دھشت جو مظاھرو ڪري بي دردي سان ماريندو ھجي اھا ڪراچي جتي سمنڊ جا ٻيٽ وفاق حوالي ڪري ملڪ جي آئين ۽ قانون کي مروڙيو وڃي اھاڪراچي جتي ٻيٽن جي وارثن آڏو بندوق بردار پنھنجون بندوقون سڌيون ڪري چون ته اوھان سنڌين لاءِ ھي ٻيٽ ھاڻ نوگوايرياز آھن  ان ڪراچي جي نالي ثقافت جو ڏھاڙو ڪرڻ سچ ته ڪراچي خلاف سازشون سٽيندڙن کي ھڪ ڀرپور جواب آھي.
ان ڪري ڇھين ڊسمبر تي سموري سنڌ جي شعور جو رخ ڪراچي ڏانھن ھوندو جن جي ڪلھن ۾ اجرڪ ھوندا جن جي مٿي تي ڪاون واري ٽوپي جا تجلا ھوندا ۽ اھي لکين سنڌي ھڪ آواز ٿي چوندا “ڪراچي سنڌ آھي ” تڏھن يقينن سنڌ مرڪي پوندي.  ڪراچي جي رستن تي سنڌ جي ثقافت اوڍيل لکين سنڌي ڏسي چوڪنڊي جي قبرستان ۾ ستل تاجل بيوس به مرڪي پوندو ۽ چوندو 
“سنڌ منھنجي امان 
سونھن تنھنجي مٿان 
ڇا لکي ڇا لکان ”
سنڌ ۾ ملھائجندڙ ثقافتي ڏڻ اسان کي ھر سال پنھنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا ۽ سموري سنڌ بنا ڪنھن پير مير ڀوتار جي سڏ جي صرف سنڌ جي سڏ کي لبيڪ چئي ثقافتي ويس ڍڪي ۽ ھڪ  ٻئي کي ڀاڪرين ڀري ثقافتي عيد جون وڌايون ڏين ٿا.
“ھي جو ھر سال، قوم ٿئي ٿي گڏ 
ايڪتا جو سڏ ،سبب تنھنجو بڻيو ”
ايڪتا جي سڏ تي نه فقط سمورو ديس ٻھڪي اٿي ٿو پر اتي اجرڪ ٽوپين  رلين سميت ثقافتي شين جي وڪري ۾ پڻ رڪارڊ واڌ ٿئي ٿي اجرڪ جا سوين ڪارخانا کلي وڃن ٿا اتي ھزارين مزدور ڪم سان لڳي وڃن ٿا. پوري دنيا سميت سنڌ به جتي عالمي وبا جي ڪري گھڻو متاثر ٿي آھي اتي ثقافت جو ڏھاڙو يقينن مرجھايل چھرن تي اھڙي مسڪان آڻيندو جنھن جو سموري سنڌ پورو سال انتظار ڪندي آھي. ان ڪري سنڌ ھن ڀيري پنھنجي ايڪتا پنھنجن ماڻھن سان پنھنجي درياءَ جي پيٽ پنھنجي سمنڊ جي ٻيٽ  پنھـنجي محبوبا ڪراچي ۽ پنھنجي اخبار سان گڏ  ملھائي ڇھين ڊسمبر جي ڏھاڙي کي ھميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيندي !!
“تاريخ نئين لکندو،  ڇھين  ڊسمبر 
ٿي ويندو امر ،ڏھاڙو ھي ڏيھه ۾ ”

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *