تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

تاريخ ۾ نئين اونداهين دور جو اضافو ٿي رهيو آھي؟

قومن تي ڪڏھن ڪڏھن انتهائي ڏکيا دور اچي ويندا آھن، جنهن ۾ قومون ڇڙوڇڙ ٿي وينديون آھن. ڪڏھن ٻاهريان حملا، ڪڏھن ڏڪار ته ڪڏھن وري وبائون قومن کي برباد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينديون آھن. ڪڏھن ڪي قومون مصيبتن مان ٻاهر نڪري وري به ايئن اڳيان نڪرنديون آھن، جيئن ٿر جون وڍيل وليون برساتن ۾ ٻيهر ڪنهن ٻوٽي يا وڻ جو سهارو وٺي مٿي چڙھڻ لڳنديون آھن. اسان جي ديس تي به مختلف دورن ۾ ٻاھرين خوني حملن، اندروني جهڳڙن، ڏڪارن، زلزلن ۽ وبائن مختلف دورن ۾ تباهيون پئي ڪيون آھن. انهن تباهين جي تمام هڪ ڊگهي تاريخ آھي، ان ڊگهي تاريخ ۾ هن وقت وڃڻ ايئن آھي جيئن ڪنهن تتل ڏينهن ۾ ڪڇ جي رڻ ۾ وڃڻ، ان تاريخ کي بيان ڪرڻ لاءِ هتي قطعي گنجائش ڪونهي. ان لاءِ ڌار ڪنهن ڪتاب لکڻ جيترو وقت گهرجي، ان ڪري آئون هتي مختلف دورن جو مختصر بيان ڪرڻ ٿو چاهيان ته جيئن پڙھندڙ انهن دورن کان ٿورو واقف ٿيندا هلن.
اسان جي ديس تي مختلف دورن جي تباهڪارين جا نشان اڄ به ڀڙ ڀانگ کنڊرن جي صورت ۾ موجود آھن. اهي دور عربن جي سنڌ تي حملن کان به اڳ کان شروع ٿي هلندڙ دور تي اچي پڄاڻي ڪن ٿا. اسان جي ديس جي تاريخ جنهن ۾ جتي عربن، مغلن، ارغونن، ترخانن، انگريزن جا خوني دور رهيا،  اتي ورهاڱي کان پوءِ مارشلائن جا مختلف دور به غلامي، ڏاڍ، معاشي ۽ معاشرتي بدحالي وارا رهيا آهن جيڪي تاريخ جي ڪتابن ۾ اڄ به لڱ ڪانڊاريندڙ قصن طور موجود آھن. عربن جي دور ۾ سنڌ تي ٿيل ڪاهه بعد عربن سنڌ جي قديم باشندن جي خون سان هولي کيڏي ۽ جنهن کان پوءِ ھو هتان جو ڪيتريون ئي نو جوان عورتون قيد ڪري کڻي ويا. جا هتان جي صدين جي غيرت کي هڪ وڏي للڪار هئي. هتان جي ماڻھن جو خون وهائڻ سان گڏوگڏ ساڻن جيڪا ڦر لٽ ڪئي ويئي، ان جو هڪ الڳ داستان آھي، سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ھتان جا رهيل ماڻھو ڪنگال ٿي ويا. مغلن جو دور به ان ڪري وڌيڪ مشڪل هو جو ان دور ۾ مغلن ڪلهوڙن جي معرفت هتان جي ماڻھن کي غلام بنايو، ان حد تائين جو ڪو خودمختيار ماڻھو پوءِ چائي اهو فقير ڇو نه هجي ان تي به حملا ڪرايا ويا، جنهن جو مثال صوفي شاهه عنايت جي شهادت ۽ کهڙن واري مخدوم عبدالرحمان جي شھادت جا واقعا آھن. اهڙي طرح ارغونن ۽ ترخانن جا دور به مشڪل وارا هئا، جن دورن ۾ انساني خون وهائڻ سان گڏ تعليمي ادارا به ساڙيا ويا. هزارين ڪتب خانا نذر آتش ڪيا ويا. ملڪ ۾ ايتري ته بدحالي ۽ بک اچي منهن ڪڍيو جو غريب ماڻھو بک مرڻ لڳا. انهن ئي دورن  جو هڪ واقعو ڪتابن ۾ درج آھي ته ڪنهن ڪتي الٽي ڪري ڀت ڪڍيو جيڪو ڪنهن ماڻھو پاڻي ۾ ڌوئي کائي ڇڏيو. اهو واقعو ان وقت جي بک ۽ بدحالي جو چٽو عڪس پيش ڪري ٿو. غالبن ان ئي دور ۾ ماموئي فقيرن جو قتل ٿيو، جن جا ست بيت پيشگوئي طور مشھور آھن. جن مان هڪ پيشنگوئي آھي:
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ 
بِهه مڇي ۽ لوڙھ سمي ويندئي سوکڙي.
انگريزن جو دور به غلامي وارو دور هو، جنهن ۾ ھنن ٽالپرن جي حڪومت ختم ڪرڻ کان پوءِ نه فقط انهن جي ماڻھن کي سزائون ڏنيون، پر ڪيترن ئي قيدين جاعدالتي قتل به ڪيا، جن ۾ پير سائين پاڳاري جي شهادت، ٿر جي راجا روپلي ڪولهي تي حملو ۽ اتان جي سوين ماڻھن جو روپلي سميت ناحق خون وهائڻ جا داستان تاريخ جي انتهائي اونداهين ۽ ڀيانڪ دورن جا مثال آھن.
آئون هن ديس جي ڊگهي تاريخ جي رڻپٽ ۾ ٿورواڳيان وڃي ٻيهر پٺتي موٽان ٿو ۽ ورهاڱي جي وڍن ۽ ان کان پوءِ ديس تي آيل مارشل لائن جي دورن کي پٽ جي تاڪئي جيان ويڙھي، پٺ ڏانهن موٽان ٿو، ته مون کي اڃا تائين هزارين خاندان روڊن جي ڪنڌين کان بيوس ويٺل نظر اچن ٿا. هيلوڪين برساتن جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي، هزارين ماڻھو برساتن دوران سم نالا اٿلڻ ڪري پنهنجا ٻچا ڪڍي شھري علائقن ۾ روڊن جي ڪنڌين تي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا، ان کان اڳ ڪورونا جي صورت ۾ هڪ خطرناڪ بيماري منهن ڪڍيو، جنهن ۾ خطرناڪ حد تائين بک ۽ بيماري وڌي گڏوگڏ روز بروز وڌندڙ مهانگائي ماڻھن جا هڻي لاهه ڪڍي ڇڏيا آھن.
حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن جا کل جوڳا بيان بکايل ۽ ستايل ماڻھن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آھن. جيئن وزير اعظم جو صحت جو صلاحڪار چوي ٿو ت اسان دوائون ان ڪري مهانگيون ڪيون آھن ته جيئن غريب ماڻھو انهن دوائن کي آساني سان خريد ڪري سگهن. آئون هتي هڪ نئين ياد پڪڙي ٿو وٺان جيئن ملاحن جا ٻار ٿوري پاڻي مان مڇي پڪڙيندا آھن. ٿر جي وٽ واري علائقي ۾ ڏاکڻي علائقي جي هڪ ڳوٺ گهوڙالسي ۾ هڪ شام ويٺل آھيون، اڀرندڙ چنڊ ڀٽون ڇڏي مٿي چڙھيو آھي، وهيون نالي ٿريو اچي کٽ جي سامهون فرش تي ھيٺ ويهي ٿو.کٽ تي ويهو، چوانس ٿو. نه فالج ڪري هڪ پاسو ڪمزور آھي ٽنگ وارو نه ٿي ڏي پوء ھو ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو سندس آواز ڌڪڙيل مٽر جيان آھي: هن وقت مهانگائي ۾ پيسجي رهيا آھيون، آئون گهڻو اڳ لاڙ ۾ وڃي ڪمند جي ڪٽائي جي مزدوري ڪري پندرهين ڏينهن گهر ايندو هوس، وقت سٺو گذرندو هو، هاڻي ته قسمت مون کي جڏو ڪري ڇڏيو آھي، مزدوري جي لائق به نه رهيو آھيان، پر مزدوري آھي ڪٿي. هن وقت ڪو اهڙو بادشاهه آيو آھي جو هرڪو غريب ماڻھو بيوسي جي عالم ۾ موت کي پڪاري رهيو آھي. هو ايئن چئي خاموش ٿي وڃي ٿو. ڄڻ ھن جي ڳالھه هوا جي جهوٽي ۾ اڏامي ويئي هجي.
مون ٿر جي مختلف علائقن ۾ مهانگائي سبب اهڙي بيوسي جا عالم ڏٺا هئا، جن کي بيان ڪندي لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. ننگر کان ويندي مٺي تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڪيترائي ٻار ۽ ٻڍا ٿري کاڄ ۽ کنڀيون کڻي خريدارن جو انتظار ڪري رهيا هئا، اڳيان روڊ جي ڪناري کان بيٺل ڪونڀٽ وڻ جي ڇانو ۾ هڪ پير مرد ويٺل آھي، جڏھن ته ٻه معصوم ٻارڙا کنڀيون کڻي اڀا بيٺل آھن. گاڏي بيهارڻ تي ٻڌائين ٿا ته کنڀيون وڪڻي اٽو وٺندا آھيون، هتي ته اٽي کي باه لڳي پيئي آھي، ستر روپيا ڪلو ملي ٿو. اس سبب ٻارڙن جي چهري مان پگهر وهي رهيو هو. سندن ڀر ۾ جڏھن ڪا گاڏي بيٺي ٿي ته سندس آس جاڳي ٿي پيئي ۽ سندن چهري ۾ مسڪراهٽ جڳمڳائڻ ٿي لڳي، ٿر سميت ڪوهستان، لاڙ، وچولي، توڙي ساري ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري پورهيت ماڻھن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آھن.
هيءُ حڪومت هن مهانگائي واري صورتحال کي اڳوڻين حڪومتن جي ڪيل ڦرلٽ سان ڳنڍي رهي آھي، اها ڳالھه پنهنجي جاءِ تي، ليڪن موجوده حڪومت به عوام لاءِ ڪجھه به نه ڪري سگهي آھي، حڪومت جي غلط پاليسين سبب عام ماڻھو وڏي مشڪل ۾ ڦاٿل آھن. ڪجھه ماڻھو اهڙن ڏکين دورن کي قدرت جي ناراضگي سان تعبير ڪري رهيا آھن. هن وقت ملڪ ۾ وڏين پارٽين جي رساڪشي ماڻھن جي مشڪل ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آھي، جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف هن وقت اقتدار جي منصب تي براجمان آھي جڏھن ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي مخالف ڌر ۾ آھن ۽ ڪنهن حد تائين حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ خاطر گڏ به آھن پر انهن پارٽين جا ڌار ڌار رستا آھن اهي پارٽيون ڏکئي وقت گڏ ضرور آھن، پر انهن جو گهڻو وقت گڏ ھلڻ مشڪل آھي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت هئڻ ڪري مرڪزي حڪومت ڪورونا ۽ موجوده برساتن ۾ ٻڏل سنڌ جي ماڻھن جي ڪا سار نه لڌي آھي، گڏوگڏ سنڌ حڪومت وري سدائين اهو چوندي ٻڌبي آھي ته مرڪزي حڪومت سنڌ کي حصي جو فنڊ نه ڏيئي سنڌ مان کين ووٽ نه ملڻ جو پلاند ڪري رهي آھي. اهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، پر هن وقت ماڻھو مسلسل مشڪلاتن مان گذري رهيا آھن جن جي ڪوئي سار سنڀال لهڻ وارو ناهي. اٽو، گيهه، تيل، کنڊ، چانهھ ۽ دوائون روز بروز مهانگيون ٿيڻ سان ملڪ ۾ آپگهات جي واقعن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آھي، جيڪو هن دور جو وڏو الميو آھي. نوجوان طبقو جيڪو روزگار جي ڳولا۾ ڀٽڪندو ڀٽڪندو ايئن رهجي ويو آھي جيئن ڪنهن رڻ ۾ اڃايل هرڻ ڦري ڦري ڦان ٿي ڪرندو هجي. تاريخ ۾ موجوده دور به انتهائي مشڪل دور ليکيو ويندو. هن دور ۾ جيتوڻيڪ مارشلائن يا ان کان اڳ وارن دورن جي هڪجهڙائي ته ڪانهي پر معاشي طور  بدحالي۽ انساني حقن جي لتاڙ ۽ جبري گمشدگيون موجود آھن. اهڙي صورتحال ۾ قومي ڪارڪن غيرمحفوظ ۽ عام ماڻھو بيحال ٿي ويو آھي. ان ڪري حڪومت کي اهڙا  انقلابي قدم کڻي عوام جي زندگي سنوارڻي پوندي جنهن سان خوشحال معاشري جا بنياد پئجي سگهن ۽ هڪ بهتر نئين تاريخ رقم ٿئي ٻي صورت ۾ هي دور ته گذري ويندو پر مورخ هن دور کي جڏھن لکڻ ويهندو ته لکندو “تاريخ ۾ هڪ نئين اونداهين دور جو اضافو ٿيو آھي.”

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *